واشنگٽن ڊي سي
| واشنگٽن ڊي سي | |||
|---|---|---|---|
| وفاقي گاديءَ جو هنڌ وفاقي ضلعو شھر | |||
| ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا | |||
گھڙيال چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو گاديءَ جو هنڌ؛ يادگار واشنگٽن؛ وائيٽ ھائوس ؛ سمٿ سونين انسٽيٽيوشن بلڊنگ؛ لنڪن وارو يادگار؛ واشنگٽن جي قومي ڪئٿيڊرل | |||
| |||
| نعرو: Justitia Omnibus (انگريزي ٻولي: انصاف سڀني لاءِ) | |||
Location in relation to Maryland and Virginia | |||
| يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ مقام | |||
| متناسقات: 38°54′17″N 77°00′59″W / 38.90472°N 77.01639°W | |||
| ملڪ | يونائيٽيڊ اسٽيٽس | ||
| ريزيڊنس ايڪٽ | 1790 | ||
| ٺاھيو ويو | 1801 | ||
| گڏايو ويو | 1871 | ||
| ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا جو گھرو حڪمراني وارو قانون | 1973 | ||
| نالي ڪارڻ | جارج واشنگٽن | ||
| حڪومت | |||
| • ميئر | Muriel Bowser (D) | ||
| • ڪائونسل | List
| ||
| • يونائيٽيڊ اسٽيٽس ھائوس آف رپريزنٽيٽوز | Eleanor Holmes Norton (D), Delegate (At-large) | ||
| پکيڙ | |||
| • وفاقي گاديءَ جو هنڌ وفاقي ضلعو شھر |
177.0 ڪ.م2 (68.34 ميل2) | ||
| • زمینی | 158.1 ڪ.م2 (61.05 ميل2) | ||
| • پاڻي | 18.9 ڪ.م2 (7.29 ميل2) | ||
| بلند ترین پیمائش | 125 ميل (409 ft) | ||
| پست ترین پیمائش | 0 ميل (0 ft) | ||
| آبادي (2018 estimate)[1] | |||
| • وفاقي گاديءَ جو هنڌ وفاقي ضلعو شھر |
702,445 | ||
واشنگٽن ڊي سي: (انگريزي: Washington DC) , جنھن کي ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا پڻ سڏيو ويندو آهي يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو گاديءَ جو هنڌ آهي. .[2]آمريڪا جي انقلاب کان پوءِ ھن شھر جو بنياد وجھي ان کي وفاقي گادي جي ھنڌ جو درجو ڏنو ويو. شھر جو نالو آمريڪا جي باني ۽ پھرين صدر جارج واشنگٽن جي نالي تي رکيو ويو. [3] ھي شھر دنيا جي کوڙ بين الاقوامي ادارن جو پڻ صدر مقام آهي جنھن ڪري ھن شھر کي دنيا جو سياسي گاديءَ جو هنڌ پڻ سڏيو ويندو آهي.[4] ھن شھر ۾ ھر سال ٻہ ڪروڙ سياح گھمڻ ايندا آهن تنھن ڪري سالياني سياحت ۾ ھي شھر دنيا ۾ پھريون نمبر آھي.[5][6] ھن شھر جو بنياد ريزيڊنس ايڪٽ جي 16 جولاءِ 1790 ۾ توثيق سان ٿيو. شھر جي مقام جي چونڊ پوٽوميڪ ندي جي ڪناري تي ڪئي وئي. ملڪ جي آئين تحت ھڪ وفاقي ضلعو ٺاھيو ويو جيڪو ملڪ جي ڪنھن بہ رياست جو حصو نہ ھيو جنھن جي اندرين حڪمراني پڻ الڳ ھئي ۽ اھو آمريڪي ڪانگريس جي خاص اختيار ۾ آندو ويو. ان نئين ضلعي جي لاء زمين آمريڪا جي ٻن رياستن ميري لينڊ ۽ ورجينيا ڏني جتي جارج ٽائون (ميري لينڊ واري ڏنل زمين تي) ۽ اليگزينڊريہ (ورجينيا جي ڏنل زمين تي) نالي وسنديون اڳواٽ موجود ھيون. ان نئين وفاقي ضلعي: ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا ۾ 1791 ۾ واشنگٽن شھر جو بطور ملڪي گادي جي ھنڌ جو بنياد وڌو ويو. 1846 ۾ ڪانگريس ورجينيا کي ان ضلعي ۾ ڏنل زمين موٽائي ڏني ۽ رڳو ميري لينڊ واري زمين برقرار رکي ان ضلعيکي ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا نالو ڏنو ويو. واشنگٽن جي آبادي جو 2018 ۾ لڳايل تخمينو 702,455 آھي.[7] اھو آمريڪا جو آبادي ۾ ويھون وڏو شھر آھي[8] .[9] آمريڪا جي صدر، آمريڪي ڪانگريس ۽ آمريڪي سپريم ڪورٽ ٽنھي جو صدر مقام ھي شھر آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedquickfacts - ↑ "Introduction: Where Oh Where Should the Capital Be?", WHHA (ٻولي ۾ انگريزي)۔
- ↑ "Washington, D.C. History F.A.Q.", The Historical Society of Washington, D.C. (ٻولي ۾ en-US), 27 مئي 2014, حاصل ڪيل 07 مارچ 2018۔
- ↑ Broder, David S. (18 فيبروري 1990), "Nation's Capital in Eclipse as Pride and Power Slip Away", The Washington Post, حاصل ڪيل 18 آڪٽوبر 2010, "In the days of the Truman Doctrine, the Marshall Plan and the creation of NATO, [Clark Clifford] said, we saved the world, and Washington became the capital of the world."
- ↑ "The 10 most-visited cities in the US this year", Insider, حاصل ڪيل 6 مارچ 2018۔
- ↑ Cooper, Rebecca (9 مئي 2017), "D.C. breaks another domestic tourism record", www.bizjournals.com, Washington Business Journal۔
- ↑ "Nevada and Idaho Are the Nation's Fastest-Growing States". US Census Bureau. 19 December 2018. https://www.census.gov/newsroom/press-releases/2018/estimates-national-state.html?CID=CBSM+POP18. Retrieved 22 January 2019.
- ↑ "Washington-Arlington-Alexandria, DC-VA-MD-WV", U.S. Census Bureau, U.S. Department of Commerce, حاصل ڪيل 12 اپريل 2017۔
- ↑ "Washington, D.C. metrostatistical2017", U.S. Census Bureau, U.S. Department of Commerce, حاصل ڪيل 4 فيبروري 2019۔
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Articles containing Latin language text
- Coordinates on Wikidata
- واشنگٽن ڊي سي
- شهر
- راڄڌانيون
- اتر آمريڪا جا شهر
- اتر آمريڪا ۾ راڄڌانيون
- آمريڪا جون گڏيل رياستون
- گڏيل آمريڪي رياستن جا شھر
- گڏيل آمريڪي رياستن جي ذيلي تقسيم
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
- نقشن وارا صفحا
