مواد ڏانھن هلو

ايٽلانٽڪ سمنڊ

بيھڪ: 0°N 25°W / 0°N 25°W / 0; -25
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ائٽلانٽڪ سمنڊ کان چوريل)
ايٽلانٽڪ سمنڊ جو نقشو
ايٽلانٽڪ سمنڊ
ايٽلانٽڪ وڏو سمنڊ
ائٽلانٽڪ سمنڊ جو نقشو
سامونڊي طاس ائٽلانٽڪ سمنڊ سان لڳندڙ ملڪ ۽ بندرگاھون
سطحي پکيڙ 106٬460٬000 km2 (41٬100٬000 sq mi)[2][3]
اتر ائٽلانٽڪ: 41٬490٬000 km2 (16٬020٬000 sq mi),
ڏکڻ ائٽلانٽڪ:40٬270٬000 km2 (15٬550٬000 sq mi)[4]
سراسري اونھائي 3٬646 m (11٬962 ft)[4]
وڌ کان وڌ اونھائي 8٬486 m (27٬841 ft)[4]
پاڻي جو حجم 310٬410٬900 km3 (74٬471٬500 cu mi)[4]
ڪناري جي ڊيگھ 1 111٬866 km (69٬510 mi) ننڍن سمنڊن سميت [1]
ٻيٽ ٻيٽ
کاھيون پورٽو ريڪو ; سائوٿ سينڊ وچ ; رومانچي
1 Shore length is not a well-defined measure.
ائٽلانٽڪ سمنڊ جي وڊيو جيڪا بين الاقوامي خلائي اسٽيشن تان 29 ھين مھم ۾ رڪارڊ ڪئي وئي

ايٽلانٽڪ سمنڊ يا ايٽلانٽڪ وڏو سمنڊ (انگريزي: Atlantic Ocean) (اردو: بحر اوقیانوس ) دنيا جو ٻيون نمبر وڏو سمنڊ آھي جنھن جي پکيڙ 10,64,60,000 چورس ڪلوميٽر آهي.[2][3] ھي سمند زمين جي 20 سيڪڙو سطح مٿان واقع آهي ۽ ڌرتي جي پاڻي جو 29 سيڪڙو ھن سمنڊ ۾ آھي. ھي سمنڊ پراڻي دنيا کي نئين دنيا کان ڌار ڪري ٿو. نقشي ۾ ھي سمند انگريزي اکر S جي صورت ۾ نظر ايندو آهي جنھن جي ھڪ طرف يورپ ۽ آفريڪا جا کنڊ آھن ۽ ٻئي طرف اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا کنڊ آھن. ان جي ڏکڻ ۾ اينٽارڪٽيڪا واقع آهي.

نالي جي معنيٰ

[سنواريو]
فرانس واري 1710 جي آفريڪي نقشي ۾ اينٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي تصوير

اينٽلانٽڪ نالي جو سڀ کان پراڻو ترين ذڪر ھڪ شاعر اسٽيسيڪارس لڳ ڀڳ ڇھين صدي قبل مسيح ۾ ائٽلانٽيڪوئي پيلاگيئي (يوناني: Ἀτλαντικῷ πελάγει) طور ڪيو، [5] جنھن جي معنيَ ايٽلانٽڪ سمنڊ آھن. ان بعد ھيروڊوٽس پنهنجي ڪتاب تاريخ ۾ پڻ ان نالي واري سمنڊ جو 450 ق.م. ۾ ذڪر ايٽلانٽس ٿلاسا (یونانی:Ἀτλαντὶς θάλασσα) يعني اينٽلاٽڪ سمنڊ[6] طور ڪيو. ھيروڊوٽس اھو نالو جبرالٽر جي مشھور مقام ھرڪيولس جي ٺلھن جي پار واري سمنڊ جو حوالو ڏيندي استعمال ڪيو ھو جيڪو ان مطابق سمنڊ جو اھڙو حصو ھو جيڪو زمين جي چوڌاري سمايل ھو[7]. انھن استعمالن ۾ اھو نالو يوناني ديومالا جي اٽلس نالي دیوتا سان منصوب ڪيو ويو آهي جنھن آسمانن کي ٽيڪ ڏئي کنيو ھو جنھن منظر کي بعد ۾ وچولي دؤر ۾ ڪتابي نقشي ۾ ڏيکاريو ويو ۽ اھڙي طرح دیوتا جو اھو نالو (اٽلس) موجودہ دؤر ۾ نقشن جي ڪتاب تي پڻ پئجي ويو[8] يوناني ديومالائي ادب جي قديم ترين ڪتابن اليڊ ۽ اوڊيسي ۽ قديم جھازرانن مطابق ھن سمنڊ جو نالو اوشينس (عربي: اوقيانوسيه) ھو جنھن جو مطلب ھڪ عظيم درياء ھو جيڪو پوري دنيا جي چوڌاري گھيرو ڪري بيٺل ھو.اھو خيال ڪاري سمنڊ ۽ ميڊيٽرينن سمنڊ جي بيھڪ جي ابتڙ ھيو جيڪي چوڌاري خشڪي سان گھيريل ھيا ۽ يوناني انھن جي ان بيھڪ کان خوب باخبر ھيا[9] ھڪ ٻئي خيال مطابق اھو نالو مراڪش ۾ واقع اٽلس جبل ۽ سمنڊ پار جبرالٽر واري سامونڊي لنگھ ۽ اتر آفريڪا جي ساحلي ڪناري واري ھنڌن لاء استعمال ٿيندو ھو[8]

دنيا جي وڏن سمنڊن مان هڪ جو نالو ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي، جنهن کي عربي ۾ ”بحر اوقيانوس“ سڏيو وڃي ٿو. هي پئسفڪ وڏي سمنڊ کانپوءِ دنيا جو ٻيو نمبر وڏو سمنڊآهي. هن جي پکيڙ 31,830,000 ڪروڙ چورس ميل (166,240,000 چورس ڪلوميٽر) آهي. ان ۾ هن سان لاڳاپيل ٻين سمنڊن جي پکيڙ به شامل آهي. ڌرتيءَ جي 5/1 حصي تي اهو سمنڊ پکڙيل آهي. جڏهن ته دنيا ۾ سامونڊي ايراضيءَ جي لحاظ کان اٽڪل 23.9 سيڪڙو ايراضي والاري ٿو. هن سمنڊ جي وڌ ۾ وڌ ويڪر 8 هزار ڪلوميٽر آهي. جڏهن ته ننڍي ۾ ننڍي ويڪر جيڪا برازيل ۽ آفريڪا کنڊ جي وچ ۾ آهي، سا 2700 ڪلوميٽر اٿس. اتر ۽ ڏکڻ قطب تائين هن سمنڊ جي ڊيگھه 15 هزار ڪلوميٽر آهي. هن سمنڊ تي ائٽلانٽڪ نالو آفريڪا کنڊ جي اتراولهه واري ائٽلس (Atlas) جبل سبب پيو. جيڪو ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ سان لاڳاپيل اوڀر ۾ آهي. جڏهن ته بيفن اُپسمنڊ (Baffin Bay)، هڊسن اُپسمنڊ، سينٽ لارينس نار (Lawrence St. Gulf)، ميڪسيڪو نار ۽ ڪيربين سمنڊ اولهه ۾ اٿس. خط استوا وسيلي، هيءُ سمنڊ ٻن مکيه ڀاڱن يعني اتر ائٽلانٽڪ ۽ ڏکڻ ائٽلانٽڪ ۾ ورهائجي ٿو.

ائٽلانٽڪ سمنڊ جي وڌ ۾ وڌ گھرائي، پورٽيروڪو ٽرينچ (Puerto Rico Trench) وٽ آهي. جيڪا 30,249 فوٽ ٿئي ٿي. هيءُ سمنڊ اوڀر ۾ آفريڪا ۽ يورپ کنڊ ۽ اولهه ۾ ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا کنڊن تائين پکڙيل آهي. هن سمنڊ کي دنيا جي سڀني سمنڊن ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. هن سمنڊ ۽ ساڻس لاڳاپيل ننڍن ننڍن سمنڊن تي دنيا جا وڏا وڏا تجارتي بندرگاهه موجود آهن. اهي سڀئي بندرگاهه هن سمنڊ وسيلي هڪٻئي سان واپاري ناتن ۾ جڪڙيل آهن. هن سمنڊ ۾ دنيا جا وڏا وڏا ٿڌا ۽ ڪوسا وهڪرا پيدا ٿيندا رهندا آهن، جن جو دنيا جي اڪثر ملڪن جي آبهوا تي اثر پوندو آهي.[10]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 [ https://www.cia.gov/library/publications/the-world-factbook/geos/zh.html آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-19 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]
  2. 2.0 2.1 NOAA: How big is the Atlantic Ocean?
  3. 3.0 3.1 "Atlantic Ocean", Encyclopædia Britannica, 15 February 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 20 ڊسمبر 2016۔  اڻڄاتل پيراميٽر |deadurl= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 [ Eagles, G. (2007). "New angles on South Atlantic opening". Geophysical Journal International 168 (1): 353–361. doi:10.1111/j.1365-246X.2006.03206.x. Bibcode2007GeoJI.168..353E. http://gji.oxfordjournals.org/content/168/1/353.full.pdf+html. Retrieved 23 October 2016.  ]
  5. Mangas, Julio; Plácido, Domingo; Elícegui, Elvira Gangutia; Rodríguez Somolinos, Helena (1998). La Península Ibérica en los autores griegos: de Homero a Platón - SLG / (Sch. A. R. 1. 211). Editorial Complutense. pp. 283–. https://books.google.com/books?id=pZBSML97Ya0C&pg=PA283. 
  6. 1 Ἀ. θάλασσα "la mar Atlántida" (the Atlantis sea)..., DGE Dictionary, CSIC, 2006. آرڪائيو ڪيا ويا 1 January 2018 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  7. Hdt. 1.202.4
  8. 8.0 8.1 Oxford Dictionaries 2015
  9. Janni 2015, p. 27
  10. ائٽلانٽڪ سمنڊ : (Sindhianaسنڌيانا)

ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جا ننڍا سمنڊَ

[سنواريو]

ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ اندر کوڙ ننڍا سمنڊَ واقع آھن جن ۾ پکيڙ جي لحاظ کان وڏا ھيٺ ڏجن ٿا[1][2][3]:

  1. سرگاسو سمنڊ - 35 لک چورس ڪلوميٽر (3.5 million Km2)
  2. ڪيريبئن سمنڊ - 27.54 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. ميڊيٽرينئن سمنڊ - 25.10 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م 2

  1. گني وارو نار - 23.5 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م 2

  1. ميڪسيڪو جي نار - 15.50 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م 2

  1. نَاروِيجَن سمنڊ - 13.83 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م 2

  1. ھَڊسَن اُپسَمنڊُ-12.3 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. گرين لينڊ سمنڊ-12.05 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. ارجنٽائن سمنڊ - 10 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م 2

  1. ليبراڊور سمنڊ-8.41 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. ارمنجر سمنڊ-7.80 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. بيفن اپسمنڊ-6.89 لک چورس ڪلوميٽر

Km2

  1. اتر سمنڊ -5.75 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. ڪارو سمنڊ-4.36 لک چورس ڪلوميٽر
ڪ م2
  1. بالٽڪ سمنڊ-3.77 لک چورس ڪلوميٽر
ڪ م2
  1. لِبيَن سمنڊ-3.50 لک چورس ڪلوميٽر
ڪ م2
  1. ليونٽائين سمنڊ-3.20 لک چورس ڪلوميٽر
ڪ م2
  1. ڪيلٽڪ سمنڊ-3 لک چورس ڪلوميٽر
ڪ م2
  1. ٽرينيئن سمنڊ- 2.75 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. سينٽ لارنس وارو نار-2.26 لک چورس ڪلوميٽر
ڪ م2
  1. بسڪي وارو اپسمنڊ-2.23 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. ايجيئن سمنڊ-2.14 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. آئيونيئن سمنڊ-1.69 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. بيليئيرڪ سمنڊ-1.50 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. اڊريئاٽڪ سمنڊ-1.38 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. بوسنيا وارو نار-1.163 لک چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. ڪريٽ وارو سمنڊ-95 ھزار چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. مئين وارو نار-93 ھزار چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. لگوريئن سمنڊ-80 ھزار چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. انگلش چئنل-75 ھزار چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. جيمز اپسمنڊ-68.3 ھزار چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. بوسنيئن سمنڊ-66 ھزار چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. سدرا وارو نار-57 ھزار چورس ڪلوميٽر

2

  1. ھيبرڊيز سمنڊ-47 ھزار چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. آئرش سمنڊ-46 ھزار چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. آزوف سمنڊ- 39 ھزار چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. بوسنيئن اپسمنڊ-36.8 ھزار چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. وينيزئيلا وارو نار-17.84 ھزار چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. ڪيمپيچي وارو اپسمنڊ-16 ھزار چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. لائن وارو نار-15 ھزار چورس ڪلوميٽر

ڪ م2

  1. مرمارا وارو سمنڊ - 11.35 ھزار چورس ڪلوميٽر (11,350 Km2)
  2. ويڊل سمنڊ - 10 ھزار چورس ڪلوميٽر (Km2)10,000)
  3. آرڪيپيلاگو سمنڊ- 8.3 ھزار چورس ڪلوميٽر

ايٽلانٽڪ سمنڊ جون زميني پليٽون

[سنواريو]
پينگئيا جي ٽٽڻ سان ٽن مرحلن ۾ کلڻ واري جاء تي اينٽلاٽڪ سمنڊ جو جنم

ايٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جو ٿلھو آتشي پٿر وارو ۽، ميگنيشيم ۽ لوھ سان ڀرپور خول باسالٽ ۽ گئبرو جو ٺھيل آھي جنھن مٿان سنھي چيڪي مٽي، وَارِي ۽ تھ جي جر مان نڪتل سليڪيٽ معدنيات واري نيڪال جو تھ چڙھيل آهي. جن سمنڊ جو سڀ کان پراڻو ترو ساڍا چوڏھن ڪروڙ سال پراڻو آھي جيڪو آفريڪا جي اولھندي ڪناري ۽ اتر آمريڪا جي اوڀر واري ڪناري لڳ واقع آهي[4][5]

پينگئيا جو وچ ايٽلانٽڪ واري جاء کان ڦاٽڻ

[سنواريو]
وچ ايٽلانٽڪ واري جاء تان زمين جو ڦاٽڻ

زمين جي سڀ کان وڏي کنڊ پينگئيا جي ٽٽڻ جي شروعات وچ ايٽلانٽڪ ۾ اتراولھ آفريڪا ۽ اتر آمريڪا جي وچ تي ٿي هئي جتي ٽرائسڪ واري پوئين دؤر ۽ جيوراسڪ واري شروعاتي دؤر ۾ طاس يا حوض ٺھڻ جي شروعات ٿي چڪي ھئ. ان دؤر ۾ ئي اٽلس جبلن جي قطارن مٿي اڀرڻ شروع ڪيو ھو. انھن جبلن جي اڀرڻ جي وقت بابت اندازا اختلاف وارا آھن[6] زمين جي ڦاٽڻ جي شروعات وچ ايٽلانٽڪ جي مقناطيسي ميدان کان ٿي ھئي[7].

ڏکڻ ايٽلانٽڪ جو کُلڻ

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. https://www.livescience.com/29533-the-worlds-biggest-oceans-and-seas.html
  2. https://www.worldatlas.com/
  3. آرڪائيو ڪاپي, اصل کان 08 نومبر 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 17 آڪٽوبر 2020۔  اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  4. Fitton, Godfrey; Larsen, Lotte Melchior (1999), "The geological history of the North Atlantic Ocean", صص: 10, 15۔ 
  5. Atlantic Continental Shelf and Slope of the United States, US Geological Survey, 1962, ص: 16۔ 
  6. Seton et al. 2012, Central Atlantic, pp. 218, 220
  7. Blackburn et al. 2013, p. 941