عمر بن محمد دائود پوٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو
Dr. Umar Bin Muhammad Daudpota
پيدائش مارچ 25 1896(1896-03-25)ع
دادو ضلعو، برطانوي ھندستان (ھاڻوڪو پاڪستان)
وفات نومبر 22 1958(1958-11-22)ع
ڪراچي، پاڪستان
قلمي نالو عمر بن محمد دائود پوٽو
ڌنڌو ماھرِ تعليم، ماھرِ سنڌيات، ماھرِ لسانيات، محقق، معلم
ٻولي سنڌي، انگريزي
شهريت  پاڪستان پاڪستاني
تعليم ايم اي ، پي ايڇ ڊي (مقالو:فارسي شاعري تي عربي شاعری جو اثر)
مادرِ علمي سنڌ مدرسته الاسلام، ڪيمبرج يونيورسٽي
صنف سنڌيات، لسانيات، تحقيق

شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو (پيدائش: 25 مارچ، 1896ع - وفات: 22 نومبر، 1958ع) پاڪستان سان تعلق رکڻ وارو ممتاز ماھرِ تعليم، ماھرِ سنڌيات، ماھرِ لسانيات ۽ محقق ھيو جن کي برطانوي حڪومت ھندستان شمس العلماء جي خطاب سان نوازيو.

حالات زندگي[سنواريو]

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو 25 مارچ، 1896ع تي سنڌ جي ضلعي دادو، برطانوي ھندستان (ھاڻوڪي پاڪستان) جي ھڪ غريب گھراڻي ۾ پيدا ٿيا.[1][2].ھن 1917ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي کان ميٽرڪ جي امتحان ۾ پوري سنڌ ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي. 1921ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي کان بي اي جو امتحان پاس اور ھن ڀيري بہ پوري سنڌ ۾ پھرين پوزرشن حاصل ڪئي. 1923ع ۾ ھن بمبئي يونيورسٽي کان ايم اي جي امتحان ۾ ٽاپ ڪئي جنھن جي وجھہ سان حڪومت ھند ان کي اسڪالرشپ تي وڌيڪ اعليٰٰ تعليم جي لاءِ برطانيا موجلي ڇڏيو جتي ھن ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ فارسي شاعري تي عربي شاعري جو اثر جي عنوان سان مقالو لکي ڪري پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.[2]

ملازمت[سنواريو]

وطن واپسي کان بعد ھو مختلف اھم عھدن تي فائز رھيا. جن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جي پرنسپل شپ ۽ اساعيل ڪاليج بمبئي ۾ پروفيسر شپ شامل آھن. 1939ع ۾ کين سنڌ صوبي ۾ محڪمي تعليم جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو.[2]

اعزاز[سنواريو]

1941ع ۾ حڪومت کينشمس العلماء جي خطاب سان سرفراز ڪيو. پاڻ ننڍي کنڊ جي آخري علمي شخصیت ھيا جنکي ھي خطاب عطا ٿيو ھو.[2]

ادبي خدمتون[سنواريو]

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو سڀ کان وڏو ڪارنامو سنڌ جي ٻن مشھور فارسي تاريخن چچ نامو ۽ تاريخ معصومي جي ترتيب آھي ھنن عربي، فارسي ٻولي ۽ انگريزي ۾ 28 ڪتاب يادگار ڇڏيا. ھو آخري عمر تائين علم ۽ ادب جي خدمت ڪندا رھيا.[2]

وفات[سنواريو]

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي 22 نومبر، 1958ع تي ڪراچي، پاڪستان ۾ انتقال ڪيو ۽ ڀٽ شاھ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار جي احاطي ۾ مدفون ٿيا.[3][2]

حوالا[سنواريو]

  1. ص 154، پاڪستان ڪرونيڪل، عقيل عباس جعفري، ورثو / فضلي سنز، ڪراچي، 2010ء
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو،پاڪستاني ڪنيڪشنز، برمنگھم برطانيہ, وقت 2016-03-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-02-26 
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named پاکستان ڪرونيڪل