سرسوتي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سرسوتي ندي سان ڀل نہ کائو.
سرسوتي
وِديا (علم)، راڳ (موسيڪي)، فن (آرٽ)، تقرير، ڏاهپ ۽ سکيا جي ديوي
Saraswati.jpg
سرسوتي
اشريڪديوي، تري ديوي
مسڪنبرهمپرا
منترشري سرسوتائي نماها
ساٿيبرهما
سواريمور پَکي
هنس (بَدَڪَ)

سرسوتي، (انگريزي ٻولي: Saraswati) (سنسڪرت:सरस्वती) وِديا (علم)، راڳ، هُنر (آرٽ)، ڏاهپ ۽ سکيا جي هندو ديوي آھي.[1] هيءَ سرسوتي، لڪشمي ۽ پارواتي جي  تر مورتي (تثليث، تريديوي، ٽرائنٽي) جو هڪ حصو آهي. اهي سڀئي ٽنهي شڪلين ۾ برهما، وشنو ۽ شيوا جي تر مورتي کي سرشتي (ڪائنات) جي رچنا کي ترتيب ڏيڻ، برقرار رکڻ ۽ ٻيهر بحال ڪرڻ ۾ سهائتا (مدد) ڪنديون آهن.[2]

سَرِسِوَتي جو ديوي جي حيثيت ۾ مُنڍاتو ذڪر رگويد ۾ ڪيل آهي. هوءَ هندو روايتن جي ويدڪ دور کان وٺي جديد دور ۾ هڪ ديوي جي حيثيت ۾ نمايان اهميت رکي ٿي. ڪجھ هندو سندس مان ۾ ڀيٽا ڏيڻ لاءِ وسنت پنچامي (جيڪو بهار جي پنجون ڏينهن، ۽ هندستان جي ڪيترين ئي حصن ۾ سرسوتي پوڄا ۽ سرسوتي جينتي جي نالي سان پڻ مشهور آهي) جو ميلو ملهائيندا آهن[3] ۽ انهيءَ ڏهاڙي تي ننڍڙن ٻارڙن کي الف بي(الفابيٽ، آيوٽا، ترتيب ورتل پٽي يا لِپي) جي اکرن جو خط لکڻ جي سکيا ڏيندا آهن.[4] ديوي کي اولهندي ۽ مرڪزي هندستان ۾ جين ڌرم[5] جي مڃيندڙن سان گڏوگڏ ٻُڌمت جا پنٿ پڻ تعظيم ڏيندا آهن.[6]

اُتر اولهه ڀارت جو هڪ درياهه جيڪو ديوي سروتي جي صورت مڃيو ويندو هيو. ڪنهن مهل انکي جديد سروتي طور سُڃاتو ويندو آهي، جيڪو پٽيالا جي ويجهو برپٽ (واريءَ) ۾ وڃائجي وڃي ٿي. علائقي جي وڏي خشڪ بنجر ۽ ڏکڻ اولهه چوماسي (مون سون) هوائن جي اثر هيٺ کسڪندڙ واري جي ڪري ان درياهه جي خشڪ گزر گاهہ کانسواءِ ٻيو ڪوبه نشان نٿو ملي. رگ ويد ۾ ذڪر ڪيل درياهن ۾ سرسوتي ندي گهڻي معروف هئي. انکي بهترين ماءُ، درياهن ۾ بهترين ۽ ديوين ۾ بهترين جا لقبن سان ياد ڪيو ويندو هيو. ويدن جي زماني ۾ سروسوتي اَٽڪل ستلج ندي جي جسامت (مقدار) جي برابر هئي ۽ رگ ويد جي مطابق اها سمونڊر ۾ پڻ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. انکي سردار، واگيشور ۽ برهمي جي لقبَ سان پڻ سڏيو ويندو هيو.پرارٿنائون، ڀارتي الا سميت ان ديوي سان پڻ منسوب آهن. دريا ديوي هجڻ ڪري ان جو تعلق زرخيزي، پيدائش ۽ خاص طور پاڪيزگي (پويترائي) سان آهي، ان جي پاڻي ۾ وهنجڻ ۽ ان جي ڪناري اشنان ڪرڻ وارو هر قسم جي روڳ بيمارين کان پاڪ ٿي ويندو هيو.

بڻ بنياد[سنواريو]

سرسوتي، سارس جو هڪ سنسڪرت فيوزن لفظ آهي (سرس، सरस्) معنيٰ "تلاءُ وارو پاڻي"، پر ڪنهن مهل "تقرير(اسپيچ) " طور پڻ ترجمو ڪيو ويو آهي؛ ۽ وتي (वती) معنيٰ  "هوءَ جنهن وٽ آهي".اصل ۾ درياهه يا نديءَ سان لاڳاپيل آهي، جيڪو سرسوتي جي نالو سان سڏيو ويندو آهي، تنهنڪري ان ميلاپ جو مطلب آهي ته "اها جنهن وٽ تلاءُ، ڍنڍون ۽ تلاءُ وارو پاڻي" هوندو آهي يا ڪڏهن ڪڏهن "جيڪا ڳالهائيندي (تقرير) آهي". اهو سنسڪرت ٻول (لفظ) سورسا-وتي (सुरस-वति) جو گڏيل (مُرڪب)  ٻول پڻ آهي جنهن جي معنيٰ " اهو جنهن وٽ پاڻيءَ جي جهجهائي يا گهڻائي" آهي.[7][8]

اتهاس[سنواريو]

ديوي سرسوتي جون تصويرون کي نه رڳو هندستان جي مندرن ۾، پر ڏکڻ اوڀر ايشيا، انڊونيشيا ۽ جاپان جي ٻيٽن تي پڻ ملي سگهن ٿيون. جاپان ۾، بينزائٽن (تصوير ۾ ڏيکاريل) طور سڃاتو وڃي ٿو.[9] ۽ روايتي طور تي بيوا وڄائيندي، جنهن ۾ کيس راڳ ۽ وِديا جي ديوي ۽ سڀ جيڪي وهڪري جي حيثيت ۾ عڪاسي ڪيل آهي.
مونار ڪيرالا، ڀارت مارچ 2014 ۾ ٺِڪر واري فرشي بستر تي هندو ديوي سرسوتي

هندو روايت ۾، سرسوتي ويدڪ دور کان وٺي اڄ تائين هڪ ديوي جي حيثيت سان پنهنجي اهميت قائم رکي آهي.[10] هندو اتهاس جو جنگ نامو مهاڀارت جي شانتي پاروا ۾، سرسوتي کي ويدن جي ماءُ (ماتا) سڏيو ويو آهي، ۽ پوءِ هوءَ آسماني رچنا (تخليقي) ميلاپ (سمفني) جي طور تڏهن ظاهر ٿي جڏهن برهما پاران سرشٽي (ڪائنات) جي رچنا (تخليق) ڪئي.  تئتريا برهامانا جي ڪتاب 2 ۾، سرسوتي کي “وَڻندڙ تقرير ۽ سُريلي (مڌر) راڳ جي ماتا” سَڏِيو ويو آهي. سرسوتي برهما جي ڦُڙت (چُست، تِکي) توانائي ۽ سگهہ آهي. ان جو ذڪر ڪيترن ئي ننڍڙن سنسڪرت ڇاپن (پبليڪيشنز) ۾ پڻ ٿيل آهي، جهڙوڪ اَٺين صدي عيسوي جي سرادا تلڪا ۾هيٺئين ريت ڪيل آهي.[11]

تقرير جي ديوي مونکي خوش بياني (فصاحت) جو حصول لائق بڻائي،
هوءَ جنهنجي وارن جي چُڳ تي جوڀن چنڊر موهجي ٿو،
جيڪا شاندار رونق سان چمڪي ٿي،
جيڪا هڪ اڇو ڪنول گل تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل آهي،
۽ جنهن جي هٿن جي چهنب ڳوُڙهو ڳاڙهو رنگ ۾ ڀريل آهي،
لکت جي تڪميل ۽ ان جي حق ۾ تيار ڪيل ڪتابن تي جُوت وجهي ٿي.

سَرِسِوَتي ندي جي شڪل ۾[سنواريو]

مُنڍاتي لکتن ۾ ديوي سرسوتي کي درياءُ جي ديوي ديوتا مڃيو ويو آهي. سرسوتي درياهه پويترتا (پاڪائي) جي نشاني آهي. ديوي سرسوتي جي  هڪ درياءُ بڻجي وڃڻ جي ڪهاڻي هيٺيئين ريت بيان ڪيل آهي:

ڪُجھ لکتن ۾ اهو لکيل آهي تہ هڪ ڀيري ڀرگواس ۽ هيهاياس جي وچ ۾ هڪ خوفناڪ جنگ لڳي هئي ۽ ان کي وداوگني نالي هڪ تباهي مچائيندڙ باهہ پيدا ٿي هئي، جيڪا سموري دنيا کي تباهہ ڪري سگهي پئي. ديواس پريشان ٿي ويو ۽ هو شيوا وٽ هلي ويو. شيو کيس مشورو ڏنو تہ هو مدد جي لاءِ سِرِسِوَتي وٽ هلي وڃي، ڇو تہ هوءَ ندي بڻجي سمونڊر ۾ وداوگني کي ٻوڙي سگهي ٿي. سڀ ديواس ۽ ديويون سرسوتي وٽ هليا آيا ۽ کيس منٿ ميڙ (وينتي، درخواست) ڪيائون تہ هوءَ سرشٽي (ڪائنات) جي حفاظت ڪري. سرسوتيءَ کين چيو تہ هوءَ رُڳو اهن صورت ۾ ئي راضي ٿيندي جڏهن سندَس ساٿي، برهما کيس ائين ڪرڻ لاءِ چوي، اهو ٻُڌي سمورا ديوَ ۽ ديويون براهما وٽ هليا آيا ۽ براهما سرسوتي کي ندي بڻجڻ لاءِ حڪم (آديش) ڏنو. سرسوتي ان تي راضي ٿي وئي ۽ برهملوڪا کي ڇڏي سالڪ (ڏاهو، رشي) اوتانڪا جي آشرم وٽ پهچي وئي. اُتي هيءَ شيوا سان ملي. جنهن کيس وداوگني هڪ ٿانءُ (ڪُنو) ۾ وجهي سرسوتي کي ڏنو ۽ کيس چيائين تہ پلاڪشا جي وَڻ سان ڦُٽي (پيدا ٿي) نڪري. سرسوتي وڻ سان ملي سمائجي وئي ۽ درياهہ ۾ تبديل ٿي وئي. اُتان کان هوءَ پشڪر جي طرف ڏانهن وَڌي رَواني ٿي.[12]

سرسوتي پنهنجو سفر سامونڊي ڪناري ڏانهن رَوان رکيو. نيٺ، هوءَ پنهنجي سفر جي آخر تائين پهتي ۽ باهہ کي ساگر (سمنڊ) ۾ وسامجي (سمائي) ڇڏيائين.[13]

اهميت[سنواريو]

  • پنهنجي اهميت جي ڪري سرسوتي ۽ درسوتي جي وچ وارو علائقو برهم ورت سڏبو هيو. اهوئي علائقو پوءِ منظم ٿيل علائقي ۾ هجڻ واري ڪورو جي سلطنت ۾

مرڪزي حيثيت رکندو هيو.

  • سرسوتي شاعرن ۽ اديبن جي سر پرست ديوي آهي. لائبريرين ۾ ان جي پوڄا (عبادت) دوران گُل ۽ ميوا پيش ڪيا ويندا آهن.

ڪجھ اتهاسڪارن (محققن) جي مطابق سرسوتي ٻول سرس کان اخذ ڪيل آهي، جنهن جو مطلب وهڪرو ۽ پاڻي جي هم معنيٰ آهي.

  • ميسور جي علائقي ۾ انکي چوهٺ هنرن (فن) جي ديوي مڃيو ويندو آهي. ان جي لقبن ۾ مها درياهه ۽ ڌنيشوري پڻ شامل آهن. انکي مختلف جڳهن تي بدڪن جي ڌيءُ ۽ برهم جي زال) يا ڌيءُ ( سڏيو ويو آهي، پر ان جو وشنو، ڌرم يا مت منجهان ڪنهن جي زال هجڻ پڻ مڃيو ويو آهي.[14]

حوالا[سنواريو]

  1. Kinsley, David R. (1988). Hindu goddesses : visions of the divine feminine in the Hindu religious tradition. Oliver Wendell Holmes Library Phillips Academy. Berkeley : University of California Press. http://archive.org/details/hindugoddessesvi0000kins. 
  2. Encyclopaedia of Hinduism. Sarup & Sons. p. 1214. ISBN 978-81-7625-064-1. 
  3. "Vasant Panchami Saraswati Puja". وقت 23 September 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  4. "The festival of Vasant Panchami: A new beginning". United Kingdom: Alan Barker. وقت 4 October 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  5. Guide to the collection. Birmingham Museum of Art. Birmingham, Alabama: Birmingham Museum of Art. 2010. pp. 55. ISBN 978-1-904832-77-5. http://artsbma.org. 
  6. Donaldson, Thomas (2001). Iconography of the Buddhist Sculpture of Orissa. pp. 274–275. ISBN 978-8170174066. 
  7. "सुरस". Sanskrit English Dictionary,. Koeln, Germany: University of Koeln. وقت 4 December 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  8. Muir, John. Original Sanskrit Texts on the Origin and History of the People of India – Their Religions and Institutions. 5. pp. 337–347. https://books.google.com/books?id=ymLZAAAAMAAJ. 
  9. Reader, Ian; Tanabe, George J.. Practically Religious: Worldly benefits and the common religion of Japan. University of Hawaii Press. ISBN 978-0824820909. 
  10. Kinsley, David (1988). Hindu Goddesses: Vision of the divine feminine in the Hindu religious traditions. University of California Press. ISBN 0-520-06339-2. https://archive.org/details/hindugoddessesvi0000kins. 
  11. History and Antiquities, the Arts, Sciences and Literature of Asia. Asiatic Researches. 3. London, UK. pp. 272–273. https://books.google.com/books?id=IChFAAAAcAAJ. 
  12. Saraswati. Amar Chitra Katha. ISBN 978-93-5085-120-3. 
  13. Stories of the goddess of wisdom. Saraswati. Amar Chitra Katha. ISBN 978-93-5085-120-3. 
  14. منو ڌرم شاشتر Glossary ( ڪشاف اصطلاحات ) ترجمہ ارشد رازي

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]