ون يونٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ون يونٽ جي تحت پاڪستان جي چئني صوبن (بلوچستان، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب) کي ھڪ صوبي يعني اولھ پاڪستان ۾ ضم ڪيو ويو۔

ون يونٽ (One Unit) اھو منصوبو ھو جنھن کي پاڪستان جي وفاقي حڪومت اولھ پاڪستان جي تمام صوبن ۽ علائقن جي ضم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ھو۔ جنھن جي تحت مملڪت پاڪستان جي اولاھين حصي جي تمام صوبن کي ملائي ڪري ھڪ ايڪائي جي صورت ڏني وئي جڏھن تہ ھن جو ٻيون حصو اوڀارين پاڪستان جي صورت ۾ موجود ھو۔ اھڙي طرح پاڪستان صرف ٻن صوبن تي مشتمل ھڪ رياست بڻجي ويو۔

ون يونٽ منصوبي جو اعلان وزير اعظم محمد علي بوگره 22 نومبر 1954ع تي ڪيو ۽ 14 آڪٽوبر 1955ع تي مملڪت خداداد جي اولاھين حصي جي تمام صوبن کي ضم ڪتي اولھ پاڪستان صوبو تشڪيل ڏنو ويو جنھن ۾ تمام صوبن کان علاوه رياستون ۽ قبائلي علائقا بہ شامل ھا۔ ھي صوبو 12 ڊويزنن تي مشتمل ھيو جڏھن تہ ان جي گاديء جو ھنڌدار لاهور ھو۔ ٻي طرف اوڀر بنگال جي صوبي کي اوڀر پاڪستان جو نالو ڏنو ويو جنھن جي گاديء جو ھنڌ ڍاڪا ھو۔ وفاقي گاديء جو ھنڌ 1959ع ۾ ڪراچي کان راولپنڊي منتقل ڪيو ويو، جتي فوج جا صدر دفتر ھيا، ۽ گادي جو ھنڌ نئين شھر اسلام آباد جي تڪميل تائين ھتي موجود رھيو جڏھن تہ وفاقي مجلس قانون ساز ڍاڪا منتقل ڪئي وئي۔

ھن پاليسي جو مقصد بظاھر تہ انتظامي بھتري آڻڻ ھو پر ڪيترن ئي لحاظن کان ھي تمام گھڻو تباھ ڪندڙ قدم ھو۔ اولھ پاڪستان ۾ موجود تمام رياستن ھن يقين دھاني تي ھندستان جي ورھاڱي جي وقت پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي ھئي تہ ھنن جي خود مختياري قائم رکي ويندي پر ون يونٽ ٺاھڻ جي فيصلي سام تمام مقامي رياستن جو خاتمو ٿي ويو۔ ان سلسلي ۾ بھاولپور، خيرپور ۽ قلات جون رياستون قابل ذڪر آھن۔

معاملا ان وقت وڌيڪ ڳمڀير ٿيا جڏھن 1958ع جي فوجي بغاوت کان بعد وڏي وزير جو عھدو ختم ڪيو ويو ۽ صدر اولھ پاڪستان جا اختیار پاڻ وٽ رکي ڇڏيا۔ سياسي ماھرن اھو بہ سمجھن ٿا تہ اولھ پاڪستان جي تمام صوبن ملائڻ جو مقصد اوڀر پاڪستان جي لساني ۽ سياسي ايڪائي جو زور ٽورڙڻ ھو۔

آخرڪار پھرين جولاءِ 1970ع تي صدر يحييٰ خان ون يونٽ جو خاتمہ ڪندي اولھ پاڪستان جا تمام صوبا بحال ڪري ڇڏيا۔

ون يونٽ ۽ سنڌ[سنواريو]

ون يونٽ جو مرحلو آيو ته سنڌ جي بمبئي کان آجپي جي جدوجهد جو سرواڻ محمد ايوب کهڙو ۽ علي محمد راشدي، سنڌ کي سنڌ جي رهاڪن جو تواريخي وطن سمجهڻ بدران واپار وڙي جي کا وکر سمجهي ان جو سودو ڪندي اولهه پاڪستان ۾ ’ون يونٽ‘ قائم ڪرايو. اُن وقت جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن مان صرف ٽن چئن ميمبرن ’ون يونٽ جي ٺهراءُ‘ خلاف ووٽ ڪيو، باقي سڀ سدورا پُٽ هاڪاري ووٽ ڏيئي سنڌ جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جو ڳٽ وجهي ويٺا. اهڙيءَ ريت سنڌ جي صديون پُراڻي حيثيت ”خودمختيار رياست“ گهٽجي ’صوبو‘ ۽ پوءِ ’صوبو‘ مٽجي اولهه پاڪسان يا پنجاب جو هڪ انتظامي زون بنجي ويئي. جيتوڻيڪ 19 سيپٽمبر 1957ع تي اولهه پاڪستان جي اسيمبلي ون يونٽ ختم ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو. پر انهي جو ڪو به کڙ تيل نه نڪتو. هيءُ ٺهراءُ سنڌ جي هڪ سياستدان محترم غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي اسيمبلي ۾ پيس ڪيو، جنهن کي 300 ميمبرن جي ايوان مان 296 ميمبرن ووٽ ڪيو. هن مُلڪ جي سياست ۾ سياسي فيصلا سياسي ماڻهن جي بدران ’ڳجهن هٿن‘ طرفان ٿيندا رهيا آهن. انهي ڪري ئي سياسي عمل سدائين رنڊڪن ۽ رڪاوٽن جو شڪار رهيو آهي. انهي ڳالهه جو اهڃاڻ سابق صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي ڪتاب فرينڊس ناٽ ماسٽرس (Friends not Masters) مان به ملي ٿو، جنهن ۾ هُن پاڻ کي ون يونٽ جي خالقن ۾ شمار ڪيو آهي. انهي بيان کي نظر ۾ رکندي 1958ع جي مارشل لا جو ڪارڻ سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو. مُلڪي سياست ۾ فوج جي هٿ چراند جو تفصيل اڳوڻي ايئر مارشل اصغر خان پنهنجي ڪتاب جنرلس ان پالٽڪس (Generals in Politics) ۾ پڌرو ڪيو آهي.

”ڪراچي نه ڏينداسين“ صوبه سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صداءِ احتجاج، هن احتجاج ۾ وڏن خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو، مثال طور، جڏهن ڪراچي جي الڳ ٿيڻ جي مخالفت ڪئي ويئي ته پاڪستان حڪومت جي هڪ وزير سنڌين کي ڌمڪايو ته ”صبر ڪريو نه ته 15 لک پناهه گير آڻي سنڌين کي بيڪار بنايو ويندو.“ انکي عمل کي سچ ۾ بدلائڻ لاءِ لاءِ اسپيشل گاڏيون ڌڙا ڌڙ پناهه گيرن جا جٿا آڻي رهيون آهن. جڏهن پناهه گيرن جو انداز ٿر، سانگهڙ، نواب شاهه، حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعن ۾ اصل سنڌين کان وڌيڪ ٿي ويندو ته پوءِ اسان کان اهي ضلعا به ڇڏائي جدا علائقا بنائي سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪيو وڃي. شايد اسان سنڌين کي اُتان لڏائي ٻين ضلعن ۾ وسايو وڃي. اهڙو علائقو پوءِ ته سدائين کوٽ ۾ رهندو. انهيءَ عذر تي سنڌ کي پنجاب سان گڏائي اسان جي وجود کي مٽايو ويندو. اسان سدائين لاءِ پنجاب جي غلاميءَ هيٺ رهنداسين. ڪراچي اسان جو جگر آهي. ڪراچي سنڌ جي ڪنجي آهي، ان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪنڊ ڪڙڇ مان نعرو لڳايو ته ”ڪراچي نه ڏينداسون“، ”سنڌ زنده باد“، ”سنڌي زنده باد“، ”ڪراچي نه ڏينداسون“. [1]

20 فيبروري 1948ع تي جمع ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ”يوم ڪراچي“ (Yom e Karachi) وڏي پئماني تي ملهايو ويو، جنهن ۾ شاگردن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو، مظاهرا ڪيا ۽ ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.

29 جنوري 1948ع تي سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن، وزيراعليٰ، گورنر سنڌ ۽ قائداعظم اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪيا. جڏهن شاگردن سر غلام حسين هدايت الله گورنر سنڌ سان ملاقات جي گهر ڪئي ته هن ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. قائداعظم شاگردن جي 7 رڪني وفد سان ملاقات ڪئي ۽ ڏيڍ ڪلاڪ بحث ڪيو. [2]

اُها مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جيڪا ڪراچي جي مسئلي تي سنڌ جي شاگردن جي نمائنده تنظيم جي حيثيت سان حڪومت سان ويڙهه کائي رهي هئي، سا اڳتي هلي رجعت پرست ۽ حاڪمن جي ايجنٽ جماعت ٿي ويئي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا تڏا ويڙهجي ويا. هونئن ته مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن مسلم ليگ سدائين سخت گير رهيون، پر ٻاهران آيل ڪوڙن ڪليمنٽس خلاف اُن جي پڪڙ ڏاڍي ڪمزور رهي. اهڙي ريت اربين روپين جون ملڪيتون يعني جايون، زمينون ۽ پلاٽ جيڪي هندو سيٺين مقامي ماڻهن کان وياجن ۽ قرضن عيوض گروي ورتيون هيون، اصل مالڪن کي ملڻ بدران اوپرن آيل ماڻهن جي حوالي ٿي ويون.

ون يونٽ سن 1955ع ۾ سنڌ جي وزير اعليٰ پيرزادي عبدالستار کي زوري وزارت تان هٽائي هٿ ٺوڪي وزارت قائم ڪري، ون يونٽ تي ووٽ ورتو ويو. ون يونٽ جو قيام پنجاب جي پُراڻي خواب جو تعبير هو. انهي کانپوءِ سنڌ جي زمين، نوڪرين ۽ ملڪيتن کي مال غنيمت طور لٽيو ويو. ون يونٽ خلاف سنڌ ۾ ردعمل آيو. سنڌ جي سياستدانن سائين جي . ايم . سيد ۽ ٻين ون يونٽ خلاف متحده محاذ قائم ڪيو. [3] [4]

ون يونٽ جي حمايت ۾ ووٽ[سنواريو]

ون يونٽ جي حمايت ۾ سنڌ جي جن سياستدانن ووٽ ڪيو، انهن جا نالا ھي آھن. 1۔عبدالله خان مهيسر 2۔عبدالفتاح ميمڻ3۔عبدالمجيد خان جتوئي 4۔قاضي عبدالمنان 5۔ڄام بشير احمد ڏھر 6۔مير احمد خان ٽالپر 7۔احمد خان راڄپر 8۔ احمد خان ڀٽو 9۔مير احمد خان پٺاڻ 10۔ ٺڪر آئيدن سنگھ 11. بيگم عائشه عزيز 12۔ علي اصغر شاه 13. مير علي احمد خان ٽالپر 14۔ علي بلاول خان ڊومڪي 15۔ سردار علي گوهرخان مهر 16۔ علي گوهر کهڙو 17۔ علي حسن منگي 18۔ علي نواز خان ڌاريجو 19۔ پير علي محمد شاه راشدي 20۔ مير علي نوازخان ٽالپر 21۔ پير عالي شاه جيلاني 22۔ ڄام اميرالھ بچايو خان 23۔ علڻ خان لغاري 24۔ امير بخش مهر 25۔ ڄام امير علي خان 26۔ آغا بدرالدين دراني 27۔ مير بنده علي خان ٽالپر 28۔ ڌرمداس موٽومل 29۔ دوست محمد هڪڙو 30۔ فيض محمد صندل 31 ۔فقيرمحمدانڙ 32۔ حاجي فضل محمد خان لغاري33۔حاجي غلام علي ميمڻ34۔ حاجي خان محمد مري35 ۔سيد غلام حيدر شاه ولد حاجي پير شاه36۔ سيد غلام حيدر شاه ولد نواب شاه37۔ غلام قادر ناريجو38۔ غلام نبي ڏھراج39۔ غلام رسول خان جتوئي 40۔ غلام رسول شاه جيلاني 41۔ غلام رسول ڪيهر 42۔ سيد گل محمد شاه 43۔ حاجي گل محمد کيڙو 44۔ گل جي ميگهواڙ 45۔ حامد حسين فاروقي 46۔ مير امام بخش ٽالپر 47۔ ميرجعفر خان جمالي 48۔ جان محمد ڀائي خان 49۔ قادر بخش تنيو 50۔ سيد ڪراڙو شاه 51۔ سيد خير شاه 52۔ خان محمد بوزدار 53۔ محبوب شاه پير رسول بخش شاه 54۔ مامون خان ملڪاڻي 55۔ سيد ميهر علي شاه 56۔ موسا خان ٻگهيو 57۔ حاجي مولا بخش سومرو 58۔ سيد مبارڪ علي شاه 59۔ قاضي محمد اڪبر ڪلهوڙو 60۔ سردار محمد قمبر علي شاه 61،محمد اشفاق 62۔ مير محمد بخش ٽالپر 63۔ محمد بخش سرڪي 64۔ حاجي پير محمد حسن بخش 65۔ سيد محمد حسن شاه 66۔ حاجي محمد حيات جوڻيجو 67۔ سردار جعفر خان بليدي 68۔ پير مهدي شاه جهنڊي وارو 69۔ محمد يوسف چانڊيو 70۔ مخدوم محمد الزمان طالب مولا 71۔ سيد محمد شاه بقادار 72۔ حاجي نجم الدين لغاري 73۔ نصير محمد خان مدواڻي 74۔ سردار نور محمد بجاراڻي 75۔ نور محمد راهمون 76۔ سيد نورمحمد شاه 77۔ رحيم بخش سومرو 78۔ رسول بخش جوڻيجو 79۔ روپچند چيلارام 80۔ روپچند لوهاڻو 81۔ حاجي صادق علي ميمڻ 82۔ ڊاڪٽر سعيد الدين صالح 83۔ سيف الله مگسي 84۔ پير صالح شاه 85۔ سنڀومل لوهاڻو 86۔ سوائي سنگھ سوڍو 87۔ شاهنواز پيرزادو 88۔ شاه نظر حسين شاه 89۔ شاهل خان کوسو 90۔ ملڪ سڪندر خان هملاڻي 91۔ سيرومل ڪرپالداس 92۔نواب سلطان محمد چانڊيو 93۔ سردار مير سندر خان سندراڻي 94۔ بيگم طاهره آغا 95، مسٽر ٽيئون مل 96۔ توڳاچي مير محمد نوهڙي 97۔ عثمان خان ملڪاڻي 98۔ نواب زاهد علي خان. ۔

ون يونٽ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏيندڙ ميمبرن جا نالا[سنواريو]

1۔ عبدالحميد خان جتوئي 2۔ غلام مصطفا خان 3۔ پير الاهي بخش 4۔ نئون مسلمان ٿيل شيخ خورشيد احمد. جي ايم سيد کي ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ جي ڊپ کان ووٽ استعمال ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو هو. سنڌ اسيمبلي جو ايوان 110 ميمبرن تي مشتمل هو، 98 ميمبر حمايت ۾ 4 مخالفت ۽ ٻيا غير حاضر، جملي 110 ميمبر سنڌ اسيمبلي. ون يونٽ سان 14 آڪٽوبر 1955ع تي مڙھيو ويو. ميمبرن کان ووٽ 11 ڊسمبر 1954ع تي ورتا ويا.

حوالا[سنواريو]

  1. حوالو؛ الوحيد 8 فيبروري 1948ع
  2. حوالو؛ الوحيد 30 جنوري 1948ع
  3. سنڌي شاگرد سياست (عبدالحئي پليجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  4. ڪتاب: سنڌي شاگرد سياست، ليکڪ: عبدالحئي پليجو