الاباما

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسٽيٽ آف الاباما
State of Alabama

Flag of الاباما
{{{coat_alt}}}
جھنڊو عظيم مھر
شُعار: 'Seal of Alabama.svg
Projection of North America with the United States in green
The United States and its territories
يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي نقشي ۾ الابما جي رياست ڳاڙهي رنگ سان ڏيکاريل
گادي جو هنڌ مونٽگومري
سڀ کان وڏو شهر برمنگھم
دفتري ٻوليون انگريزي
مقامي ٻولي *انگريزي ڳالهائيندڙ: 95.1 سيڪڙو
  • اسپيني ڳالھائيندڙ: 3.1 سيڪڙو
مقامي آبادي الاباميئن يا الابامائي
حڪومت رياستي حڪومت
ريپبلڪن پارٽي جو ڪي آئوي (Kay Ivey)
• وفاقي سينيٽر
ٻہ ۽ ٻئي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جا
• وفاق جي ھائوس آف رپريزنٽٽيٽوز ۾ نمائندگي
6 ميمبر
مقننه الاباما ليجسليچر
الاباما رياست جي سينيٽ
الاباما رياست جو ھائوس آف رپريزنٽٽيٽوز
جمھوريت
• پراڻو نالو
الاباما ٽيريٽري
• وفاق واري يونين ۾ شامل ٿيڻ جي تاريخ
14 ڊسمبر 1819
• ھر اول شامل ٿيندڙ رياستن ۾ نمبر
22
پکيڙ
• 
135٬765 km2 (52٬419 sq mi) (ٽيھون نمبر)
• پاڻي (%)
3.20 سيڪڙو
آبادي
• 2016 مردم شماري
4,863,300 (2016 est.)[1] (آمريڪي رياستن ۾ 24 نمبر)
•  گھاٽائي
[اوزا تبديل: invalid number] (رياستن ۾ 27 نمبر)
الاباما جون رياستي علامتون

الاباما جو جھنڊو

الاباما جي مھر
زندہ علامتون
جلٿليو جانور ريڊ ھلس سيليمينڊر (ڳاڙھي جبلن وارو سانڊو)
پکي ييلو ھئمر (Northern flicker) ، جهنگلي ٽرڪي
پوپٽ اوڀر جو ٽائيگر سوالو ٽيل
مڇي وڏي منھن واري باس، اينٽلانٽڪ ويڙھاڪ ٽارپن
گل ڪميليا، اوڪ ليف ھائڊرينجيا
گھوڙي جي نسل وارو مئمل ريڪنگ گھوڙو
جيت شاھي پوپٽ (Monarch butterfly)
مئمل آمريڪي ڪارو رڇ
ڪرڙانگ جانور الاباما جي ڳاڙهي پيٽ واري ڪمي
وڻ ڊگھي پن وارو صنوبر (Longleaf pine)
بي جان علامتون
مشروب ڪنيڪا رج وسڪي
رنگ ڳاڙھو ۽ اڇو
رقص اسڪوائر ڊانس
کاڌو ڦاروا(بليڪ بيري)، آڙو، پيڪان(Pecan) (اکروٽي ميوو)
پنڊ پهڻ باسلوسارس (Basilosauru )
قيمتي پٿر اسٽار بلو ڪوارٽز
معدنيات ھيماٽائيٽ
جبل ماربل
کوپيدار جانور جان اسٽونس جنونيا
نعرو حيرت ورھايو
خوبصورت الاباما,
جتي آمريڪا پنھنجو آواز سڃاتو,
الاباما ھڪ مٺڙو گھر,
"ڊڪسي جي دل"
ڀومي باما
گيت "الاباما (رياستي گيت)"
State route marker
الاباما state route marker
State quarter
الاباما quarter dollar coin
Released in 2003
Lists of United States state symbols

الاباما (انگريزي ٻولي: Alabama) آمريڪا جي ڏاکڻي پرڳڻي واري رياست آهي جنهن جي ڏکڻ ۾ تينيسي، اوڀر ۾ جارجيا، ڏکڻ ۾ فلوريڊا ۽ميڪسيڪو نار ۽اوڀر ۾ مسيسيپي آهي.[2]

تفصيلي تعارف[سنواريو]

الاباما جنھن کي آمريڪن انگلش ۾ الابما پڻ اچاربو آھي ان کي ڊڪسي جي دل ۽ ڪپھ واري رياست پڻ چوندا آهن.ان جو گاديءَ جو هنڌ مونٽگومري ۽ آبادي ۾ سڀ کان وڏو شھر برمنگھم آهي جيڪو صنعتي شھر آھي. پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو شھر ھَنٽسوِل. ھن رياست جو سڀ کان پراڻو شهر موبل آھي جنھن جو بنياد فرانسيسين رکيو ھو ۽ نوآبادڪارن 1702 ۾ ان کي فرينچ لوزيانا جو گاديءَ جو ھنڌ بڻايو.

جيڪسن ڪائونٽي ۾ واقع رسل غار جنھن مان 6550 کان 6145 ق م جي ڪيمپ فائر ۾ باھ ۾ استعمال ٿيل ڪوئلو مليو آهي

ھن رياست ۽ ان ۾ ساڳي نالي سان واقع ندي جو الاباما نالو مسڪوجيئن(Muskogean) ٻولي ڳالهائيندڙ قبيلي جي نالي مان نڪتل آهي جنھن جا ماڻهو الاباما سڏبا ھئا.ان قبيلي جا ماڻهو ٻن ندين ھرھڪ ڪوسا ندي(Coosa River) ۽ ٽالاپوسا ندي(Tallapoosa River) جي سنگم واري پاسي جا رھندڙ ھئا. [3] الاباما ٻولي ۾ الاباما نسل جي ماڻهن لاءِ البامو (Albaamo) يا الباما (Albaama) ۽ جمع واري صورت ۾ البامھا (Albaamaha) استعمال ٿيل آهي [4]

تاريخ[سنواريو]

يورپين مان سڀ کان اول 1540 ۾ اسپيني کوجنا ڪندڙ سورھين صدي عيسويءَ ۾ ھن رياست واري علائقن ۾ پھتا انھن کان 160 سال بعد فرانسيسين موبل (Mobile) شھر جو 1720 ۾ بنياد وڌو. [5] اھو شھر پوء پراڻي جاء تان موجوده مقام تي منتقل ٿيو ھو . برطانيا ۽ فرانس ۾ ھلندڙ ست سالن جي جنگ بعد الاباما برطانيا جي قبضي ۾ آيو جنھن کي اولھ فلوريڊا جو حصو بنايو ويو. اھڙي طرح 1763 کان 1783 تائين اتي برطانيا جو ڪنٽرول رھيو.ان بعد يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي فتح بعد ان رياست جو علائقو گڏيل رياستن ۽ اسپين جي وچ ۾ ورھائجي ويو.اسپين اھڙي طرح الاباما جي علائقن تي 1783 کان 30 سال قابض رھيو جن ۾ موبل ۽ بالڊون (Baldwin) جا علائقا شامل ھئا.1812 ۾ مسيسيپي وارو علائقو بہ ان۾ شامل ڪيو ويو. 13 اپريل 1813 ۾ موبل ۾ اسپين جي گئريزن گڏيل رياستن آڏو ھٿيار ڦٽا ڪيا [6][7] ھن رياست جي برطانيا جي ڪنٽرول دوران 1770 واري ڏھاڪي ۾ برطانوي وفادار ٿامس باسيٽ ٽامبيگبي ندي جي ڀرسان ان ندي جي ئي نالي سان ضلعي ۾ آبادي جو بنياد وڌو ۽ ان ضلعي علائق۾ موجودہ موبل، ڪليرڪ ۽ واشنگٽن واريون ڪائونٽيون شامل ھيون.

نقشو ٻڌائي ٿو تہ مسيسيپي ۽ الاباما وارا علائقا ڪيئن جڙي پاڻ ۾ گڏ ٿيا

گڏيل رياستن جي يونين 3 مارچ 1817 ۾ الاباما ٽيريٽري جو بنياد وڌو ۽ سينٽ اسٽيفنس کي ان جو گاديءَ وارو ھنڌ بڻايو جيڪو 1819 تائين رھيو . [8] جنھن بعد 14 ڊسمبر 1819 تي الاباما کي يونين جي 22وين رياست تسليم ڪري شامل ڪيو ويو. ان جي شھر ھنٽسول کي پھرين آئيني ڪنوينشن جي مقام طور ڪانگريس لاءِ چونڊيو ويو جتي 5 جولائي کان 2 آگسٽ 1819 تائين نئين آئين ٺاھڻ لاء وفد گڏ ٿيندا رھيا. ھنٽسول (Huntsville) کي عارضي طور تي الاباما جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو جيڪو 1920 تائين رھيو.جنھن کان پوءِ گاديءَ جو هنڌ اتان ڊيلاس ڪائونٽي جي شھر ڪھابا (Cahaba) منتقل ڪيو ويو [9]

وڏو ھائوس 1833 ۾ گريني ڪائونٽي جي شھر ٿارن ھل Thornhill ۾ ٺھيو

ڪھابا جيڪو ھاڻي گھوسٽ ٽائون (ghost town) سڏجي ٿو 1825 تائين ھن رياست جو گاديءَ جو هنڌ رھيو [10] ھن رياست جي زمين زرخيز ھئي ۽ ڪپھ جي فصل لاءِ ڏاڍي موزون ھئي تنھنڪري رياست جي قيام سان ھتي آبادڪاري ۾ تيزي سان اضافو ٿيو [11][12]سن 1810۾ ھن رياست جي آبادي ڏھ ھزار ھئي جيڪا 1830 ۾ وڌي ٽي لک ٿي وئي ھتي جي مقامي آبادي ڪثرت ۾ ريڊ انڊين قبيلن جي ھئي پر 1830 ۾ ڪانگريس ۾ انڊين رموول ايڪٽ (Indian Removal Act) پاس ٿيڻ کان پوءِ انھن کي ھن رياست مان بي دخل ڪري نيڪاليو ويو[13]سن 1860 ۾ رياست جي آبادي 964201 تائين ٿي وئي جنھن ۾ 435080 ڪارا آفريقي غلام ۽ انھن ڪارن مان آزاد ڪيل 2690 شامل ھيا [14]. ھن رياست جي آئين ۾ صرف گورن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو.ڏکڻ اوڀر کان آيل آبادگار ۽ واپاري ھتي ڪپھ جي پوکيءَ لاءِ پاڻ سان گڏ غلام وٺي آيا.غلام ڪاري چمڙي وارا ھيا ۽ انھن جي اضافي سان ھتي ڪپھ جي پوک ۾ وڏو اضافو ٿيو جنھن ڪري معاشي طور تي ھن رياست جي علائقي تي بليڪ بيلٽ ريجن نالو پئجي ويو .1826 کان 1846 تائين ٽسڪالوسا ھن رياست جو گاديءَ جو هنڌ رھيو ۽ 30 جنوري 1846 ۾ الاباما جي قانونساز اسيمبلي گاديءَ جو ھنڌ ٽسڪالوسا کان مونٽگومري منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نئين گاديءَ جي هنڌ ۾ قانونساز اسيمبلي جو پھريون اجلاس ڊسمبر 1847 ۾ ٿيو. مونٽگومري اڄ تائين الاباما جي گاديءَ جي ھنڌ طور برقرار آهي.

پراڻي گاديءَ جي ھنڌ ٽسڪالوسا Tuscaloosa جي ھڪ عمارت جا کنڊر جنھن جو آرڪيٽيڪٽ وليم نڪولس ھيو

خانہ جنگي وارو دؤر[سنواريو]

11 جنوري 1861 ۾ گڏيل رياستن جي يونين کان علحدگي جو اعلان ڪري آزاد ٿي وئي ۽ ڪجهه ڏينهن بعد ھي رياست آمريڪا جي رياستن جي ڪنفيڊريشن، جنھن جو نالو ڪنفيڊريٽ اسٽيٽس آف آمريڪا ھيو، ۾ شامل ٿي وئي. ان ڪنفيڊريشن جو گاديءَ جو ھنڌ بہ شروع ۾ مونٽگومري ٿيو ۽ خانہ جنگي واري دؤر ۾ ٿيندڙ جنگن ۾ الاباما ڪنفيڊريٽ رياستن مان سڀ کان پيش پيش ھئي. ان جي 1،20،000 سپاھين جنگ ۾ بھرو ورتو.

يونين واري فوج 1864 ۾ ھنٽسول شھر تي قبضي بعد ڪورٽ ھائوس چوڪ تي ڏيکاريل

خانہ جنگي جو بنيادي سبب غلاميءَ جو خاتمو ھيو جيڪو يونين واري رياستن جو مطالبو ھيو ۽ ان وقت يونين جو صدر ابراھام لنڪن ھيو. ڪنفيڊريشن واريون رياستون غلاميءَ جي خاتمي جون مخالف ھيون ۽ ان کي قائم رکڻ جي حق ۾ ھيون . ڪنفيڊريشن جي رياستن نيٺ شڪست کاڌي ۽ ڪنفيڊريشن جو خاتمو ٿي ويو ان سان گڏوگڏ غلاميءَ جو بہ خاتمو ٿي ويو. 1865 ۾ آئين جي 13 ترميم تحت الاباما رياست جا ڪارا غلام سڀ آزاد ٿي ويا [15] جنگ جي 1865 ۾ خاتمي کان پوءِ الاباما تي فوجي حڪومت قائم ٿي جيڪا 1868 تائين، يونين ۾ ان جي بحالي تائين، جاري رھي. ھن نئين ابتدا سان ڪارن کي اتي ووٽ جو حق مليو ۽ انھن جا ان وقت ٽي ميمبر الاباما جي تڪن مان چونڊجي آمريڪي ڪانگريس ۾ پھتا.

ويھين صديءَ وارو دؤر[سنواريو]

برمنگھم 1915 ۾ ترقي جي شاهراهه تي

وفاقي آئين کان علاوه آمريڪا ۾ ھر رياست جو پنھجو آئين بہ ھوندو آھي.سھڙي طرح الاباما جو آئين پڻ آھي.خانہ جنگي بعد غلامي جي منسوخي باوجود نسلي تفريق قائم رھي 1901 ۾ الاباما جي آئين ۾ ترميم ڪري ملڪ ۾ گورن ۽ ڪارن جي اسڪولن کي علحده رکيو ويو.1903 ۾ ڪارن جي تعليم يافتہ ماڻھن جو تعداد 74000 ھزار ھجڻ باوجود رڳو 2980 کي رجسٽر ڪيو ويو. نسلي مت ڀيد کي نون قانونن ذريعي وڌايو ويو. ڪارن کي ووٽ جي حق کان بہ محروم ڪرڻ جا سانباها ٿيندا رھيا. ان نسلي زيادتي جو سلسلو 1965 تائين ھليو جنھن سال وفاق نوان قانوني سڌارا آڻي شھرين جي آئيني حقن کي نافذ ڪيو [16]

اڳوڻو مائونٽ سينائي اسڪول (Mount Sinai School) جيڪو ٻھراڙيءَ جي آٽاگا ڪائونٽي (Autauga County) ۾1919 ۾ ٺھيو ھو ۽ 387 روزنوالڊ اسڪولن مان ھڪ ھيو

جاگرافي[سنواريو]

الاباما جو نقشو

الاباما گڏيل رياستن جي 30 نمبر وڏي رياست آھي جنھن جي ايراضي52٬419 چورس ميل (135٬760 km2) آھي.ھن رياست جو سٺ سيڪڙو زمين ميداني آھي، جنھن ۾ مسيسيپي درياء ۽ گلف آف ميڪسيڪو وارن پاسن کان ھيٺاھين آھي.رياست جي اتر طرف کان علائقي جابلو آھي جن مان ٽنيسي ندي گزري ان علائقي کي ھڪ وادي جي صورت ڏئي ٿي جنھن ۾ پاڻي جو نھرون، ٽڪريون ۽ ڍنڍون پڻ واقع آھن. الاباما رياست جون حدون اتر ۾ٽنيسي (Tennessee), اوڀر ۾ جارجيا، ڏکڻ ۾ فلوريڊا ۽ اولھ ۾ مسيسيپي.ھن رياست جي ڏکڻ ۾ گلف آف ميڪسيڪو پڻ واقع آهي سمنڊ جي سطح کان سڀ کان اوچو مقام ھن رياست ۾ مائونٽ چيھا آھي. جنھنجي اوچائي 2٬413 ft (735 m)آھي.[17]ھن رياست جي زمين جو 220 لک ايڪڙ يا 89000 چورس ڪلوميٽر علائقو ٻيلن تي مشتمل آهي جيڪو پوري رياست جو 67 سيڪڙو آھي. [18] ھن ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪائونٽي بالڊون ڪائونٽي آھي. [19]

موسم[سنواريو]

برمنگھم ۾ سرء جي موسم جو ھڪ وڻ

رياست جي موسم گھميل ۽ سب ٽراپڪ آھي.[20] ساليانو سراسري گرمي جو پد 18 سينٽي گريڊ يا 64 فارنھائيٽ آھي. رياست جي ڏاکڻي حصي ۾ ميڪسيڪو جي نار واري پاسي نسبتن وڌيڪ گرمي ٿيندي آهي ۽ وري اتر پاسي اپلاچين(Appalachian) جبلن واري پاسي وڌيڪ ٿڌ ٿيندي آهي. اونھاري ۾ شديد گرمي 32 سينٽي گريڊ تائين ٿيندي آھي.

فل ڪيمپ بيل ۾ 27 اپريل 2011 تي ٽورنيڊو طوفان سان ٿيل تباھي جي تصوير

اوڪلاھاما وانگر الاباما ۾ تمام گھڻا ٽورنيڊو طوفان ايندا آھن.

فيبروري 2010 ۾ برمنگھم ۾ سٽي ھال ٻاھران برف پوڻ جو منظر

شھري آبادي[سنواريو]

برمنگهم شھر رياست جو آبادي۾ سڀ کان وڏو شھر ۽ ميٽروپوليٽن آهي
مونٽگومري شھر رياست جو ٻيون وڏو شھر ۽ چوٿين وڏي ميٽروپولس آھي
ھنٽسول رياست جو ٽيون وڏو شھر ۽ ٻيون نمبر وڏي ميٽروپولس آھي
موبل ھتان جو چوٿون وڏو شھر ۽ ٽين وڏي ميٽروپولس آھي
گڏيل شمارياتي علائقا[21]
Rank گڏيل شمارياتي علائقا آبادي 2016 ۾ آبادي 2010 ۾
1 برمنگھم- ھوور-ڪلمين ميٽروپوليٽن جو گڏيل علائقو 1,361,299 1,302,283
2 چيٽنوگا- ڪليو لينڊ-ڊيلٽن جو گڏيل شمارياتي علائقو [CSA 1] 954,228 923,460
3 ھنٽسول- ڊيڪاٽر- البرٽول جو گڏيل علائقو 768,033 664,441
4 موبل- ڊيفني- فيئر ھوپ جو گڏيل علائقو 623,399 595,257
5 ڪولمبس- آبرن - اوپليڪا جو گڏيل علائقو[22] 501,589 469,327
6 ڊوٿن- انٽرپرائيز- اوزارڪ جو گڏيل علائقو 248,286 245,838
ميٽروپوليٽن علائقا [23]
درجو ميٽروپوليٽن علائقو آبادي 2016 ۾ آبادي 2010 ۾
1 برمنگھم ميٽروپوليٽن 1,147,417 1,128,047
2 ھنٽسول ميٽروپوليٽن 449,720 417,593
3 موبل ميٽروپوليٽن 414,836 412,992
4 مونٽگومري ميٽروپوليٽن 374,000 374,536
5 ٽسڪالوسا ميٽروپوليٽن 241,378 230,162
6 بالڊون ڪائونٽي ۾ ڊيفني،فيئر ھوپ ۽ فولي 208,563 182,265
7 ڊيڪاٽر ميٽروپوليٽن 152,256 153,829
8 دوٿان ميٽروپوليٽن 147,834 145,639
9 آبرن ميٽروپوليٽن 158,991 140,247
10 فلورنس ۽ مسل شولس 146,534 147,137
11 اينسٽن - آڪسفورڊ جيڪسنول ميٽروپوليٽن 114,611 118,572
12 گيٽسڊين ميٽروپوليٽن 102,564 104,430

معيشت[سنواريو]

1978ع ۾ مارشل اسپيس فلائيٽ سينٽر ۾ اينٽرپرائيز خلائي شٽل جي آزمائش
الاباما جي شھر مونٽگومري ۾ 2010ع ۾ ھانڊئي موٽر مينيوفيڪچرنگ
موبل شھر ۾ الاباما جي سائوٿ يونيورسٽي جي ڪمپيوٽنگ اسڪول جو شيلبي ھال
Mercedes-Benz U.S. International in Tuscaloosa County was the first automotive facility to locate within the state.
Airbus Mobile Engineering Center at the Brookley Aeroplex in Mobile
Regions-Harbert Plaza, Regions Center, and Wells Fargo Tower in Birmingham's financial district.

سياسي انتظام ۽ حڪومت[سنواريو]

The State Capitol Building in Montgomery, completed in 1851
The Heflin-Torbert Judicial Building in Montgomery. It houses the Supreme Court of Alabama, Alabama Court of Civil Appeals, and Alabama Court of Criminal Appeals.
Governor Kay Ivey is the current and second female Governor of Alabama. She is the only Republican female Governor in the state's history.

حوالا[سنواريو]

  1. "Population and Housing Unit Estimates". U.S. Census Bureau. حاصل ڪيل June 22, 2017. 
  2. "7 Alabama state parks earn total of 9 TripAdvisor Hall of Fame honors - Yellowhammer News | Yellowhammer News". yellowhammernews.com. حاصل ڪيل 2018-06-15.  horizontal tab character in |title= at position 90 (مدد)
  3. Read, William A. (1984). Indian Place Names in Alabama. University of Alabama Press. ISBN 0-8173-0231-X. OCLC 10724679. 
  4. Sylestine, Cora; Hardy; Heather; and Montler, Timothy (1993). Dictionary of the Alabama Language. Austin: University of Texas Press. ISBN 0-292-73077-2. OCLC 26590560. http://www.ling.unt.edu/~montler/Alabama/. 
  5. "Alabama State History". theUS50.com. وقت August 25, 2006 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل September 23, 2006. 
  6. "Alabama History Timeline". Alabama Department of Archives and History. حاصل ڪيل July 27, 2013. 
  7. Thomason, Michael (2001). Mobile: The New History of Alabama's First City. Tuscaloosa: University of Alabama Press. p. 61. ISBN 0-8173-1065-7. 
  8. "Old St. Stephens". Encyclopedia of Alabama. Auburn University. حاصل ڪيل June 21, 2011. 
  9. "Huntsville". The Encyclopedia of Alabama. Alabama Humanities Foundation. حاصل ڪيل January 22, 2013. 
  10. "Old Cahawba, Alabama's first state capital, 1820 to 1826". Old Cahawba: A Cahawba Advisory Committee Project. حاصل ڪيل September 22, 2012. 
  11. LeeAnna Keith. "Alabama Fever". Encyclopedia of Alabama. Auburn University. حاصل ڪيل September 22, 2012. 
  12. "Alabama Fever". Alabama Department of Archives and History. State of Alabama. وقت January 17, 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل September 22, 2012. 
  13. Wayne Flynt. "Alabama". Encyclopedia of Alabama. Auburn University. حاصل ڪيل September 22, 2012. 
  14. "Alabama History Timeline". Alabama Department of Archives and History. State of Alabama. حاصل ڪيل September 22, 2012. 
  15. {{cite web|url=http://www.historicaldocuments.com/13thAmendment.htm |title=13th Amendment to the U.S. Constitution: Abolition of Slavery (1865) |accessdate=September 23, 2006 |year=2005 |work=Historical Documents |publisher=HistoricalDocuments.com |deadurl=yes |archiveurl=https://web.archive.org/web/20061031131251/http://www.historicaldocuments.com/13thAmendment.htm |archivedate=October 31, 2006 }
  16. "Segregation (Jim Crow)". Encyclopedia of Alabama. حاصل ڪيل 2018-05-26. 
  17. "NGS Data Sheet for Cheaha Mountain". U.S. National Geodetic Survey. حاصل ڪيل June 8, 2011. 
  18. Alabama Forest Owner's Guide to Information Resources, Introduction, Alabamaforests.org آرڪائيو ڪيا ويا April 27, 2015, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  19. {{cite web|url=http://factfinder.census.gov/servlet/GCTTable?_bm=y&-context=gct&-ds_name=DEC_2000_SF1_U&-mt_name=DEC_2000_SF1_U_GCTPH1R_ST2S&-CONTEXT=gct&-tree_id=4001&-redoLog=true&-geo_id=04000US01&-format=ST-2 |title=Alabama County (geographies ranked by total population): 2000 |date=2000 |work=Geographic Comparison Table |publisher=U.S. Census Bureau |accessdate=May 14, 2007|archiveurl=https://web.archive.org/web/20081011232646/http://factfinder.census.gov/servlet/GCTTable?_bm=y&-context=gct&-ds_name=DEC_2000_SF1_U&-mt_name=DEC_2000_SF1_U_GCTPH1R_ST2S&-CONTEXT=gct&-tree_id=4001&-redoLog=true&-geo_id=04000US01&-format=ST-2%7Carchivedate=October 11, 2008|deadurl=yes}
  20. "Encyclopedia of Alabama: Climate". University of Alabama. 
  21. "Annual Estimates of the Resident Population: April 1, 2010 to July 1, 2016". United States Census Bureau. حاصل ڪيل January 6, 2017. 
  22. In Alabama, only Lee, Russell, and Chambers Counties (total 2016 population: 251,006; total 2010 population: 227,409) are included in the Columbus CSA)
  23. "Annual Estimates of the Resident Population: April 1, 2010 to July 1, 2016". United States Census Bureau. حاصل ڪيل December 30, 2017. 


حوالي جي چڪ: "CSA" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="CSA"/> نہ مليو