ڪينيڊا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڪئناڊا کان چوريل)
Canada
Vertical triband (red, white, red) with a red maple leaf in the centre
{{{coat_alt}}}
جھنڊو Royal coat of arms
شُعار: 'A Mari Usque Ad Mare  (ٻولي؟)
(English: "From Sea to Sea")
ترانو: "او ڪينيڊا"

Projection of North America with Canada in green
گادي جو هنڌ اوٽاوا
45°24′N 75°40′W / 45.400°N 75.667°W / 45.400; -75.667
سڀ کان وڏو شهر ٽورونٽو
دفتري ٻوليون
نسلي گروھ
مذهب
مقامي آبادي ڪئنيڊين
حڪومت وفاقي پارليامينٽري سسٽم
آئيني بادشاھت[3]
ملڪہ ايلزبيٿ ٻين
مريم سمسون
جسٽن ٽرئڊو
رچرڊ وئگنر
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
ھائوس آف ڪامنز
آزادي يونائٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين
1 جولاءِ 1867
11 ڊسمبر 1931
17 اپريل، 1982
پکيڙ
• Total area
9٬984٬670 km2 (3٬855٬100 sq mi) (2nd)
• پاڻي (%)
8.92
• Total land area
9٬093٬507 km2 (3٬511٬023 sq mi)
آبادي
• 2016 مردم شماري
35,151,728[4] (38هون)
•  گھاٽائي
3.92 /km2 (10.2 /sq mi) (228هون)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.836 trillion[5] (15هون)
• في سيڪڙو
$49,620[5] (20هون)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.763 trillion[5] (10هون)

ڪينيڊا : (انگريزي: Canada) اُتر آمريڪا جو هڪ ڏاڍو خوبصورت ملڪ آهي. ڪينيڊا جهڙو پاڻ قدرتي طور تي سهڻو ملڪ آهي تهڙا ئي خوبصورت، فراخدل، محنتي ۽ انسان دوست ان جا شهري آهن. جيڪي بنا ڪنهن رنگ، نسل، عقيدي، قوم ۽ ٻوليءَ جي فرق ڪرڻ جي انساني ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ ڪٿي به انساني حقن جي خلاف ورزي ٿئي، ڪينيڊا جي حڪومت ۽ ڪينيڊا جا شهري گڏجي ان خلاف پنهنجي وس آهر آواز اُٿاريندا رهن ٿا ۽ انساني حقن جي انهن خلاف ورزين کي روڪرائڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪرادر ادا ڪرڻ جي ڪوششون ڪندا رهن ٿا . ڪينيڊا اُتر آمريڪا (نارٿ آمريڪا) کَنڊَ جو هڪ وڏو ۽ اهم ملڪ آهي. ان جا ڏهه صوبا ۽  ٽي وفاقي ٽريٽيريون (وفاقي علاقا) ، ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ کان وٺي سانتڪي سمنڊ (پيسيفڪ سمنڊ) تائين پکڙيل آهن. ڪينيڊا جي ڪُل پکيڙ 9.98 ملين ڪلوميٽرز (3.85 ملين ميلَ) آهي. ڪينيڊا ڪُل پکيڙ جي حساب سان دنيا جو ٻيون وڏو ملڪ ۽ زميني ايراضيءَ جي حساب سان دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ آهي. ڪينيڊا جي سرحد يو ايس اي يعني آمريڪا سان ملي ٿي. ڪينيڊا جي گاديءَ جي هنڌ جو نالو آٽووا آهي ۽ ڪينيڊا جي سڀني کان وڏي ۾ وڏي شهر جو نالو ٽورانٽو آهي. انگريزي ۽ فرانسيسي ڪينيڊا جون سرڪاري قومي ٻوليون آهن. ڪينيڊا جي قومي تراني جو نالواو ڪينيڊا... آھي.ڪينيڊا جو نظام وفاقي جمهوري نظام آهي ۽ ڪينيڊا جي آئيني سربراهه راڻي ايلِزيبٿ آهي.

موسم[سنواريو]

ڪينيڊا جي آبهوا ٿڌي آهي ۽ سياري ۾ سخت سيءُ پوندو آهي. ڪينيڊا ۾ فريش واٽر (مِٺي پاڻيءَ) جون تمام گهڻيون ۽ وڏيون ڍنڍون موجود آهن تنهن ڪري ڪينيڊا دنيا ۾ مٺي پاڻيءَ جا زخيرا رکندڙ ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو.

ماڻھو[سنواريو]

ڪينيڊا تيل، کئس ۽ معدني زخيرن سان مالا مال ملڪ آهي. ڪينيڊا ۾  وڏي تعداد ۾ آبارجينلز يا فرسٽ نيشنز يعني اصلوڪا رهاڪو به آباد آهن. جيڪي يورپينز جي ڪينيڊا اَچڻ کان به هزارين سالن کان پهرين ڪينيڊا ۾ آباد هئا. ڪينيڊا جو ڪو به سرڪاري مذهب ناهي. ڪينيڊا هڪ سيڪيولر (همه گيريت) رکندڙ، ملٽي ڪلچرل  (گهڻ ثقافتي + گهڻ نسلي، گهڻ قومي ۽ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائيندڙ) ملڪ آهي. جتي هر فرد کي پنهنجي مذهب، ڌرم، فرقي، مسلڪَ يا عقيدي تي عمل ڪرڻ ۽ ان موجب عبادت ڪرڻ جي مڪمل آزادي حاصل آهي. پر ڪنهن کي به پنهنجو مذهب، ڌرم، عقيدو يا نظريو ڪنهن ٻئي تي زوريءَ زبردستي مڙهڻ جي بلڪل به اجازت ناهي. ڪينيڊا ۾ انساني حقن، ٻارن جي حقن، عورتن جي حقن ۽ جانورن جي حقن جو تمام گهڻو احترام ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪينيڊا جو آئين ۽ قانون ڪنهن سان به رنگ، نسل، عقيدي، قوم ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي فرق نٿو ڪري. قانون جي نظر ۾ سڀ برابر آهن ۽ قانون سڀني سان ساڳي صلوڪ سان پيش اَچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪينيڊا جا ڪيترائي اهڙا شهري آهن جن جو ڪو به مذهب ناهي يا ڪنهن به مذهب کي نٿا مڃين پر انهن کي به ڪينيڊا ۾ مڪمل تحفظ حاصل آهي. ساڳي نموني ڪينيڊا ۾ ٻن بالع فردن کي رزاڪاراڻي نموني، بنا ڪنهن زور زبرستيءَ جي هڪ ٻئي سان تعلق رکڻ جو حق حاصل آهي. پوءِ چاهي اهو تعلق مرد ۽ عورت جي وچم هجي، عورت ۽ عورت جي وچم هجي يا مرد ۽ مرد جي وچم هجي. ڪينيڊا ۾ گئي يا هم جنس پرست شادين جي به اجازت آهي. فرد جي آزادي جي اصول تحت ڪينيڊا ۾ ڪي به ٻه بالغ فرد پنهنجي رضا خوشيءَ سان بنا شادي ڪرڻ جي ڪامن لا پرٽنر طور تعلق قائم ڪري گڏ رهي سگهن ٿا ۽ ڪينيڊا جو قانون، ڪينيڊا جي هر شهري يا فرد کي زندگي گذارڻ جو پورو تحفظ ڏئي ٿو.

ڪينيڊا جو سياسي نظام[سنواريو]

ڪئناڊ جو حڪومتي نظام ڏاڍو ٽرانسپيرنٽ (صاف شفاف) طريقي سان ڪم ڪري ٿو. ڪينيڊا ۾ سڄو نظام ڪمپيوٽرائزڊ ۽ ڊيجيٽلائر ٿيل آهي. تنهنڪري آفيسن ۾ ڪٿي به ڪاغذن ۽ فائلن جا ڍير نظر نه ايندا. ڇو جو هر منسٽري، ڊپارٽمينٽ يا کاتو فزيڪلي طور موجود هئڻ سان گڏوگڏ ورچوئلي پڻ موجود آهي. تنهنڪري قدرتي آفت اچڻ جي باوجود به اهو نظام ڪم ڪندو رهي ٿو. مثال طور زلزلي، طوفان، ٻوڏ يا باهه سبب روينيو يا ريئل اسٽيٽ جو رڪارڊ جيڪڏهن تباهه به ٿي وڃي ته پوءِ به حڪومتي ڪم ڪار تي ڪو فرق نه پوندو، ڇو جو سڀئي رڪارڊ ورچوئلي مختلف ڪمپوٽر سرورنَ تي محفوط رکيل آهن ۽ اهي ڪمپيوٽر سرورَ به ڪنهن هڪ شهر ۾ نه پر ملڪ جي هڪٻئي کان پري مختلف ڏورانهن شهرن ۾ الڳ الڳ محفوظ نموني سان رکيل آهن. ائين ڪينيڊا جو نظام هر طريقي سان مظبوط ۽ محفوظ آهي. ڪينيڊا جي پوليس به ڏاڍي ايماندار، پروفيشنل ۽ تربيت ورتل پوليس آهي. جيڪا قانون تي عمل ڪرائڻ ڄاڻي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ڪينيڊا جو شمار دنيا جي پُر امن ملڪن ۾ ٿئي ٿو. ڪينيڊا ۾ ڪَرپشن نه هئڻ جي برابر آهي. اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن ڪنهن جو ڪم صحيح ۽ قانون موجب آهي ته اهو ڪم گهر ويٺي رڳو فون ڪال ڪرڻ سان ئي ٿي وڃي ٿو ۽ ان ڪم لاءِ آفيسن جا ڌڪا کائڻ، کجل خوار ٿيڻ ۽ رشوتون ڏيڻ جي ضرورت نٿي پوي. ڪينيڊا ۾ صحت ۽ تعليم جو نظام به ڏاڍو اعليٰ ۽ اُتم آهي. ڪينيڊا جا شهري نه رڳو پنهنجي حصي جو پورو ٽيڪس ايمانداريءِ سان ڏين ٿا ته  اتان جي حڪومت به ٽيڪسن مان حاصل ٿيل آمدني کي ذيان ڪرڻ بدرآن  وري واپس تعليم، صحت ۽ عوام جي ڀلائي وارن ڪم تي خرچ ڪري ٿي. جنهن جي ڪري ڪينيڊا جي تعليم ۽ صحت جو نظام دنيا جي بهترين نظامن ۾ شمار ٿئي ٿو.[10]

گاديءَ جو هنڌ آٽووا
صوبا ڏهه صوبا ۽ 3 وفاقي ٽريٽيريون
کَنڊ اُتر آمريڪا
ڪُل پکيڙ 9.98 ملين ڪلوميٽرز
نظام وفاقي جمهوري نظام
ملڪ جي آئيني سربراهه راڻي ايلزيبٿ
حڪومت جو سربراهه وزير اعظم (جسٽن ٽروڊو)
ملڪ جو سرڪاري مذهب ڪو به نه.
معاشي نظام ترقي ڪيل سرمائيداراڻو نظام
ثقافت ملٽي ڪلچرل، لبرل، سيڪيولر (همه گريت پسند)
آبهوا ٿڌڙي، سياري جي موسم ۾ سخت سيءُ

ڪينيڊا جتي انتظامي ورھاست[سنواريو]

Canada provinces evolution 2

ڪينيڊا جي تاريخ[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. D. Michael Jackson (2013). The Crown and Canadian Federalism. Dundurn. p. 199. ISBN 978-1-4597-0989-8. https://books.google.com/books?id=ZcIf46DzpfUC&pg=PA199. 
  2. "Religions in Canada—Census 2011". Statistics Canada/Statistique Canada. وقت May 15, 2013 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  3. Hail, M; Lange, S (February 25, 2010). "Federalism and Representation in the Theory of the Founding Fathers: A Comparative Study of US and Canadian Constitutional Thought". Publius: the Journal of Federalism 40 (3): 366–388. doi:10.1093/publius/pjq001. 
  4. Statistics Canada. "Population size and growth in Canada: Key results from the 2016 Census". وقت February 10, 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل February 8, 2017. 
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 "World Economic Outlook Database, October 2017, Canada". International Monetary Fund. وقت March 20, 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل October 1, 2017. 
  6. "Gini coefficients before and after taxes and transfers: In the late 2000s". OECD. وقت August 12, 2014 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل May 21, 2017. 
  7. "OECD Economic Surveys". OECD. وقت August 12, 2014 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل May 21, 2017. 
  8. "2016 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. وقت March 27, 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل March 23, 2017. 
  9. ISO 8601 is the official date format of the Government of Canada: Translation Bureau, Public yet Works and Government Services Canada (1997). "5.14: Dates". The Canadian style: A guide to writing and editing (Rev. ed.). Toronto: Dundurn Press. p. 97. ISBN 978-1-55002-276-6. http://www.btb.termiumplus.gc.ca/tcdnstyl-chap?lang=eng&lettr=chapsect5&info0=5.14.  The dd/mm/yy and mm/dd/yy formats also remain in common use; see Date and time notation in Canada.
  10. Canada - Wikipedia