لياقت علي جتوئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لياقت علي جتوئي ولد عبدالمجيد جتوئي 1948 تي ٻيٽو جتوئي، تعلقي ميهڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. پاڻ معروف سياسي شخضيت آهي.

لياقت علي جتوئي تعليم مقامي اسڪولن مان حاصل ڪئي. سنڌ يونيورسٽي مان سياست مان ايم اي ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ ئي ليڪچرار مقرر ٿيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ نوڪري ڇڏي عملي طور سياست ۾ داخل ٿيو.

ڄام صادق علي جي وزارت ۾ سنڌ جو وزير خزانہ ۽ ايڪسائيز جو وزير پڻ رهيو. جڏهن نواز شريف پاڪستان جو وزير اعظم ٿيو تہ هن لياقت جتوئي کي سنڌ جو وزير اعلى مقرر ڪيو.

پاڻ سگهو ئي بجلي ۽ پاڻي جو وفاقي وزير جو عهدو پورو ڪيو.