سنڌ حڪومت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(Government of Sindh کان چوريل)
Government of Sindh

Provincial Government Seal

صوبائي سرڪار جو جهنڊو
حڪومت جي سيٽ ڪراچي
ليجسليچر
اسيمبلي
اسپيڪر آغا سراج دراني
اسيمبلي ۾ ميمبرَ 168
ايگزيڪيٽو
گورنر عمران اسماعيل
چيف منسٽر مراد علي شاهه
چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه[1]
جوڊشري
هاءِ ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ
چيف جسٽس احمد علي شيخ

'سنڌ سرڪار يا حڪومت سنڌ (انگريزي ٻولي: Government of Sindh) پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ انتظامي معاملن جي آئيني ذميوار آهي، ان جو هيڊ ڪوارٽر۽ مرڪزي آفيسون صوبي جي گادي واري هنڌ ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ آهن. سنڌين کان سميت، صوبو ۾ ٻين قوميت جا ماڻهو پڻ آباد آهن، جنهن جي ڪري هن صوبي جا شهري علائقا ثقافتي طور تي ڇڪتاڻ وارا آهن. سنڌ صوبو جي اولهه ۽ اتر ۾ بلوچستان صوبو، اتر ۾ پاڪستاني پنجاب صوبو ۽ اوڀر طرف اتر هندستان آهي. سنڌي سمنڊ (عربي سمنڊ) سنڌ صوبي جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. صوبي جي وڏين ٻولين ۾ سنڌي، بلوچي، سرائيڪي ۽ اردو شامل آهن.

تاريخي پس منظر[سنواريو]

سال 1843ع ۾ انگريزن آزاد سنڌ مُلڪ تي قبضو ڪيو[2] ۽ 1847ع ۾ سنڌ کي بمبئي پرڳڻي سان ملائي ڇڏيائون.[3] اپريل 1936ع ۾ سنڌ، بمبئيءَ کان الڳ ٿي[3] ۽ پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار اسيمبلي ۽ حڪومت قائم ڪئي،[3] جيڪا 1947ع تائين ننڍي کنڊ جو حصو رهي.[3]

1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي گڏيل هندستان کي ٻن ٽُڪرن ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ورهايو ويو،[3] ۽ 15 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ کي پاڪستان جي هڪ صوبي جي حيثيت ملي.[3] صوبو بڻجڻ کانپوءِ به سنڌ ۾ برطانوي حڪومت وارو قانون رائج رهيو، ان نظام هيٺ وفاق ۾ گورنر جنرل، وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا ۽ صوبن ۾ گورنر، وڏو وزير ۽ صوبائي ڪابينا جا نمائندا حڪومتي ڪاروهنوار هلائيندا پئي رهيا آهن. اڳتي هلي وفاق ۾ گورنر جنرل جي پد يا عهدو کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي ’صدر‘ جو عهدو رکيو ويو.[3]

انتظامي عهدا ۽ عهديدار[سنواريو]

1843ع کان اڳ سنڌ هڪ آزاد ملڪ هيو ۽ ان جو انتظامي سربراهه وزيراعظم هوندو هيو، 1843 کانپوءِ سنڌ تي انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني قبضو ڪري بمبئي پريزيڊينسي يا پرڳڻي سان ملائي چڏيو. 1847 ۾ سنڌ بمبئي پرڳڻي کان ڇوٽڪارو ماڻيو، ۽ بعد ۾ 1947 ۾ پاڪستان ۾ سنڌ کي صوبي جي حيثيت ملي.

سنڌ جا وزير اعظم[سنواريو]

اپريل 1936ع تي سنڌ، بمبئي پرڳڻي کان آزاد ٿي ۽ پهرين سنڌ اسيمبلي 1937ع ۾ چونڊي وئي، ان وقت سنڌ صوبي جو اعليٰ منتظم (چيف ايگزيڪٽور)، پريميئر (Premier) يا وزيراعظم هوندو هو. پاڪستان جي ٺهڻ تائين سنڌ جا هيٺيان پريميئر يا وزيراعظم رهيا آهن.

  1. سر غلام حسين هدايت الله 28 اپريل 1937ع کان 23 مارچ 1938ع تائين سنڌ جو پهريون چونڊيل وزيراعظم هو. سندس سياسي لاڳاپو ’مسلم پيپلز پارٽيءَ‘ سان هيو.
  2. الهه بخش سومرو پهريون ڀيرو 23 مارچ 1938ع تي سنڌ جو وزيراعظم ٿيو ۽ 8 اپريل 1940ع تائين ان عهدي تي رهيو. سندس سياسي لاڳاپو ’اتحاد پارٽيءَ‘ سان هيو. هي سنڌ جو محب وطن سياستدان هو.
  3. مير خان ٽالپر عرف بنده علي خان ٽالپر 18 اپريل 1940ع تي سنڌ جو وزيراعظم چونڊيو ويو ۽ هي 7 مارچ 1941ع تائين ان عهدي تي رهيو. هن جو سياسي لاڳاپو ’آل انڊيا مسلم ليگ‘ سان هيو.
  4. الهه بخش سومرو مير خان عرف بنده علي خان ٽالپر کانپوءِ 7 مارچ 1941ع تي ٻيون ڀيرو سنڌ جو وزيراعظم چونڊيو ويو، هي ان عهدي تي 14 آڪٽوبر 1942ع تائين رهيو.

سنڌ جا گورنر[سنواريو]

  1. سر غلام حسين هدايت الله، 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ٿيو.[3]
  2. جسٽس دين محمد شيخ 4 آڪٽوبر 1948ع تي سنڌ ٻيون گورنر بڻيو. هن گورنري عهدي جو حلف 7 آڪٽوبر 1948ع تي کنيو.
  3. ميان امين الدين کي 12 نومبر 1952ع تي سنڌ جو ٽيون گورنر بڻايو ويو. سندس تعلق بلوچتسان سان هو، ۽ هن پنهنجي عهدي جو حلف 19 نومبر 1952ع تي کنيو.
  4. جارج ڪانسٽينٽائين 25 مئي 1953ع کان 11 آگسٽ 1953ع تائين سنڌ جو چوٿون نمبر گورنر ٿي رهيو.
  5. حبيب ابراهيم رحمت الله سنڌ جو پنجون گورنر هيو، جنهن 12 آگسٽ 1953ع تي گورنري عهدي جو حلف گورنر هائوس ڪراچيءَ ۾ کنيو.
  6. افتخار حسين ممدوٽ سنڌ جو ڇهون گورنر هيو، جنهن 24 جون 1954ع تي عهدي جو حلف کنيو. ان عهدي کان اڳ هي پنجاب، پاڪستان جو وڏو وزير هو. ممدوٽ ون يونٽ قائم ٿيڻ تائين سنڌ جو گورنر رهيو.

ون يونٽ[سنواريو]

سال 1954ع جي پڇاڙيءَ ۾ 14 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ ون يونٽ لڳايو ويو، ۽ ملڪ جي اولهندي علائقي وارن سڀني صوبن کي گڏائي اولهه پاڪستان جو نالو ڏنو ويو، ۽ 1947 ۾ پاڪستان سان شامل ٿيل اوڀر بنگال کي اوڀر پاڪستان صوبي جو نالو ڏنو ويو. ون يونٽ ٿيڻ کانپوءِ 24 آڪٽوبر 1958ع تي جنرل محمد ايوب خان ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ۽ پاڻ ملڪ جو صدر بڻجي ويو. سندس دور حڪمراني 11 سال تائين رهيو، سندس حڪمراني 25 مارچ 1969ع تي ختم ٿي، جنهنکانپوءِ جنرل يحييٰ خان ملڪ جو صدر بڻيو، جنهن پهرين جولاءِ 1970ع تي ون يونٽ جو خاتمو آندو ۽ صوبن جي پراڻي حيثيت بحال ٿي وئي.

يونٽ پڄاڻان هينئر تائين سنڌ جا گورنر[سنواريو]

  1. ليفٽيننٽ جنرل رخمان گل پي. اي کي 1 جولاءِ 1970ع تي سنڌ جو نئون گورنر بڻايو ويو، جيڪو 20 ڊسمبر 1971ع تائين ان عهدي تي رهيو.
  2. ممتاز علي خان ڀٽو کي 22 ڊسمبر 1971ع تي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو، جيڪو 20 اپريل 1972ع تائين ان عهدي تي رهيو. ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ هي پهريون سويلين گورنر سنڌ هيو.
  3. مير رسول بخش ٽالپر کي 1 جون 1972ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هي 14 فيبروري 1973ع تائين گورنر رهيو.
  4. بيگم رانا لياقت علي خان کي 15 فيبروري 1973ع تي سنڌ جي گورنر جي عهدي ڏنو ويو جيڪا 28 فيبروري 1976ع تائين ان عهدي تي رهي. هيءَ ملڪ جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جي زال هئي.
  5. الحاج محمد دلاور خانجي کي 1 مارچ 1976ع تي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو جيڪو 5 جولاءِ 1977ع تائين ان عهدي تي رهيو.
  6. عبدالقادر شيخ کي 6 جولاءِ 1977ع تي سنڌ جي گورنر بڻايو ويو جيڪو 17 سيپٽمبر 1978ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو.
  7. ليفٽيننٽ جنرل ايس. ايم. عباسي کي ضياالحق جي مارشل لا واري زماني ۾ 18 سيپٽمبر 1978ع تي سنڌ جي گورنر بڻايو ويو ۽ هي 16 اپريل 1984ع تائين ان عهدي تي رهيو.
  8. ميجر جنرل محمود اسلم حيات 1984 ۾ سنڌ جو گورنر بڻايو ويو ۽ هي 1980ع تائين هن عهدي تي رهيو.
  9. ليفٽيننٽ جنرل (ر) جهانداد خان 1984ع کان 1987ع تائين سنڌ جي گورنر جي عهدي رهيو. هي آرميءَ جو رٽائرڊ جنرل هو.
  10. اشـرف ڊبليـو تاباني کي 5 جنوري 1987ع سنڌ جو گورنر بڻايو ويو ۽ هي 23 جون 1988ع تائين انهيءَ عهدي تي رهيو.
  11. جنرل (ر) رحيم الدين خان کي 24 جون 1988ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو جيڪو 12 سيپٽمبر 1988ع تائين ان عهدي تي رهيو. هي جنرل ضياء الحق جي دؤر جو سنڌ جو آخري گورنر هو.
  12. جسٽس (ر) قديرالدين احمد 12 سيپٽمبر 1988ع کان 18 اپريل 1989ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو.
  13. جسٽس فخرالدين جي. ابراهيم کي 19 اپريل 1989ع تي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جيڪو 6 آگسٽ 1990ع تائين ان عهدي تي رهيو.
  14. محمود اي. هارون 6 آگسٽ 1990ع تي پهريون ڀيرو سنڌ جو گورنر بڻيو ۽ هي 18 جولاءِ 1993ع تائين ان عهدي تي رهيو.
  15. حڪيم محمد سعيد کي 19 جولاءِ 1993ع تي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو ۽ هي 23 جنوري 1994ع تائين ان عهدي تي رهيو.
  16. محمود اي. هارون کي ٻيو ڀيرو 23 جنوري 1994ع تي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو ۽ هي 21 مئي 1995ع تائين ان عهدي تي رهيو.
  17. ڪمال اظفر کي 22 مئي 1995ع تي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو ۽ هي 16 مارچ 1997ع تائين ان عهدي تي رهيو.
  18. رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل معين الدين حيدر کي 17 مارچ 1997ع تي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو ۽ هي 17 جنوري 1999ع تائين ان عهدي تي رهيو.
  19. ممنون حـسيـن خان کي 19 جون 1999ع تي سنڌ جو گـورنـر بڻايو ويو ۽ هي 19 آڪٽـوبـر 1999ع تائين ان عهدي تي رهيو.
  20. ايئر مارشل عظيم دائودپوٽو جنرل پرويز مشرف جي حڪومت دوران 25 آڪٽوبر 1999ع کان 24 مئي 2000ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو. سندس واسطو پاڪستان ايئر فورس سان هو ۽ هي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو پُٽ هو.
  21. محمد ميان سومرو کي پرويز مشرف حڪومت دوران 25 مئي 2000ع تي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو ۽ هي 26 ڊسمبر 2002ع تائين ان عهدي تي رهي ڪم ڪندو رهيو. هي اقتصادي ماهر ۽ بئنڪر هو.
  22. عشرت العباد خان کي پرويز مشرف جي دور ۾ 27 ڊسمبر 2002ع تي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو ۽ هي 9 نومبر 2016 تائين ان عهدي تي رهيو. هي سڀ کان وڌيڪ ڊگهي عرصي سنڌ جو گورنر رهيو، سندس تعلق متحده قومي موومينٽ سان هيو.
  23. چيف جسٽس رٽائرڊ سعيد زمان صديقي کي 11 نومبر 2016 تي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو ۽ هي جنوري 11، 2017 تائين ان عهدي تي رهيو.
  24. محمد زبير کي 8 فيبروري، 2017 تي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو ۽ هي 29 جولاءِ، 2018 تائين ان عهدي تي رهيو. سندس تعلق پاڪستان مسلم ليگ سان هو.
  25. عمران اسماعيل سنڌ جو هاڻوڪو گورنر سنڌ آهي، هن کي 27 آگسٽ 2018 تي سنڌ جو گورنر بڻايو ويو. هن جو تعلق پاڪستان تحريڪ انصاف سان آهي.

سنڌ جا وڏا وزير[سنواريو]

پاڪستان ٺهڻ کان اڳ انگريزن جي دور ۾ سنڌ جو گورنر سر غلام حسين هدايت الله بڻيو.

  1. غلام حسين هدايت الله کي 14 آڪٽوبر 1942ع تي سنڌ جو وزيراعليٰ بڻايو ويو ۽ هي 14 آگسٽ 1947ع تائين ان عهدي تي رهيو. هن کي انگريزن جو پُٺڀرائي مليل هئي جنهنڪري کيس ’سر‘ جو خطاب ڏنو ويو هو.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هينئر تائين[سنواريو]

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ کي صوبي حيثيت ملي ۽ ان جي صوبائي اعليٰ منتظم (چيف ايگزيڪٽور) کي وڏو وزير يا وزيراعليٰ (چيف منسٽر) سڏيو ويو. هندستان جي ورهاڱي کانپوءِ مـحمـد ايوب کهڙو کي سنڌ جو مُکيا منتري يا وڏو وزير بڻايو ويو.

  1. محمد ايوب کهڙو کي 14 آگسٽ 1947ع تي سنڌ جو پهريون وڏو وزير بڻايو ويو ۽ هي 26 اپريل 1948ع تائين ان عهدي تي رهيو. هن جو سياسي لاڳاپو پاڪستان مسلم ليگ سان هو.
  2. پير الاهي بخش کي 3 مئي 1948ع تي سنڌ جو وڏو وزير يا چيف منسٽر بڻايو ويو ۽ هي 4 فيبروري 1949ع تائين ان عهدي تي رهيو. هن جو سياسي لاڳاپو پاڪستان مسلم ليگ سان هو.
  3. محمد يوسف هارون کي 18 فيبروري 1949ع تي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو ۽ هي 7 مئي 1950ع تائين ان عهدي تي رهيو. هن جو سياسي واسطو پاڪستان مسلم ليگ سان هو.
  4. قاضي فضل الله کي 8 مئي 1950ع تي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو۽ هي 24 مارچ 1951ع تائين ان عهدي تي فائز رهيو. هن جو سياسي لاڳاپو پاڪستان مسلم ليگ سان هو.
  5. محمد ايوب کهڙو کي ٻيون ڀيرو 25 مارچ 1951ع تي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو ۽ هي ان عهدي تي مارچ 1953ع تائين رهيو.

29 ڊسمبر 1951ع کان 22 مئي 1953ع تائين سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو رهيو.

  1. عبدالستار پيرزادو کي 22 مئي 1953ع تي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو ۽ هي 8 نومبر 1954ع تائين وزيراعليٰ جي عهدي تي رهيو.هن جو سياسي لاڳاپو پاڪستان مسلم ليگ سان هو.
  2. محمد ايوب کهڙو کي ٽيون ۽ آخري ڀيرو 9 نومبر 1954ع تي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو ۽ هي 13 آڪٽوبر 1955ع تائين وڏو وزير رهيو، کهڙو جي ئي دور ۾ جنرل ايوب خان مارشل لا ۽ ون يونٽ مُڙهي جنهن کانپوءِ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪئي وئي.
  3. ممتاز علي خان ڀٽو ون يونٽ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ پهريون سويلين وڏو وزير بڻيو. هن پهرين مئي 1972ع تي وزيراعليٰ سنڌ جو حلف کنيو ۽ 20 ڊسمبر 1973ع تائين ان عهدي تي رهيو. هن جو سياسي تعلق پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان هو.
  4. غلام مصطفى خان جتوئي 22 ڊسمبر 1973ع تي سنڌ جو وڏو وزير بڻيو ۽ 5 جولاءِ 1977ع تائين ان عهدي تي رهيو. هن جو ان وقت تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي سان هو.
  5. سيد غوث علي شاهه، ضياءالحق جي دور ۾ 6 اپريل 1985ع کان 6 اپريل 1986ع تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو. هن جو سياسي واسطو پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان هو.
  6. اختر علي جي. قاضي کي 11 اپريل 1988ع تي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو ۽ هي 24 جون 1988ع تائين ان عهدي تي رهيو. هن جو سياسي واسطو اسلامي جمهوري اتحاد سان هو.

24 جون 1988ع تي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو، جيڪو 31 آگسٽ 1988ع تائين رهيو. گورنر راڄ جي خاتمي کانپوءِ اختر علي جي. قاضيءَ کي نگران وزيراعليٰ بڻايو ويو.

  1. اختر علي جي. قاضي کي 11 اپريل 1988ع تي سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو ۽ هي 2 ڊسمبر 1988ع تائين ان عهدي تي رهيو.
  2. سيد قائم علي شاهه کي مارشل لا کانپوءِ 2 ڊسمبر 1988ع تي سنڌ جو پهريون سويلين وڏو وزير مقرر ڪيو ويو ۽ هي 25 فيبروري 1990ع تائين سنڌ جي وڏ وزارت واري عهدي تي رهيو. سنڌ جي وڏ وزارت تي هي سندس پهريون دور هيو. هن جو سياسي لاڳاپو پاڪستان پيپلز پارٽي سان هيو.
  3. آفتاب شعبان ميراڻي کي 25 فيبروري 1990ع تي سنڌ جي وڏ وزارت ملي ۽ هي 6 آگسٽ 1990ع تائين وڏ وزارت جي عهدي تي رهيو. هن جو سياسي لاڳاپو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان هيو.
  4. ڄام صادق علي کي 6 آگسٽ 1990ع تي سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو.
  5. سيد مظفر حسين شاهه کي 6 مارچ 1992ع تي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو ۽ هي 19 جولاءِ 1993ع تائين ان عهدي تي رهيو.
  6. سيد علي مدد شاهه کي 19 جولاءِ 1993ع تي سنڌ جو نگران وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو، جيڪو 21 آڪٽوبر 1993ع تائين ان عهدي تي رهيو.
  7. سيد عبدالله شاهه کي 21 آڪٽوبر 1996ع تي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو ويو ۽ کيس 6 نومبر 1996ع تي سنڌ جي وڏوزارت جي عهدي تان هٽايو ويو.
  8. ممتاز علي خان ڀٽو کي ٻيون ڀيرو 7 نومبر 1996ع تي سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو ۽ هي 22 فيبروري 1997ع تائين ان عهدي تي ذميواريون سنڀاليندو رهيو.
  9. لياقت علي خان جتوئي کي 22 فبروري 1997ع تي سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو ويو. هن جي حڪومت دوران 30 آڪٽوبر 1998ع تي ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف سنڌ صوبي ۾ گورنر راڄ مڙهيو ۽ کيس وڏ وزارت واري عهدي تان هٽائي ڇڏيائين.

12 آڪٽوبر 1999ع تي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف، نواز شريف جي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ پاڻ پاڪستان جو پهريون چيف ايگزيڪيوٽو وارو عهدو سنڀاليو. سندس حڪومت دوران ڊسمبر 2002 ع ۾ ملڪ اندر عام چونڊون ٿيون ۽ 17 ڊسمبر 2002ع تي سنڌ صوبي ۾ مڙهيل گورنر راڄ کي به ختم ڪيو ويو.

  1. علي محمد مهر کي 17 ڊسمبر 2002ع تي سنڌ جو وڏو وزير يا چيف منسٽر بڻايو ويو ۽ هن 9 جون 2004ع تي پنهنجي آئيني مدي پوري ٿيڻ کان اڳ ئي ان عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. هن جو سياسي لاڳاپو پاڪستان مسلم ليگ (ق) سان هيو.
  2. ارباب غلام رحيم کي 9 جون 2002ع کانپوءِ سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. ارباب غلام رحيم پاڪستان مسلم ليگ (ق) سنڌ جو صدر پڻ هو. هن جي سرڪار جو مدو 19 نومبر 2007ع تي پاڻمرادو پورو ٿي ويو.
  3. عبدالقادر هاليپوٽو کي 19 نومبر 2007ع تي سنڌ جو نگران وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو ۽ هي 6 اپريل 2008ع تائين ان عهدي تي رهيو.
  4. سيد قائم علي شاهه کي ٻيون ڀيرو 6 اپريل 2008ع تي سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو ويو ۽ هي 20 مارچ 2013ع تائين ان عهدي تي رهيو، هي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مدو پورو ڪندڙ سنڌ حڪومت جو وڏو وزير هيو.
  5. جسٽس زاهد قربان علوي 21 مارچ 2013ع کان 30 مئي عام چونڊن ۽ نئين حڪومت جي جوڙجڪ تائين نگران وزيراعليٰ رهيو.
  6. سيد قائم علي شاهه کي ٽيون ڀيرو، سنڌ جي وزيراعليٰ جو عهدو 30 مئي 2013ع تي ڏنو ويو ۽ هي 25 جولاءِ 2016 تائين ان عهدي تي رهيو.
  7. سيد مراد علي شاهه (پهريون ڀيرو) 29 جولاءِ 2016 کان 28 مئي 2018ع تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو.
  8. فضل الرحمٰن (نگران) 2 جون 2018ع کان 17 آگسٽ 2018 تائين سنڌ جو نگران وڏو وزير رهيو.
  9. سيد مراد عليشاهه (ٻيون ڀيرو)آگسٽ 18, 2018 کان هينئر تائين سنڌ جو وڏو وزير آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Mumtaz Ali Shah takes office as new chief secretary". thenews.com.pk. دي نيوز انٽرنيشنل. 
  2. "سنڌ ۾ انگريزن جو دور حڪومت : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-01. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 3.7 "سنڌ حڪومت : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-08-29.