آغا سراج دراني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

آغا سراج دراني
معلومات شخصيت
ڄم سنه 1955 (عمر 63–64 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
مناصب
صوبائي اسيمبلي سنڌ جا رڪن[1]   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو سنڀاليو
13 آگسٽ 2018 
عملی زندگی
مادر علمي سنڌ مسلم لا ڪاليج  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مادر علمي (P69) وڪي ڊيٽا تي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

آغا سراج خان دراني- سنڌ جي ڄاتل سڃاتل سياسي گهراڻي جو فرد آهي. هن -آغا- صدر الدين درانيءَ جي گهر ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ 1955ع ۾ -جنم- ورتو. هن سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان 1971ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. 1975ع ۾ بي.ڪام ۽ 1977ع ۾ -ايس-.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل ايل بي پاس ڪئي. هن لنڊن مان بار ايٽ لا ڪرڻ جو سوچيو، پر اهو شوق ملتوي ڪيائين. -آمريڪا- جي ٽيڪساس يونيورسٽيءَ ۾ هڪ سال ايم.بي اي پڙهيو، پر بعد ۾ ٽيڪساس يونيورسٽيءَ ۾ PPP جو آرگنائيزر رهيو. PPP جي پليٽ فارم -تان- 1988ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1990ع ۾ ڄام صادق جي دور ۾ جيل ۾ رهيو. جيل دوران هو صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ PPP جي حڪومت ۾ -ٽائون- پلاننگ جو وزير مقرر ٿيو. 1993ع ۾ -تعليم- کاتي جو صوبائي وزير ٿيو. 2002ع جي عام چونڊن ۾ شڪست کاڌائين، پر 2008ع ۾ PPP جي پليٽ فارم -تان- صوبائي چونڊن ۾ کَٽيو ۽ حڪومت سنڌ ۾ بلديات جو صوبائي وزير آهي. -آغا- سراج صاحب شهيد بينظير ڀٽو توڙي آصف زرداريءَ جو سيڪيورٽي انچارج پڻ رهيو آهي.[2]