صحافت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

صحافت (Journalism) ڪنهن به معاملي جي باري ۾ تحقيق ۽ پوء انکي آواز، تصوير يا تحرير جي شڪل ۾ وڏي پيماني تي پڙهندڙن، ناظرين يا سامعين تائين پهچائڻ جي عمل جو نالو آهي۔صحافت جو پيشو ڪرڻ واري کي صحافي چيو ويندو آهي۔  تڪنیڪيي لحاظ سان صحافت جي شعبي جي معنيٰ جا ڪافي جزا آهن پر سڀ کان اهم نڪتو جيڪو صحافت سان منسلڪ آهي اهو عوام کي باخبر رکڻ جو آهي۔ ادارا جيئن حڪومتي ادارن ۽ تجارت جي باري ۾ معلومات فراهم ڪرڻ کان علاوه صحافت ڪنهن به معاشري جي ڪلچر کي به اجاگر ڪندي آهي جنهن ۾ فنون لطيفه، راند ۽ تفريخ جا جزا شامل آهن۔ صحافت جي شعبي سان منسلڪ ڪمن ۾ ادارت، تصويري صحافت، فيچر ۽ ڊاڪيومينٽري وغيره بنيادي ڪم آهن۔ 1605ء ۾ ڇپجڻ واري اخبار، Relation aller Fürnemmen und gedenckwürdigen Historien دنيا ۾ پهرين اخبار شمار ڪئي ويندي آهي۔ دنيا جي سڀ کان پهرين انگريزي اخبار جيڪا 1702ء کان 1735ء تائين جاري رهي، پهرين مقبول ترين اخبار سمجھي ويندي آهي۔[1]صحافت، لفظ صحيفيٰ مان اخذ ٿيل آهي. صحافت ۾ روزمره جي زندگيءَ جا واقعا، حالتون ۽ روزمره جي گهٽنائن کان عوام کي واقف ڪرايو ويندو آھي، عام طور اخبارن ۾ مقامي، ڏيھي ۽ پرڏيھي خبرن ڏيڻ سان گڏوگڏ سفرنامن جون قسطون، ايڊيٽوريل، ڪالم، مختلف ڏڻن تي نڪتل خاص اشاعتون ۽ خاص نمبر وڏو ادبي مواد مھيا ڪيو ويندو آهي. صحافت جا ٻه قسم آھن ھڪ پرنٽ ميڊيا (Print Media)، ٻيو برقي/ اليڪٽرانڪ ميڊيا (Electronic Media). صحافت کي ستن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. روزاني اخبار، هفتيوار، پندرهن روزه، ادبي رسالا، ڊائجيسٽ، پيش ورانه يا خاص گروهه، ريڊيو ۽ ٽي وي جي صحافت. جنهن زماني ۾ صحافت ، اخبارن تائين محدود هوندي هئي، تڏهن صحافت جو دائرو به اخبار نويسيءَ تائين هوندو هو، پر هاڻي صحافت کي خبرن، تبصرن ۽ تجزين، ڪالمن، مضمونن ۽ فيچرن تائين محدود رکي نٿو سگهجي، يا ان کي عوام۽ حاڪمن جي لاڳاپن ۽ رابطن جي پل واري حيثيت به ڏئي نٿي سگهجي، ڇو ته صحافت هڪ اهڙي ڪردار بنائڻ لاءِ ميدان تي آئي آهي، جيڪو قوم ۽ معاشري ۾ ساڃاهه (قوت تميز) وڌائي. بري ڀلي جي تميز کان پوءِ درست ۽ سڌو رستو وٺڻ آسان ٿئي ٿو ۽ ان تي هلڻ قوم جي ضرورت به بنجي ٿو. موجوده دؤر برقي صحافت (Electronic Media) جو دور آهي. بيشمار ٽي وي چينل، انٽرنيٽ، موبائيل وغيره صحافتي زندگيءَ کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. [2]

جديد دور ۾، صحافت مڪمل طور تي نئون رخ اختيار ڪري چکي آهي ۽ عوامي راء تي اثرانداز ٿي آهي۔ عوام جو وڏي پيماني تي اخبارن تي معلومات جا حاصل ڪرڻ جي لاء اعتماد صحافت جي ڪاميابي جو دليل آهي۔ هاڻي اخبارن سان گڏ وڏي پيماني تي عوام تائين رسائي ٽيليويزن، انٽرنيٽ ۽ ريڊيو جي ذريعي به ڪئي وڃي ٿي جنهن جي ڪري دنيا ۾ واقع ٿيڻ وارن واقعن جي باري ۾ معلومات جو حصول انتهائي آسان ٿي ويو آهي۔

رپوزتاز __( Reportage): رپوز تاز اصل ۾ فرينچ ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو انگريزي لفظ ’رپورٽ‘ سان گهرو واسطو آهي. رپورٽ ڪنهن اچانڪ مسئلي جي هو بهو بيان کي چئبو آهي. عام طور رپورٽ روزاني يا هفتيوار اخبار لاءِ لکي ويندي آهي، جنهن ۾ ادبي رس به هوندو آهي. اکين سان ڏٺل واقعي جي دلچسپ نوع ۾قلمبند ٿيل رپورٽ، ”رپوزتاز“ بڻجي ٿي. ليکڪ، رپوزتاز ۾ پنهنجي تصور جو استعمال نٿو ڪري سگهي. رپورتاز ۾ ليکڪ کي ليکڪ ۽ فنڪار جو ٻٽو رول ادا ڪرڻو پوندو آهي. ڪن خاص جلسن، ميلن، ٻوڏن، وچڙندڙ بيمارين ۽ جنگين وقت عوام جي ڏک سک کي ويجهڙائيءَ کان ڏسي، سمجهي ۽ محسوس ڪري رپورتاز جي صورت ۾ جڏهن ليکڪ دل آويز رپورٽ قلمبند ٿو ڪري، تڏهن ئي هو پنهنجي ادبي تخليق ۾ عوام جي صحيح تصوير ٿو پيش ڪري. [3]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Concise History of the British Newspaper in the Eighteenth Century [اٹھارہویں صدی میں برطانوی اخباروں کی تاریخ]" (انگریزی میں)، bl.uk، http://www.bl.uk/reshelp/findhelprestype/news/concisehistoryofthebritishnewspaper/britnews18th/
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  3. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي