حڪومت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪنھن مملڪت جي ادارن ، منصوبن ۽ خيالن کي ظاهر ڪرڻ ۽ انجو نظام هلائڻ جي لاء حڪومت (Government) جي تشڪيل عمل ۾ آندي ويندي آهي. ۽ سٺي حڪومت مملڪت جي فلاح ۽ بھبود ۽ خراب حڪومت ملڪ جي تباهي ۽ بربادي جو سبب هوندي آهي. مملڪت جي طاقت ۽ ڪمزوري جو اندازو بہ ان جي حڪومت مان لڳائي سگهجي ٿو. دنيا ۾ ڪيترن ئي قسمن جون حڪومتون قائم آهن جيڪي عليحده عليحده طريقن سان هلن ٿيون. مثلاً شخصي حڪومت، اشرافي حڪومت، جمھوري حڪومت، ۽ وفاقي حڪومت. عام طور تي هر حڪومت جي پيش نظر هيٺ ڏنل مقصد هوندا آهن.

  • ملڪ کي ٻاهرين دشمنن جي حملي کان بچائڻ ۽ اندروني جھيڙا طي ڪرڻ.
  • ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف اخلاقي ۽ اجتماعي ترقي جي لاء قانون ٺاهڻ ۽ رائج ڪرڻ.
  • رعايا جي تعليم ۽ ترقي ۽ معاشرتي حالت جي اصلاح جي لاء ڪوشش ۾ رهڻ وغيره وغيره

قسم[سنواريو]

حڪومت جا مختلف قسم هوندا آهن. مختلف دورن ۾ حڪومت مختلف شڪلن ۾ ملندي آهي. جيئن بادشاهت جيڪو پھرين سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيڻ وارو قسم هيو، هن کان بعد اسانجي سامھون مديني رياست جي خلافت سامھون آئي جيڪو حڪومت جو هڪ نئون انداز هيو.هن کان بعد جمھوريت آئي جيڪا اڄ ڪلھ جي دنيا جي 9/10 حصي کان بہ وڌيڪ آهي هن نظام ۾ سڌوسنئون عوام پنھنجا رهنما چونڊيندو آهي. حڪومت جو هڪ طرز آمريت بہ آهي جيڪو جمھوريت جو ضد آهي ۽ جنھن ۾ ڏنڊي جي زور تي حڪومت ڪئي ويندي آهي.

پڻ ڏسو[سنواريو]