مواد ڏانھن هلو

غلام حسين ھدايت الله

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
غلام حسين ھدايت الله
سر
سنڌ جو پھريون وزير اعظم
(1937 کان 1938)
پيشرو عھدي جي شروعات
جانشين الله بخش سومرو
سنڌ جو پھريون گورنر
(1947 کان 1948)
پيشرو عھدي جي شروعات
جانشين شيخ دين محمد
سنڌ جو پنجون وزير اعظم
(1942 کان 1947)
پيشرو الله بخش سومرو
جانشين محمد ايوب کهڙو
ذاتي تفصيل
پيدائش جنوري 1878
شڪاپور
وفات 4 آڪٽوبر 1948
ڪراچي
جيون ساٿي صغرہ بيگم (شادي :1940)
اعزاز *خانبهادر جو خطاب
  • سر جو خطاب (1926 ۾)
  • نائيٽ ڪمانڊر اسٽار آف انڊيا (1933 ۾)

غلام حسین ھدايت اللہ (انگريزي: Sir Ghulam Hussain Hidayatullah )(1879ع-1948ع) صوبي سنڌ جو پاڪستان جي قيام کان اڳ ٻہ دفعا وزيراعظم (1937 کان 1947 تائين سنڌ جي چيف ايگزيڪيوٽو کي سرڪاري طور تي وزيراعظم سڏيو ويندو هو جيڪو عھدو پاڪستان ٺھڻ بعد پھرين دفعو وزير اعلي بڻيو) ۽ پاڪستان جي قيام بعد سنڌ جو پھريون گورنر رھيو. پاڻ سنڌ جو نامور سياستدان ھيو.

ابتدائي زندگي

[سنواريو]

سر غلام حسين جو والد چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڪشمير مان لڏي اچي شڪارپور ۾ ويٺو هو، جتي پوءِ مسلمان ٿيو، ۽ مڪاني پٺاڻن مان شادي ڪيائين. سندس نالو ميان هدايت الله هو. کيس ان شاديءَ مان ٻه فرزند (1) حبيب الله، ۽ (2) ميان غلام حسين، ۽ هڪ نياڻي هئي. هن اها نياڻي پٺاڻن ۾ ڏني. سندس گهر واريءَ جونالو حور بيبي هو. ميان غلام حسين جنوري 1878ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ڄائو هو[1]. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ننڍي هوندي، والد جي وفاتيءَ بعد، هي روزگار جي گهٽتائيءَ ڪري، رات جو ميونسپل بتين تي اسڪول جا سبق ياد ڪندو هو. ابتدائي تعليم مڪاني مدرسن ۾ وٺي، پوءِ شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ تعليم ورتائين. چوڻ ۾ اچي ٿو ته مئٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرسي مان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ ويٺو، جتان بي. اي. جو امتحان پاس ڪري، وڪالت جي سند گورنمينٽ لا اسڪول بمبئيءَ مان وٺي، 1905ع ڌاري اچي حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. ٿوري ئي عرصي ۾، پوءِ هو حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڳتي هلي ميونسپالٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ ٿيو. نومبر 1909ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ حيدرآباد جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو.[1].

سياسي زندگي

[سنواريو]

هن جي سرگرم سياسي زندگي ليجسليٽو ڪائونسل تي، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي تڪ مان، نومبر 1912ع ۾ چونڊجڻ کانپوءِ شروع ٿئي ٿي، جنهن تي سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کان ٿورو اڳ تائين ميمبر رهندو آيو. نون سڌارن ملڻ بعد، 1921ع ۾، هي بمبئي حڪومت ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ کاتي جي چارج ۾ وزير مقرر ٿيو. انهيءَ وقت هن لوڪل سيلف گورنمينٽ ايڪٽ، بمبئي، کي درست ڪري، پاس ڪرايو، جنهن ۾ ڪيترائي نوان سڌارا آندائين. خصوصاَ سنڌ ۾ آدمشماريءَ جي لحاظ کان مسلمانن کي لوڪل بورڊ ۾ نمائندگي وٺي ڏنائين. 1923ع جي چونڊن ۾ وري هي حيدرآباد ضلعي مان ميمبر چونڊيو، ۽ لاڳيتو وزير رهندو آيو. 1927ع ڌاري. پي. ڊبليو. ڊي منسٽر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. خانبهادريءَ جو خطاب کيس اڳي ئي ڪجهه وقت کان مليل هو. هاڻ 1926ع ۾ برٽش سرڪار طرفان کيس "سر" (K.C) جو خطاب مليو.[1]. 1928ع ۾ کيس بمبئي سرڪار ۾ اضافو ڏيئي، ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر ڪري رکيو ويو. انهن ڏينهن ۾، حڪومت جو سرشتو ڊائرڪي طريقي جو هو، جنهن ۾ ڪي کاتا ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن کي ڏنا ويندا هئا، جن کي وزير سڏيو ويندو هو، ۽ مکيه کاتا تجربيڪار سرڪاري آفيسرن يا تجربيڪار پراڻن وزيرن کي پروموشن ڏيئي ڏنا ويندا هئا. انهن کي "ايگزيڪيوٽو ميمبر" ڪري سڏيو ويندو هو..[1] 1932ع ۾، سر غلام حسين هدايت الله، بمبئي سرڪار جي مشهور مالي ميمبر سر گووندراءِ پرڌان جي جاءِ تي مالي ميمبر جي ڪم جي چارج ورتي. ٻئي سال، 1933ع ۾، هن کي برٽش سرڪار طرفان (K.C.S.I) (نائيٽ ڪمانڊر اسٽار آف انڊيا) خطاب مليو. 1933ع ڌاري، بمبئي گورنر جي موڪل تي وڃڻ ڪري، عارضي گورنر جي مقرري ٿيڻي هئي. هي سڀني ايگزيڪيوٽو ميمبرن ۾ سينئر ميمبر هو، ليڪن انگريزن هن جي حق کي ريٽي، سر ارنيسٽ هاسٽن، هوم ميمبر، کي گورنر مقرر ڪيو، جنهن تي سياسي حلقن ۾ حڪومت تي گهڻي نڪته چيني ٿي.[1]. 1930ع ۾ گول ميز ڪانفرنس لنڊن ۾ ڪٺي ٿي، جنهن ۾ بمبئي سرڪار طرفان هي عيوضي ٿي شرڪت لاءِ ويو. اتي هن سنڌ جي جدائيءَ واري ڪميٽيءَ ۾، بيمار هئڻ جي باوجود، پاڻ کڻائي، وڃي سنڌ جي جدائيءَ جي فائدي ۾ پرزور تقرير ڪئي هئي.[1]. 1933ع ۾، کيس وڌيڪ هڪ سال لاءِ ايگزيڪيوٽو ميمبر جي عهدي تي رکيو ويو، ۽ جون 1934ع ۾ انهيءَ ميمبريءَ تان رٽائر ٿيو.[1]. 1934ع ۾، زميندارن طرفان سنڌ جو عيوضي ٿي، هو وائسراءِ جي مرڪزي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ويو. 1936ع ۾، جڏهن سنڌ جدا ٿي، ته هڪ سال لاءِ ائڊمنسٽريٽو ڪائونسل مقرر ڪري ڪم هلايو ويو. سر غلام حسين هدايت الله اُن ڪائونسل جو چيئرمين ٿي ڪم ڪيو.[1]. 1937ع جي چونڊن ۾، هي مسلم پوليٽيڪل پارٽيءَ طرفان سنڌ اسيمبليءَ تي زميندارن طرفان چونڊجي آيو. اتحاد پارٽيءَ جي مکيه ليڊرن سر شاهنواز خان ڀٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون کي چونڊن ۾ شڪست ملڻ ڪري، گورنر سنڌ هن کي تجربيڪار سياستدان ۽ مدبر سمجهي، وزارت ٺاهڻ لاءِ گهرايو، جيتوڻيڪ هن جي پنهنجي پارٽيءَ جي طاقت فقط پنجن ميمبرن تائين محدود هئي، هن پوءِ ٿوري وقت ۾ ڪيترن گروپن کي ٺاهي، ميمبرن جي ميجارٽي پنهنجي طرف ڪري ڇڏي. ان سندس پهرينءَ وزارت ۾ مير بنده علي خان ٽالپر ۽ مکي گوبند رام وزير هئا. سندس پارليامينٽري سيڪريٽرين ۾ ديوان بهادر هيرانند کيمسنگ، خانبهادر سيد محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سيد ميران محمد شاهه هئا .[1]. 1938 م الله بخش سومرو جي حڪومت قائم ٿي تہ سر غلام حسين مخالف ڌر ۾ ويٺو.[1]. پاڪستان سنه 1947ع ۾ وجود ۾ آيو. ان بعد سنڌ جو گورنر، سر مودي، پنجاب جو گورنر مقرر ٿيو، ۽ ان جي جاءِ تي سر صاحب سنڌ جو پهريون پاڪستاني گورنر مقرر ٿي.[1] .

شاديون ۽ اولاد

[سنواريو]

سر صاحب ٻه شاديون ڪيون هيون. کيس پهرينءَ بيبيءَ مان هڪ نياڻي ٿي. سندس ٻي بيبي بيگم صغرا هدايت الله آهي. ان مان کيس چار فرزند ٿيا. (1) انور حسين، (2) منور حسين، (3) الطاف حسين، ۽ (4) ممتاز حسين. سندس ٻئي فرزند، لاهور ميل جي حرن هٿان ڪرڻ واري حادثي ۾، انتقال ڪيو.[1].

وفات

[سنواريو]

جناح صاحب 11 سيپٽمبر 1948ع تي انتقال ڪيو. سر غلام حسين به اڳ ۾ بي چاڪ هو. هن سگهوئي پوءِ، 4 آڪٽوبر 1948ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي پراڻي عيدگاهه ۾ دفن ڪيو ويو.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005