مواد ڏانھن هلو

انڊورا

بيھڪ: 42°30′N 1°31′E / 42.500°N 1.517°E / 42.500; 1.517
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(اينڊورا کان چوريل)
پرنسپلٽي آف اينڊورا

Principat d'Andorra
Flag of اينڊورا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو Coat of arms
شُعار: Virtus Unita Fortior
" گڏيل نيڪي وڌيڪ مضبوط آھي"[1]
'ترانو: El Gran Carlemany (ڪيٽلونيائي)
"عظيم شارليمن"
مڪانيت  انڊورا  (سائي دائري جي وچ ۾) يورپ ۾  (تيز ڀورو)  –  [Legend]
مڪانيت  انڊورا  (سائي دائري جي وچ ۾)

يورپ ۾  (تيز ڀورو)  –  [Legend]

جو مقاماينڊورا
گادي جو هنڌ اينڊورا لا ويلا
42°30′N 1°31′E / 42.500°N 1.517°E / 42.500; 1.517
سڀ کان وڏو شهر گاديءَ جو هنڌ
دفتري ٻوليون ڪيٽلانb
نسلي گروھ 48.8% انڊورن يا انڊوريائي
25.1%اسپيني
12% پورچوگيزي
4.4% فرينچ
9.7% باقي ٻيا
مقامي آبادي اينڊوريئن يا اينڊوريائي
حڪومت وحداني پارلياماني چونڊيل بادشاھت
جوئان اينرڪ وويز سسليا
ايمونيئل ميڪرون
• گورنر جنرل
جوزف ماريا مائري
پيٽرڪ اسٽرزوڊا
زئويئر اسپوٽ زمورا
روزر سون پاسيوٽ
مقننه اينڊورا جي جنرل ڪائونسل
قیام
• ايراگون کان
8 سيپٽمبر 1278 [2][3]
• فرينچ ايمپائر کان
1814
2 فيبروري 1993
پکيڙ
• جملي
467.63 km2 (180.55 sq mi) (178th)
• پاڻي (%)
0.26 (121.4 ھيڪٽر)c
آبادي
• 2019 اندازو
سانچو:واڌ 76,177[4]
•  گھاٽائي
179.8 /km2 (465.7 /sq mi) (71st)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$3.237 ارب ڊالر [5]

انڊورا (انگريزي: Andorra؛ ڪيٽالان: Principat d'Andorra)، سرڪاري نالو، "انڊورا جي پرنسپلٽي"، جزيري نما آئبيريا جو ھڪ خودمختيار ننڍڙو ملڪ آهي، جيڪو اسپين ۽ فرانس جي حدن جي وچ ۾ گھيريل آھي. ان جي اتر م فرانس ۽ ڏکڻ ۾ اسپين واقع آهي. ھي ملڪ پکيڙ ۾ يورپ جو ڇھون نمبر ۽ دنيا جو 16ھون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي جنھن جي پکيڙ 468 چورس ڪلوميٽر (181 چورس ميل) آھي. ھتان جا ماڻھو اطالوي نسل جا ڪيٽلان آھن.[8] آبادي ۾ دنيا جو يارھون ننڍڙو ملڪ آهي.[9] ان جو گاديءَ جو هنڌ اينڊورا لا ويلا آهي، جيڪا يورپ جو بلند ترين گاديءَ جو هنڌ آهي، جن جي سمنڊ جي سطح کان بلندي 1٬023 ميٽر (3٬356 فٽ) آهي. [10] ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي ڪيٽلان آھي.

انھن جو بنياد شارليمن (فرينڪ بادشاھه چارلس I) وڌو. ھن ملڪ تي 988ع تائين ھتان جو حاڪم ڪائونٽ آف اورغيل ھيو جنھن بعد رومن ڪيٿولڪ انتظاميه جي حاڪميت م آيو. موجوده پرنسپلٽي 1278ع ۾ فوئڪس جي ڪائونٽ، اورغيل جي بشپ جي وچ م ٿيل معاھدي تحت وجود ۾ آئي جنھن مطابق ان علائقي تي ٻٽي حاڪميت واري گڏيل بادشاھت جي شروعات ٿي، جن ۾ حاڪم ھڪ ئي وقت ٻہ شھزادا مڃيا ويا، جنهن ۾ ھڪ شھزادو اسپين جو ڪيٽلانيا وارو ڪيٿولڪ بشپ ۽ ٻيو فرانس جي حاڪم طرفان مقرر ڪيل شھزادو شامل ھيا ۽ اھڙي طرح ٻٽي حاڪميت واري ٻن شھزادن وارو راڄ جاري آهي. ڪيٽالان سان گڏوگڏ ھتي اسپيني، پورچوگيزي ۽ فرينچ پڻ عام ڳالھائي وڃي ٿي.[11] ھن ملڪ جي معيشت جو وڏو حصو سياحت آهي. ھر سال ھتي ھڪ ڪروڙ کان مٿي سياح گھمڻ ايندا آهن.[12] ھي ملڪ يورپي يونين جو رڪن ملڪ ناھي پر پوء بہ ھتان جي سرڪاري ڪرنسي يورو آھي. ھن ملڪ 1993ع م گڏيل قومن جي رڪن ملڪ جو درجو حاصل ڪيو. [13]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Andorran Symbols", WorldAtlas۔ 
  2. "Història d'Andorra", Cultura.ad, حاصل ڪيل 26 March 2019۔ 
  3. "Andorra &#124", Enciclopèdia.cat, حاصل ڪيل 26 March 2019۔ 
  4. "Population on 1 January", ec.europa.eu/eurostat, Eurostat, حاصل ڪيل 22 July 2019۔ 
  5. Data in GDP from the World Bank
  6. "2018 Human Development Report", United Nations Development Programme, 2018, حاصل ڪيل 14 September 2018۔ 
  7. "What side of the road do they drive on in Andorra", حاصل ڪيل 19 March 2019۔ [مئل ڳنڍڻو]
  8. Minahan, James (2000). One Europe, Many Nations: A Historical Dictionary of European National Groups. Greenwood Publishing Group. p. 47. ISBN 978-0313309847. https://books.google.com/books?id=NwvoM-ZFoAgC. 
  9. Malankar, Nikhil (18 اپريل 2017), "Andorra: 10 Unusual Facts About The Tiny European Principality", Tell Me Nothing, حاصل ڪيل 13 جون 2017۔ 
  10. "Maps, Weather, and Airports for Andorra la Vella, Andorra", Fallingrain.com, حاصل ڪيل 26 August 2012۔ 
  11. "Background Note: Andorra", State.gov, حاصل ڪيل 14 مئي 2015۔ 
  12. "HOTELERIA I TURISME", اصل کان 12 September 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 14 May 2015۔ 
  13. "United Nations Member States", Un.org, حاصل ڪيل 14 مئي 2015۔ 

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]