ايليڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


ايليڊ, ڪتاب اٺون، سٽون 245 کان 253، پنجين صدي جي آخر يا ڇهين صدي جي شروعات وارو يوناني قلمي نسخو

ايليڊ(انگريزي: Iliad ) ايلين وارو گيت (انگريزي: Song of Ilion) يا ايليم وارو گيت (انگريزي: Song of Ilium ) قديم يوناني رزميه بيتن تي مشتمل داستان آھي جنھن کي ھومر سان منصوب ڪيو ويو آهي. خيال آهي تہ اھا شاعري اٺين صدي قبل مسيح ۾ لکي وئي ۽ اھا مغربي ادب جي اوڊيسي سان گڏوگڏ سڀ کان پراڻي شاعري آهي[1] موجوده معيار واري ڪتابي صورت ۾ ايليڊ 15693 سٽن تي مشتمل آهن جيڪي 24 ڪتابن ۾ ورھايل آھن. لفظ ايليڊ جي لغوي معني ايليان آهي جيڪو ٽراء جي گادي جو نالو ھو[2].

داستان جو تاريخي پسمنظر[سنواريو]

قديم يونان جو سڀ کان عظيم واقعو اخائي يونانين پاران ٽراءِ شهر جو محاصرو هو. اهي يوناني تڏهن اوڀر ڀونچ سمنڊ (رومي سمنڊ) جي علائقن جا سڀ کان طاقتور ويڙهاڪ هوندا هئا[2]. ٽراءِ اخائين جي هٿن ۾ وڃڻ جي روايتي طور تاريخ 1184 ق.م ٻڌائي وڃي ٿي. پر هڪ صدي يا لڳ ڀڳ ايترو عرصو پوءِ اتر يورپ کان ڪاهه ڪندڙن جي ڪري ڀونچ سمنڊ واري ڪناري واري سموري دنيا ۾ اٿل پٿل آڻي ڇڏي ۽ هوندي سوندي وارا ۽ امير اخائي انهي طوفان کان اڳ ڀڄي پناهگير ٿي ايجين سمنڊ ٽپي اوڀر طرف ويا هليا ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجو طرز زندگي ۽ پنهنجا گيت پڻ کنيو ويا[2]. اخائين موجوده ترڪي جي خطي اناطوليه جي علائقي آيونيا ۾ نيون آباديون قائم ڪيون ۽ مقامي آبادي ۾ ايترو ڪاميابي سان ضم ٿي ويا جو انهي ميلاپ مان نيون شهري رياستون وجود ۾ اچي ويون. پراڻيون عادتون آهستي آهستي نئين تهذيب ۾ ضم ٿي ويون جيڪا امن امان جي لحاظ کان ته وڌيڪ پر شان و شوڪت جي لحاظ کان گهٽ هئي. اڳ ۾ جنهن حڪومت جي حيثيت اميرن جي ڪانفيڊريسي جي هوندي هئي جنهن ۾ هڪ وڏو سردار سڀني جو غير متنازع اڳواڻ هوندو هو انهي جي جاءِ تي اهڙي اشرافيه اچي وئي جنهن ۾ سڀ امير برابر هئا. مختصر طور چئجي ته بادشاهي نظام جي جاءِ تي اشرافيه نظام اچي ويو[2].

ايليڊ جو داستان[سنواريو]

ايڪليز جي ڪاوڙ جي عنوان واري 1819 ۾ ٺاھيل مائيڪل ڊرولنگ جي پينٽنگ


ھن ڪتاب محاصري جي فقط هڪ رخ يعني اڪليز جي ڪاوڙ کي بحث هيٺ آڻي ٿو[2].

حصو پھريون[سنواريو]

ڪتاب جي پھرين حصي جي تت مطابق انهي جي شروعات قيدي عورت بابت تڪرار سان ٿئي ٿي جنهن ۾ هڪ پاسي سڀ کان وڏو اخائي ويڙهاڪ اڪليز آهي ۽ ٻئي پاسي اگاميمنان انهي اخائي فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي جيڪا نون ورهين کان ايليان جو محاصرو ڪيو بيٺي آهي. انهي محاصري جو مقصد اگاميمنان جي ڀاءُ مينيلاس جي زال هيلين کي ٽروجن بادشاهه پريام جي پٽ پيرس جي چنبي مان آزاد ڪرائڻو هو. اگاميمنان اپالو جي پادري ڪريسيس کي ڪاوڙائي وڌو هو ڇاڪاڻ جو هن سندس ڌيءَ کي ڀنگ عيوض آزاد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اها هاڻ اگاميمنان جي ٻانهي هئي. ڪريسيس اپالو کي يونانين کي سيکت ڏيڻ جي درخواست ڪئي ۽ ديوتائن انهن جي مٿان وبا موڪلي ڇڏي[2]. اڪليز هڪ مجلس ڪوٺائي جنهن ۾ هڪ ڏاهي اهو فيصلو ڏنو ته ڇوڪري پنهنجي پيءُ کي واپس ڪئي وڃي ۽ اپالو لاءِ ڪا ڀيٽا ڏني وڃي. اگاميمنان انهي تي بيدليءَ سان راضي ٿيو پر وري انهي ڳالهه جو پلئه هيئن پاڙيائين جو اڪليز جي ويهاريل ٻانهي بريزيز کي پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين[2]. اڪليز انهي تي ڪاوڙجي ماٺ ميٺ ۾ پنهنجي تمبوءَ ۾ ويو هليو ۽ جنگ ۾ حصو وٺڻ کان نابري واري ڇڏيائين. هن پوءِ پنهنجي آسماني ماءَ ٿيٽس کي عرضداشت ڪئي جنهن ديوتائن جي حاڪم زيوس کي پنهنجي پٽ جو پلاند ڪرڻ تي آماده ڪيو[2].

ٻيون حصو[سنواريو]

اگاميمنان خواب ڏٺو ته هو ايندڙ حملي ۾ ٽراءِ تي قبضو ڪري ويندو ۽ انهي کان پنهنجن جرنيلن کي به آگاه ڪري ڇڏيائين. پر انهي کان اڳ هن محاصري لاءِ پنهنجي سپاهه جي جوش جذبي جو امتحان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سپاهين آڏو ٻه ڳالهيون رکيون ته ڇا هو ٽراءِ فتح ڪرڻ گهرن ٿا يا بنا دير گهر وڃڻ چاهين ٿا. هو اهو ڏسي ڪنبي ويو ته سندس ماڻهن کل خوشي سان واپسي جون تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن. سندس خواب به زيوس طرفان هڪ اٽڪل هئي جيئن سندس غرور ۽ آڪڙ کي حدن ۾ رکي سگهجي[2] .

ٽيون حصو[سنواريو]

هاڻي ٻئي فوجون هڪ ٻئي ڏانهن وڌيون پر ٽروجن ڌر مان پيرس ۽ هيڪٽر جي ڏنل انهي تجويز تي لڙائي رڪجي وئي ته پيرس ۽ مينيلاس دوبدو لڙائي ڪري معاملي جو فيصلو ڪن. جيڪڏهن پيرس کٽي وڃي ته هو ڀلي هيلين کي پاڻ وٽ رکي ۽ يوناني واپس موٽي وڃن[2]. پر جيڪڏهن مينيلاس کٽي وڃي ته هيلين ۽ سندس سموري ملڪيت يونانين جي حوالي ڪئي وڃي ۽ صلح ڪيو وڃي. پيرس وڙهيو ۽ مينيلاس هٿان شڪست کاڌائين پر محبت جي ديوي ايفروڊائيٽ کيس بچائي ورتو ۽ کيس ٽراءِ ڏانهن موٽائي وئي[2].

چوٿون حصو[سنواريو]

انهي دوبدو لڙائي کانپوءِ پيدا ٿيل صلح ختم ٿي ويو ۽ اگاميمنان پنهنجي فوج جي جنگي تياري جو معائنو ڪري رهيو هو جو هن جو ڊيوميڊيز سان جھيڙو ٿي پيو. هن ٽروجنس سان موتمار معرڪي ۾ پاڻ کي نمايان ڪري ڏيکاريو هو ۽ ايفروڊائيٽ ديوي جڏهن پنهنجي پٽ کي بچائي وٺي وڃي رهي هئي ته ان کي به وڃي ورتو هئائين[2]. انهي کان سواءِ اينياس (جنهن کي اڳتي هلي ورجل لافاني ڪيو) ۽ ايريز ديوتا کي به ورتو هئائين جڏهن هو ٽروجنس جي مدد لاءِ ڌوڪي آيو هو[2].

حصو پنجون[سنواريو]

هيڪٽر هاڻي پنهنجي ماءِ هيڪوبا کي عرض ڪيو ته هو ايٿينا ديوي کي چئي ٽروجنس جي حمايت ۾ وچ ۾ اچڻ جو چئي[2].

حصو ڇھون[سنواريو]

هيڪٽر ايليان ۾ هيلين سان ڳالهايو ۽ پيرس ڏانهن هنگامي پيغام موڪليو ته هو هٿيار بند ٿي پيش قدمي شروع ڪري. آخر ڪار هڪ دل ڀڄائيندڙ ٽڪري ۾ هيڪٽر پنهنجي زال اينڊرو ميخ ۽ پٽ ايسٽيناڪس سان اهڙي ماڻهو جي انداز ۾ ڳالهي ٿو جنهن کي خبر هجي ته سندس ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن[2].

حصو ستون[سنواريو]

هيڪٽر ۽ پيرس جنگ جي ميدان ڏانهن موٽن ٿا ۽ هيڪٽر يوناني کي للڪار ڪري ٿو ته ڀل ڪير به اچي هن سان دوبدو مقابلو ڪري. لشڪر انهي مقابلي لاءِ سڀ کان طاقتور اجيڪس جي چونڊ ڪئي. مقابلو بنا نتيجي ختم ٿي ويو پر پوائنٽن جي لحاظ کان اجيڪس کٽي ويو[2]. انهي کان پوءِ وري صلح ٿي ويو جنهن دوران ٽروجنس اها تجويز ڏني ته پيرس کي هيلن انهيءَ شرط سان پاڻ وٽ رکڻ جي اجازت ڏني وڃي ته هو سندس سموري ملڪيت تان دستبردار ٿي وڃي. امن جي انهي تجويز کي يونانين حقارت سان رد ڪري ڇڏيو[2].

حصو اٺون[سنواريو]

هاڻي زيوس ٽروجنس جي پاسي ڏانهن لٿو ۽ ٻين سڀني ديوتائن کي لڙائي ۾ ڪنهن به قسم جو حصو وٺڻ کان روڪي ڇڏيائين. سموري ڏينهن جي لڙائي کان پوءِ يوناني پنهنجي ڪئمپ ۾ ويا هليا. اگاميمنان ڏاڍو دلشڪستو ٿي پيو پر نيسٽر جي صلاح تي اجيڪس ۽ اوڊيسيس کي اڪليز ڏانهن اها آڇ ڏئي موڪليائين ته گذريل سڀ ڳالهيون وساري ۽ معاف ڪري ٿا ڇڏيون. ڪمانڊر انچيف کي اها اميد هئي ته هو پنهنجي سڀ کان وڏي ويڙهاڪ کي ريهي ريبي، سندس رکيل ٻانهي بريزيز واپس ڪري جنگ ۾ واپس آڻي وٺندو. ۽ سندس بيعزتي جي تلافي طور قيمتي سوکڙيون پاکڙيون ۽ پنهنجي ڌي جو سڱ ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪيائين پر اڪليز صلح جي انهن سڀني ڪوششن کي حقارت سان ‎ٺڪرائي ڇڏيو[2].

حصو نائون[سنواريو]

اگاميمنان لاڳتيو پريشان رهڻ لڳو هو ۽ ننڊ به نه ايندي هئس. هن هاڻي پنهنجن سڀني اڳواڻن جو اجلاس ڪوٺايو. نيسٽر اها صلاح ڏني ته ٽروجنس جي پوزيشن جو پتو لڳائڻ لاءِ ٻه جاسوس موڪليا وڃن. ڊيوميڊيز فوراً پاڻ کي انهي ڪم لاءِ پيش ڪيو ۽ درخواست ڪيائين ته اوڊيسيس هن سان گڏجي هلي[2].

حصو ڏھون[سنواريو]

انهن پنهنجي پُرخطر گشت دوران هڪ ٽروجن جاسوس گرفتار ڪري ورتو جنهن کان کين خبر پئي ته ٽروجن فوج کي ٿيبيس مان ڪمڪ پهچي وئي آهي. دلير يوناني ڪمانڊوز اوندهه جو فائدو وٺندي ڪمڪ تي حملو ڪري ڏنو، انهن جي اڳواڻ ۽ ٻارنهن ٻين ماڻهن کي قتل ڪري انهن جي گهوڙن تي قبضو ڪري يوناني ڪيمپ ڏانهن موٽي آيا[2].

حصو يارھون[سنواريو]

ٻئي صبح جو يوناني فوج وري پيش قدمي ڪئي ۽ ٽروجن به اچي لڙائي ۾ شامل ٿيا. اگاميمنان، ڊيوميڊيز ۽ اوڊيسيس زخمي ٿي پيا. يوناني ڪيمپ ۾ ويا هليا. آخرڪار اڪليز جو ضمير سجاڳ ٿيو ۽ هن پنهنجي پياري دوست پيٽروڪلس کي نيسٽر جي ڪيمپ ۾ زخمين جو تعداد ڏسڻ لاءِ موڪليو. نيسٽر اڪليز جي ضد جون ڏاڍيون ميارون ڏنيون ۽ پيٽروڪلس کي عرض ڪيو ته هو کيس انهي ڳالهه تي آماده ڪري ته هو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجا ماڻهو ته معرڪي ۾ موڪلي ۽ پنهنجي دوست کي زره بڪتر به پهرائي جيئن ٽروجنس سمجهن ته اڪيلز جنگ ۾ اچي ويو آهي[2].

حصو ٻارھون[سنواريو]

انهي دوران ٽروجنس يوناني ڪئمپ تي حملو ڪري ڏنو ۽ هيڪٽر انهي جي پهرئين دفاعي لائين ٽوڙي انهن کي سندن ڪناري تي بيٺل جهازن ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. اتي وري اجيڪس هيڪٽر جي رستي روڪ ڪيون بيٺو هو[2].

حصو تيرھون[سنواريو]

زيوس اِدا جبل تان لڙائي ڏسي رهيو هو ته هيرا کيس لولي ڏئي سمهاري ڇڏيو ۽ ٽروجنس پنهنجي آسماني مددگار کانسواءِ يوناني صفن مان ڌڪجي ٻاهر ٿي ويا[2].

حصو چوڏھون[سنواريو]

هيڪٽر کي اجيڪس ڌڪ هڻي بيهوش ڪري ڇڏيو. هاڻي زيوس کي ٽروجنس جي خطري جو ادراڪ ٿئي ٿو ۽ اپالو کي حڪم ڪري ٿو ته هيڪٽر کي هوش ۾ آڻي جيئن نئين سر حملو ٿي سگهي[2].

حصو پندرھون، سورھون ۽ سترھون[سنواريو]

يوناني وري پنهنجن جهازن ڏانهن ڌڪجي وڃن ٿا ۽ شڪست جي ويجھو ڏسجن ٿا جو پيٽروڪلس جلدي واپس وڃي ٿو. جيئن اڪليز کان ريهي ريبي سندس زره بڪتر وٺي سگهي. پيٽروڪلس هاڻي ڏهن ماڻهن جي طاقت سان وڙهندي يونانين کي ٽروجنس کي پٺتي ڌڪڻ ۾ مدد ڏئي ٿو پر هو بيوقوفي ڪندي ٽروجنس جي پٺيان انهن جي شهر پناه تائين هليو وڃي ٿو. اتان اپولو خود کيس ڌڪي پٺتي ڪري ٿو ڇڏي ۽ ان کان هٿيار به ڦري ٿو وٺي. پوءِ هيڪٽر وچ ۾ پئي کيس قتل ڪري ان جي لاش تان اڪليز جي زره بڪتر لاهي پاڻ پائي ٿو ڇڏي. يوناني ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پيٽروڪلس جو لاش حاصل ڪري وٺن ٿا ۽ مرندا ڊهندا ڪئمپ ڏانهن پٺيان پير ڪن ٿا. ڪڏهن هڪ ڌر جي سرسي ٿئي ٿي ته ڪڏهن ٻي ڌر جي[2].

حصو ارڙهون[سنواريو]

ھن حصي ۾ اڪليز جي هوش ۾ اچڻ جو بيان آهي جيڪو پنهنجي پياري پيٽروڪلس جي موت تي ڏک ۾ ڄڻ ته چريو ٿي ويو آهي ۽ سندس ماءُ ٿيٽس کي سمنڊ مان ظاهر ٿي کيس تسلي ڏيڻي پوي ٿي. اڪليز يوناني دفاعي لائين وٽ وڃي پنهنجي خوفناڪ نعري سان ٽروجنس کي ڊيڄاري ٿو ڇڏي. پر هيڪٽر هاڻي اعتماد سان ڀريو پيو آهي ۽ سڀني چتائن کي نظر انداز ڪندي يونانين کي للڪاري ٿو ته هو ڪيمپ مان ٻاهر نڪري اچي وڙهن. ٿيٽس هيٿائسٽوس ديوتا کي انهي ڳالهه تي آماده ڪري ورتو ته هو اڪليز لاءِ نوان هٿيار ۽ هر طرح کان مڪمل ڍال تيار ڪري. ٻئي ڏينهن اڪليز ٽروجنس سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ اتاولو ٿي بيهي ٿو رهي پر اوڊيسيس مٿس زور ٿو ڀري ته هو اگاميمنان سان ٺهراء ڪري. هو به پنهنجي خراب هلت جي معافي ٿو وٺي. ڪيمپ جون عورتون پيٽروڪلس جي لاش تي ماتم پيون ٿيون ڪن. اڪليز ڪجهه به کائڻ کان انڪار ڪري ٿو ڇڏي پر سندس ماء ڪجهه ماکي ۽ سوم رس سندس وات ۾ وجھي ٿي ۽ هو پاڻ کي جنگ لاءِ هٿيار بند ڪري ٿو[2].

حصو اوڻويھون[سنواريو]

هاڻي رزميي جو عروج جو نقطو به ويجھو اچي پهتو آهي. زيوس ديوتائن جو اجلاس ڪوٺائي انهن کي موڪل ڏئي ٿو ته پنهنجي مرضي جي ڌر جا مددگار ٿي بيهن. ديوتا زمين تي جسماني صورت ۾ لهي اچن ٿا ۽ انهن جي مداخلت سان معاملو بگڙجي وڃي ٿو پر پوءِ به ٽروجنس اڪليز جي سامهون گوڏا کوڙي ويهن ٿا. اينياس کيس همٿ سان منهن ڏئي ٿو پر کيس بروقت پوزيڊون (نيپچون) کنڀي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته سندس جانشينن کي ٽراءِ جو امير ٿيڻو آهي[2].

حصو ويھون[سنواريو]

ورجل اينياس کي پنهنجي رزميي (اينيڊ) جو هيرو بنائڻ جو فيصلو ڪيو هو. ٽروجنس هاڻي پوري طاقت سان کڙين تي زور ڏنو آهي ۽ اڪليز سندن لاشن سان زينئوس درياء تي ڄڻ ته بند ٻڌي ڇڏيو آهي. هاڻي ٻنهي پاسن ڏانهن موجود ديوتا پاڻ ۾ وڙهي پون ٿا[2].

حصو ايڪويھون[سنواريو]

اڪليز ٽراء ڏانهن موٽي ٿو ۽ هيڪٽر کي عالم پناهه جي ٻاهران اڪيلو ڏسي ٿو. جيئن ته سندس جنگي رٿائون ناڪام ٿي ويون هيون تنهن ڪري کيس شهر ۾ داخل ٿيڻ کان شرم ٿو اچي. اڪليز جيئن سندس ويجھو پهچي ٿو ته سندس همت جواب ڏئي وڃي ٿي ۽ هو ڀتين جي چوڌاري ٽي دفعا ڊوڙون پائي ٿو. تيز ڊوڙندڙ اڪليز به هن جي پٺيان لڳو رهي ٿو. آخرڪار هو پلٽو کائي بيهي رهي ٿو ۽ اڪليز تي مرڻ مارائڻ وارو آخري حملو ڪري ٿو ۽ موتمار زخم کائي ڪري پوي ٿو. هو مرندي مرندي اڪليز کي اها التجا ڪري وڃي ٿو ته سندس لاش دفن ڪرڻ لاءِ هن جي پيءَ پريام جي حوالي ڪيو وڃي. پر سندس التجا کي ڌڪار سان رد ڪيو وڃي ٿو. اڪليز هيڪٽر جي لاش کي پنهنجي گاڏي جي ڦيٿي سان ٻڌي ڪيمپ ڏانهن گهليندو وڃي ٿو. عالم پناه تي بيٺل ٽروجنس اهو نظارو پنهنجين اکين سان ڏسن ٿا انهن ۾ هيڪٽر جي زال اينڊرو ميخ به شامل هئي جنهن کي اها به خبر نه هئي ته سندس مڙس شهر کان ٻاهر هو[2].

حصو ٻاويھون[سنواريو]

انهي رات پيٽروڪلس جو روح اڪليز کي عرضداشت ڪري ٿو ته هو کيس جلدي دفنائي جيئن هو Hades ۾ داخل ٿي سگهي. ٻئي ڏينهن تدفين جو نهايت مڪمل انتظام ڪيو وڃي ٿو. جنهن ۾ ٻارنهن جنگي قيدي چتا تي ساڙيا وڃن ٿا- هومر جي سموري مجموعي ۾ انساني قرباني جو اهو واحد مثال آهي- ۽ هر قسم جي ورزشي ڪرتبن جا مقابلا ڪيا وڃن ٿا[2].

حصو ٽيويھون[سنواريو]

اڪليز انهن تدفيني راندين جي صدارت ڪري ٿو ۽ انعام ورهائي ٿو. هيڪٽر جو لاش يارنهن ڏينهن تائين روزانو پيٽروڪلس جي مقبري جي چوڌاري اعزاز سان گهمايو وڃي ٿو آخرڪار ديوتا وچ ۾ پوڻ جو فيصلو ڪن ٿا جيئن لاش کي ڳرڻ ۽ ڀڄڻ ڀرڻ کان بچائي سگهجي. پريام رات جو يوناني ڪيمپ ۾ وڃي اڪليز کي ٻاڏائي ٿو ته هو کيس فديي طور پاڻ وٽ رکي سندس پٽ جي لاش کي آزاد ڪري. اڪليز کي ٿيٽس اها عرضداشت قبول ڪرڻ تي قائل ٿي ڪري ۽ هو انهي پير مرد جو همدرديءَ سان آڌرڀاءُ ڪري ٿو. هيڪٽر جي تدفين بابت اشاري سان رزميي جو اختتام ٿئي ٿو[2].

حوالا[سنواريو]

  1. Vidal-Naquet, Pierre. Le monde d'Homère (The World of Homer), Perrin (2000), p. 19
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 2.17 2.18 2.19 2.20 2.21 2.22 2.23 2.24 2.25 2.26 2.27 2.28 2.29 2.30 [1] ڪتاب جو نالو؛ هڪ سؤ عظيم ڪتاب؛ مصنف: محمد احمد منصور عباسي؛ ايڊيشن:2012ع؛ ڇپائيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو