خلافت تحريڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خلافت تحريڪ مسلمانن جي اهڙي تحريڪ هئي جنهن ننڍي کنڊ جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا. پهرين عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ برطانيا ۽ ان جي اتحادين ترڪيءَ جي خلافت سلطنت جا ٽڪرا ڪري ڇڏيا. هندستان جي مسلمانن خلافت کي سلامت رکڻ ٿي چاهيو. ان مقصد جي حاصلات لاءِ هنن خلافت تحريڪ شروع ڪئي. ڪانگريس هن تحريڪ ۾ مسلمانن جي حمايت ڪئي، اهڙِي هندو مسلم ايڪي انگريز حڪومت لاءِ مشڪل پيدا ڪري وڌي. 23 نومبر 1919ع دهلي ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ سنڌ مان مولانا پير تراب علي شاهه راشدي ،پير محبوب شاهه راشدي، مولانا پير احسان الله شاهه راشدي ،مولانا تاج محمد امروٽي، جان محمد جوڻيجو ۽ سيٺ عبدالله هارون شرڪت ڪئي. هندستان جي مسلمانن دهليءَ ۾ مرڪزي خلافت ڪاميٽي جوڙي. سنڌ ۾ پڻ ان جو بنياد وڌو ويو. سنڌ ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي ته ٻين سنڌ جي پيرن سان گڏ پير غلام مجدد جان سرهندي به ڀرپور حصو ورتو ۽ تقريرون ڪيون. حڪومت جڏهن پير محبوب شاهه راشدي جهنڊي واري، سندن ننڍي ڀاءُ رشد الله ۽ پير تراب علي شاهه کي گرفتار ڪيو ته سڄي سنڌ ۾ باهه ٻري ويئي. هڪڙي پاسي اهي جدوجهد ڪندڙ عظيم ڪردار هئا ته ٻئي پاسي مولوي فيض الڪريم هو جنهن ترڪن جي خلافت خلاف فتويٰ تي صحيح ڪري سنڌ جي لاءِ بدناميءَ جو داغ بڻيو.[1] سنڌ ۾ مولوي فيض الڪريم خلافت تحريڪ جي مخالفت ۾ هڪ فتوا جاري ڪئي جنهن تي 95 مذهبي اڳواڻن، پيرن ۽ علمائن جون صحيحون هيون. ساڳيءَ ريت ان فتوا جي مخالفت ۽ خلافت تحريڪ جي حمايت ۾ پڻ فتوا جاري ڪئي وئي. اڳتي هلي هجرت تحريڪ شروع ڪئي وئي جنهن ۾ جان محمد جوڻيجو جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ قافلو 7 جولاءِ 1920ع ۾ افغانستان روانو ٿيو.

1923ع تائين پوري هندستان ۾ ان تحريڪ جو زور تڏھن ختم ٿي ويو جڏهن ترڪيءَ ۾ انقلاب آيو ۽ اتي ڪمال پاشا عطا ترڪ حڪومت سنڀالي ورتي. اهڙيءَ ريت هندستان ۾ خلافت تحريڪ پنهنجو موت پاڻ مري وئي. [2]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  • ڪتاب، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ ليکڪ: جي ايم سيد
  • ڪتاب، ”پاڪستان جي آزاديءَ ۾ سنڌ جو حصو“ ليکڪ: ڊاڪٽر محمد لائق زرداري