عبدالستار پيرزادو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عبدالستار پيرزادو
بئريسٽر
وزير اعلي سنڌ
(24 مئي 1953 کان 9 نومبر 1954 تائين)
پيشرو محمد ايوب کهڙو
جانشين محمد ايوب کهڙو
ذاتي تفصيل
پيدائش 4 جولاء 1907
پراڻو سکر، برٽش انڊيا
وفات پراڻو سکر
سياسي جماعت آل انڊيا مسلم ليگ، پاڪستان مسلم ليگ،

عبدالستار پيرزادو(انگريزي: Abdul Sattar Pirzado )هي پراڻي سکر جي مشهور بزرگ خيرالدين جي درگاهه جي پيرزادن جي خاندان مان ھو. هن جي والد ميان عبدالرحمان کي ٽي فرزند ٿيا:(1) حاجي ميان عبدالرزاق(2) مسٽر عبدالستار ۽ (3) مسٽر عبدالغني. جن مان عبدالستار پراڻي سکر ۾ 4 جولاءِ 1907ع تي ڄائو هو[1].

ابتدائي تعليم[سنواريو]

ابتدائي تعليم پراڻي سکر جي سنڌي اسڪول ۾ ورتائين. سيڪنڊري تعليم پهريائين ميولس اي وي اسڪول ۾ ورتائين پوءِ تلڪ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر منجهان 1923ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. انٽر آرٽس، ميٿميٽڪس ۾ امتيازي درجي سان 1925ع ۾ پاس ڪيائين. آگسٽ 1927ع ۾ انگيلنڊ تعليم لاءِ روانو ٿيو، جتي لنڊن يونيورسٽي ڪاليج ۾ ميٿميٽڪس ۾ ڊگري ڪورس واسطي “"لنڪنس ان" ۾ بار لاءِ داخل ٿيو. هن اتي 1929ع ۾ بار جا امتحان ڏنا ۽ جولاءِ 1930ع ۾ بارسٽر ٿيو.[1].

وڪالت[سنواريو]

ڊسمبر 1930ع ۾ موٽي آيو ۽ جڊيشل ڪمشنر جي ڪورٽ مان سند وٺڻ بعد سکر ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين.[1].پهريان چا رسال هي سمورو وقت پنهنجي وڪالت جي ڪم ۾ مشغول رهيو. 33-1932ع ۾، هي اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر سکر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو ۽ 38-1937ع ۾ هڪ سال لاءِ جيڪب آباد ضلعي جو پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿي رهيو.[1].

سياست[سنواريو]

. 1934ع ۾، هي سکر ميونسپالٽيءَ ۾، ميمبر چونڊجي آيو ۽ ميونسپل اسڪول بورڊ سکر جو چيئرمين چونڊيو. 1935 سکر ميونسپالٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو.سنڌ جدا ٿيڻ بعد، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر چونڊيو ويو. 1938ع ۾ الهه بخش وزارت قائم ٿي ته ان ۾ هن کي چيف پارليامينٽري سيڪريٽري ڪري کنيو ويو ۽ 1940 تائين اتي رھيو. 1941ع ۾ الهه بخش وزارت ٻيھر قائم ٿي ته ان ۾ هي پبلڪ ورڪس، ايريگيشن ۽ صحت جا کاتن جو وزير رھيو. مئي 1943ع الهه بخش مرحوم شهيد ٿيو. ان کان پوءِ هي ڪجهه وقت پنهنجي وڪالت جي ڪم ۾ مشغول رهيو.[1]. 1945ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو. جنوري 1946ع جي چونڊن ۾ هي مسلم ليگ ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي ۾ چونڊجي آيو. هن کي تعليم، لوڪل سيلف گورنمينٽ ۽ قانون جا کاتا ڏيئي وزير مقرر ڪيو ويو. ساڳئي سال ۾ هو مسلم ليگ طرفان آئين ساز اسيمبلي تي ميمبر چونڊيو ويو، جتي هي"پبلڪ پرنسلپلس لا ڪميٽي" جو چيئرمين ٿي رهيو. سيپٽمبر 1946ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ وزارت کي اڪثريت نه ٿي. گورنر ٻي پارٽي کي وزارت ٺاهڻ جي چانس ڏيڻ کان سواءِ نئين سر چونڊون ڪرايون. انهن ۾ وري هي چونڊجي آيو ۽ سر غلام حسين جي وزارت ۾ وري دوباره وزير مقرر ٿيو. هن دفعي روينيو ۽ قانون جا کاتا سندن حوالي ڪيا ويا. ان وقت هن 57 نوان بل پاس ڪرايا جن مان سنڌ يونيورسٽي جو بل به هڪ هو. هن موجوده سنڌ ڪوڊ تيار ڪرايو جنهن ۾ سڀ قانون نئين سر سڌاريا ويا هئا. 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان بنجڻ تائين ان جاءِ تي وزير رهيو.[1].سيپٽمبر 1947ع تي، هن کي اقوام متحده ۾ پاڪستان طرفان موڪليل نمائندن ۾ شامل ڪيو ويو، جتان ڊسمبر ۾ واپس موٽي آيو. 1948 ۾ وفاقي وڙير ٿيو ۽ کيس فوڊ، زراعت ۽ صحت جا کاتا حوالي ٿيا. مسٽر منڊل جي ڀارت وڃن بعد هن کي هيلٿ کاتي جي عيوض قانون جو کاتو مليو. مرڪزي وزارت ۾ گورنر جنرل مسٽر غلام محمد خان جي هٿان سر ناظم الدين جي وزارت جي ڊسمس ٿيڻ تائين هو رهندو آيو. مرڪزي وزارت جي ڏينهن ۾ پڻ هن ڪيترائي قانون پاس ڪرايا.[1] اپريل 1953ع تي سنڌ ۾ نئين سر چونڊون ٿيون ان ۾ خان بهادر کهڙو قاضي فضل الله، غلام نبي خان پٺاڻ وغيره، پروڊا ڪري ميمبر چونڊجي نه سگهيا. مسلم ليگ پارٽي ميمبرن جي اڪثريت چونڊجي آئي هي اسيمبليءَ جو ميمبر ڪونه هو پر مير غلام علي خان جي مدد سان کي هن کي پارٽي جو ليڊر چونڊي، وزيراعليٰ ڪيو ويو. 23 مئي 1953ع تي هن اها چارج ورتي.[1].ھن جي مدد سان ڪراچي سنڌ کي واپس ملي. سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي ٺهرائڻ جي تجويز به ان وقت ۾ پاس ڪرائي سگهياسون. هن سنڌ ادبي بورڊ لاءِ ڏهه لک ۽ شاهه لطيف ڪلچرل مرڪز لاءِ حڪومت طرفان پنجويهه لک روپيه منظور ڪيا، جي پوءِ ون يونٽ ٺهڻ ڪري نه ملي سگهيا. 1954ع ۾ سندس وزارت جي ٽن وزيرن قاضي محمد اڪبر، سيد علي محمد شاهه راشدي ۽ خان صاحب غلام رسول ڪيهر، ڪن ڳالهين تان ناراض ٿي بغاوت ڪئي ليڪن هن مرڪزي حڪومت جي مشوري سان وزيرن جو تعداد وڌائي پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي ۽ ٽنهين وزيرن کي ڊسمس ڪري ڇڏيو. انهي وقت ڌاري آئين ساز اسيمبلي جي بنيادي حقن واري ڪميٽي اڳيان مغربي پاڪستان جي صوبن کي ملائي ون يونٽ ۾ داخل ڪرڻ جي تجويز پيش ٿي. هن ان جي مخالفت ڪئي ۽ رٿ ڪري پئي رٿ جي فائدي ۾ صرف ٽي ووٽ ٿيا. گورنر جنرل مسٽر غلام محمد پوءِ زوري ان تجويز کي پاس ڪرائڻ لاءِ رٿون رٿڻ لڳو. مرڪزي اسيمبليءَ کي ٽوڙڻ بعد ون يونٽ کي ٺاهڻ لاءِ هن مغربي پاڪستان جي صوبن جي سڀني وزيراعلي جي ڪانفرنس ان مسئلي تي غور ڪرڻ لاءِ گهرائي. ان ڪانفرنس ۾ پيرزادي ون يونٽ يا زونل فيڊريشن ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي. نومبر 1954ع ۾ هن تي مرڪزي حڪومت طرفان زور پيو ته ون يونٽ جو ٺاهڻ قبول ڪر يا استعيفا ڏي. هن پنهنجي پارٽيءَ ۽ اسان کي گهرائي صلاح ڪئي جتي سڀني کيس يڪراءِ چيو ته اسيمبلي جو اجلاس گهرائي، ان کان ون يونٽ جي خلاف ٺهراءُ پاس ڪرائي، کين موڪلي ڏي. اڃان هي انهيءَ اجلاس سڏائڻ جي تيارين ۾ هو ته هن کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چيو ويو. هن ون يونٽ قبول ڪرڻ يا استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان تي هن کي 9 نومبر 1954ع تي ڊسمس ڪيو ويو.[1].مغربي پاڪستان صوبي ۾ جڏهن سردار عبدالرشيد جي هٿ هيٺ نئين وزارت ٺهي، تہ پيرزادي کي وزير ڪري کنيو ويو. انهي عرصي ۾ رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي طرفان ون يونٽ کي ڊاهڻ جو ٺهراءُ ٻيهر مغربي اسيمبلي ۾ پيش ٿيو. هن دفعي ريپبليڪن پارٽي ٺهراءُ پاس ڪرڻ جو لکت م سمجهوتو ڪيو هو. ٺهراءُ اچڻ بعد قانوني حجت اٿاري ويئي ته اهو ٺهراءُ صوبائي اسيمبلي اڳيان اچي نٿو سگهي. پيرزادي، وزير قانون هئڻ ڪري راءِ ڏني ته اهو ٺهراءُ اچي سگهيو ٿي. ان تي ٺهراءُ پاس ٿي ويو. 1958ع تائين هي مغربي پاڪستان حڪومت ۾ وزير ٿي رهندو آيو. مارشل لا ملڪ سان لاڳو ٿيڻ بعد هي سياست کان ڪناره ڪشي ڪري وڪالت ۾ مصروف ٿي ويو.[1].

شوق[سنواريو]

هندستاني وڏي راڳ جو شوقين ھو ۽ سنڌي ڪافين ۾ دلچسپي وٺندو ھو. پاڻ به سٺو راڳ ڳائيندو ھو، باغن ۽ گلن ۾ خاص دلچسپي ھوندي ھيس، پاڪستان باغن جي سوسائٽيءَ جو پريزيڊنٽ رهي چڪو ھو. کيس ان لاءِ آمريڪن گارڊننگ انسٽيٽيوٽ کان ميڊل به مليل ھو.[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005