گورنمنٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ,1935
مڪمل نالو انڊيا جي حڪومت لاء وڌيڪ قانون جي فراهمي
تاريخون
شاھي منظوري

24 جولاءِ

1935
نفاذ 1 اپريل 1937
منسوخي

26 جنوري

1950 (انڊيا ۾)
23 مارچ 1956 (پاڪستان ۾)
19 نومبر 1998 ( يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۾)
ٻي قانونسازي
منسوخ ڪندڙ

انڊيا جو آئين (انڊيا ۾)
پاڪستان جو 1956 وارو آئين (پاڪستان ۾)


اسٽيچو لا (رپيل) ايڪٽ 1998 (يو.ڪي. ۾)
Text of statute as originally enacted


گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935(انگريزي: Government of India Act 1935) برطانياجي پارليامينٽ جو پاس ڪيل قانون ھيو جنھن جي شاھي منظوري 25 آگسٽ 1935 ۾ ملي ۽ 1999 م ان جي منسوخي جي شاھي منظوري ڏني وئي.1999 ع تائين، ان وقت قائم ٿيل پارليامينٽ (برطانوي) جو سڀ کان وڏي وقت تائين عمل ۾ رھندڙ قانون ھيو.گريٽر لنڊن اٿارٽي ايڪٽ 1999 ان جي ڊيگھ کي پوئتي ڪيو. ان جي ڊيگھ جي سبب کان، ان ايڪٽ کي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ، 1935 (ٻيھر-ڇپيل) (26 Geo 5 ۽ 1 Edw. 8 سي. 1) کان ھيٺئين ٻہ الڳ الڳ ايڪٽ ۾ ورھايو ويو:

  1. گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ، 1935 (26 Geo. 5 ۽ 1 اي ڊو Edw. 8 سي 2)، جنھن ۾ 321 سيڪشن ۽ 10 شيڊول آھن.
  2. گورنمنٽ آف برما ايڪٽ، 1935 (26 جيوGeo. 5 ۽ 1 اي ايڊوEdw. 8 سيC 3)، جنھن ۾ 159 سيڪشن ۽ 6 شيڊول آهن.

ننڍي کنڊ (ھندستان جي ورھاست) کان اڳ، گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935 برطانوي راڄ جو آخري آئين هيو.[1] اھو قانون 1935 کان 14 ۽ 15 آگسٽ 1947 تائين برٽش انڊيا جو آئين ھيو ۽ ان بعد پاڪستان ۾ 1956 تائين ۽ انڊيا ۾ 1950 تائين عبوري آئين سمجھيو ويندو ھو. هندستاني سياسي ۽ آئيني تاريخ جي ادب ۾ ايڪٽ ۾ اصل لکت بدران مختصر طور گورنمنٽ آف انڊيا ايڪٽ، 1935 (يعني 26 جيو.Geo 5 ۽ 1 ايڊو.Edw 8 سي. 2) ڏانھن عام حوالو طور وڃي ٿو.[2]

پس منظر[سنواريو]

ھن قانون پاس ٿيڻ واري دؤر م انڊيا جا ماڻھن جي اوڻويھين صدي کان ٿيندڙ حڪمراني م حصي جي مطالبي تي جدوجهد زور وٺي چڪي ھئي. پھرين جنگ عظيم جي انت کانپوءِ برٽش سرڪار ان سلسلي ۾ سڌارا آڻڻ لاء نہ چاھيندي بہ مجبور ٿي ۽ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1919 برٽش پارليامينٽ مان پاس ڪرائي نافذ ڪيو ويو جنھن ۾ ٻٽي (diarchy) صوبائي حڪمراني جو ھڪ انوکو نظام متعارف ڪرايو ويو جنھن ۾ ڪجھ معاملا صوبائي سرڪار جي ذميداري م ڪجھ وري افسرشاھي جي ذميداري م رکيا ويا. مثال طور: تعليم جو ذميدار وزير ھيو جيڪو صوبائي اسيمبلي آڏو جوابده ھيو پر امن امان ۽ مالياتي معاملن جو ذميدار سرڪاري آفيسر ھيا جيڪي صرف برطانوي حڪومت طرفان مقرر ڪيل گورنر جي آڏو جوابده ھيا. اھو تجربو ناڪام ويو ڇوتہ ھندوستان جي ماڻھن ان جي مخالفت ڪئي. برٽش سرڪار معاملن جو جائزو وٺڻ لاء سائمن ڪميشن موڪلي پر ھندوستان جي ماڻھن سائمن ڪميشن جي ھر ھنڌ مخالفت ڪئي ۽ ان جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ھندوستان م بااختيار حڪمراني ۾ حصي جو مطالبو ڪيو. 1930 واري ڏھاڪي ۾ آئيني جوڙجڪ جي سلسلي ۾ گول ميز ڪانفرنسون پڻ منعقد ڪيون ويون جن م ھندوستان جي سمورين سياسي ڌرين ۽ پرنسلي رياستن جي حاڪمن سميت نمائندگي ڏني وئي.اھڙي طرح ھڪ وفاقي نظام قائم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو جن م انڊيا جا سمورا صوبا ۽ پرنسلي رياستون شامل ھونديون. اھو پڻ طئي ٿيو ته پرنسلي رياستن کي شامل ٿين يا نہ ٿيڻ جو اختيار پڻ ڏنو ويندو. ان وقت جي برطانيا جي اقتدار ۾ آيل ڪنزرويٽو پارٽي ان متعلق وائيٽ پيپر جي صورت ۾ رٿون تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. لارڊ لنلثگو وڪٽر ھوپ جي سربراهي ۾ ھڪ جوائنٽ پارلياماني سليڪٽ ڪاميٽي اپريل 1933 کان نومبر 1934 تائين انھن رٿن واري وائيٽ پيپر جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪئي جيڪا برطانيا جي ھائوس آف ڪامن ڊسمبر 1934 ۾ منظور ڪئي.[3] ان وائيٽ پيپر جي بنياد تي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ تيار ڪيو ويو جنھن م 473 شقون ۽ 16 شيڊول ھيا ۽ بحثن جون رپورٽون 4000 صفحن تي مشتمل ھيون .[4]

قانون جو جائزو[سنواريو]

ھن قانون ذريعي صوبن جي 1919 واري ايڪٽ جي متعارف ڪرايل ٻہ ايواني نظام جو خاتمو آڻي انھن جي خودمختياريءَ م اضافو ڪيو ويو پر ان لاء ڪجھ شرط پڻ متعين ڪيا ويا جن مطابق اھم اختيار صوبائي گورنرن کي ڏنا ويا ۽ برٽش گورنمينٽ کي ڪنھن بہ صوبائي حڪومت کي برطرف ڪرڻ جا اختيار برقرار رکيا ويا؛ برٽش انڊيا ۽ پرنسلي رياستن کي ملائي ھڪ وفاق قائم ڪيو ويو؛ سڌي سئين چونڊن جو نظام قائم ڪري ووٽرن جي تعداد م ستر لکن کان ساڍا ٽي ڪروڙ تائين اضافو ڪيو ويو؛ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪيو ويو؛ بھار۽ اوڙيسيا کي ورھائي ڌار ڌار صوبا ٺاھيا ويا؛ برما صوبي کي برٽش انڊيا کان علحده ڪيو ويو؛ عدن (يمن) صوبي کي برٽش انڊيا کان ڌار ڪيو ويو؛ صوبائي اسيمبلين ۾ رڪنن جو تعداد وڌايو ويو؛ انڊيا جي فيڊرل ڪورٽ قائم ڪئي وئي. ھن قانون جو وفاق جي قيام جو حصو پرنسلي رياستن جي ڪجھ حاڪمن جي اعتراضن جي ڪري ڪڏهن به عمل ۾ نہ اچي سگھيو. باقي حصن تي عملدرآمد 1937 ۾ شروع ٿيو جڏھن برٽش انڊيا م ھن نئين قانون تحت پھرين اليڪشن ٿي

حوالا[سنواريو]

  1. "Essay on the Government of India Act 1935 by David Steinberg". www.houseofdavid.ca. حاصل ڪيل 2019-09-13. 
  2. "British Ruled India Print Bibliography by David Steinberg". www.houseofdavid.ca. حاصل ڪيل 2019-09-13. 
  3. Butler 1971, p53
  4. Butler 1971, p55