ارباب غلام رحيم
ارباب غلام رحيم 15 سيپٽمبر 1956ع ۾ ڄائو ۽ 2004ع کان 2007ع تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو. سندس تعلق ٿرپارڪر ضلعي جي ارباب خاندان مان آهي، جيڪو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سياست ۾ سرگرم رهيو آهي. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ڇڏڻ کان پوءِ ارباب غلام رحيم سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو پر هن ڊاڪٽري پيشو اختيار ڪرڻ بدران سياست کي ترجيح ڏني. هن سياست ۾ شروعات 1981ع ۾ ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر جي چيئرميني سان ڪئي. بعد ۾ هو چار دفعا قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. 2002ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي تڪ پي ايس 60 مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ مسلم ليگ (ق) جي حڪومت ۾ وزير ٿيو. 2004ع ۾ علي محمد مهر کان پوءِ سنڌ جو وڏو وزير مقرر ٿيو. مخالفن ڏانهن سندس سخت رويو رهيو. هو جنرل پرويز مشرف جو وڏو حامي ۽ پيپلز پارٽيءَ جو مخالف رهيو. 2008ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي خلاف ڳالهائڻ جي ڪري سنڌ جا ماڻهو خاص ڪري پيپلز پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ سندس سخت مخالفت ٿي پيا، نتيجي ۾ جنهن ڏينهن هو سنڌ اسيمبليءَ ۾ قسم کڻڻ آيو ان ڏينهن اسيمبلي جي ورانڊي ۾ هڪ اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 11 آڪٽوبر 2019 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 17 ڊسمبر 2019۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|dead-url=نظر انداز ڪيو ويو (مدد)