درگا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
درگا
جنگ جي ديوي

برائي تي چڱائيءَ جي سوڀ
ناقابل تسخير

ڀيانڪ روپ واري ديوي

درگا مھيشسور مارديني، مينھن ديوت جي منڍي لاھيندڙ
سنسڪرت ۾ Durgā (\dûr-gā\)[1]
Bengali দুর্গা মা
اشريڪ ديوي، آدي پرشڪتي، شڪتي، پاروتي، چانديڪا،ڪالي، تريپورہ، سندري، ستي
ھٿيار چڪرو، شنک، ترشول، گاد، تير ڪمان، تلوار ، ڍال ۽ گھنڊ
ساٿي شو
ٻچو گنيز ۽ ڪرتڪيا
سواري ببر شينھن ۽ ٽائيگر[2][1]
تھوار درگا پوڄا، درگا اشتمي،نو راتڙي، دوسيھر، وجي دشمي

درگا:Durga: ھندو ڌرم ۾ ھڪ ديوي جو نالو درگا آهي[3][4]، جنھن جا ٻيا نالا آدي پارشڪتي، ديوي، شڪتي، ڀواني، پاروتي، امبا ۽ ٻيا کوڙ نالا آھن.[5][6][7] [8] [9]اھا جنگ ڪندڙ ديوي سڏبي آھي[3][10]. ھندو ڏند ڪٿائن مطابق اھا انھن بَدي جي طاقتن ۽ بدروحن سان جنگ ڪندي آھي جيڪي امن و آشتي ۽ نيڪي جي ڌرم لاءِ خطرو ھوندا آھن.[6][11] اھا ماءُ جو روپ رکندڙ ديوين ۾ سڀ کان ڀيانڪ ھوندي آھي.[8] ھندو ڏند ڪٿا مطابق اھا شينھن تي سواري ڪندي آھي[3]. انڊيا ۾ اولھ بنگال، بھار، اوڙيسيا، جرکنڊ ۽ آسام واري پاسي ھن جي پوڄا ڪندڙن جو تعداد تمام گھڻو آھي .ھن ديوي کي سرء جي موسم واري لاباري کانپوءِ ۽ خاص طور تي نو راتڙي واري ڏڻ ۾ ڀيٽا ڏني ويندي آهي.

اسلام جي آمد کان اڳ انڊونيشيا جي ٻيٽ جاوا جي پرامبانا مندر ۾ اڪريل درگا جو مجسمو

ھندوازم مطابق قادر جي پرڪرتي يعني شڪتي يا طاقت آپار آهي، ۽ اها ئي هر ويلي همراهه ٿئي ٿي. انهيءَ شڪتيءَ يا طاقت کي مجسم (Personify) ڪري، ان کي نالو ڏنائون ”درگا“. ”درگا“ لفظ ۾ ”دُر“ معنيٰ مشڪل ۽ ”گ – گم“ معنيٰ وڃن. ”درگا“ جي اکري معنيٰ آهي ”جنهن مشڪل ۾ وڃي سگهجي“ انهيءَ سبب سنسڪرت ۾ ”درگاهه“ معنيٰ قلعو يا ڪوٽ، ٻي معنيٰ ديوي (شڪتي). ديوي پنهنجن پوڄارين لاءِ هڪ قلعو يا بچاءُ آهي. ۽ سندس ٻاجهه سان ڪوبه ڏک يا پاپ پُڙي نٿو سگهي. قادر يا سرب شڪتيوان (ايشور پتا آهي، سنديس پرڪتي يا شڪتي ماتا آهي، ۽ انهن هي سارو جهان پيدا ڪيو آهي، ۽ ساري جهان کي پرڪرتي ائين سنڀالي ٿي، جيئن ماءُ پنهنجن ٻچن کي سنڀالي.[12]

درگا جا روپ[سنواريو]

درگا ديويءَ جا نوَ (9) روپ ڄاڻايا وڃن ٿا، انهن مان هر هڪ روپ جا به انيڪ روپ ڏيکاريا ويا آهن. نوراتن دوران ڪي هندو درگا ديويءَ جي نوَن روپن جي پوڄا ڪندا آهن، اهي مکيه روپ هي آهن: شئل پُتري، برهمچارڻي، چندر گهنٽا، ڪشمانڊا، سڪند ماتا، ڪاتياني، ڪال ياتري، مهاگوري ۽ سِڌ ڌاتري. انهن نوَن روپن سبب ’نوَ دُرگا‘ يا ’نوَن روپن واري دُرگا‘ پڻ چيو وڃي ٿو.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 Wendy Doniger 1999306.
  2. Robert S Ellwood & Gregory D Alles 2007126.
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 "درگا ديوي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  4. Maharaj, Saint Rampal Ji (2016-02-02) (sd ۾). Gyan Ganga - Sindhi. SATLOK ASHRAM. https://books.google.com.pk/books?id=iAwkEAAAQBAJ&pg=PA355&lpg=PA355&dq=%D8%AF%D8%B1%DA%AF%D8%A7&source=bl&ots=rIuoqbuIrE&sig=ACfU3U0rgEziiZ9uIj34zFyT9ktn6CZh_g&hl=sd&sa=X#v=onepage&q=%D8%AF%D8%B1%DA%AF%D8%A7&f=false. 
  5. Encyclopedia Britannica 2015.
  6. 6.0 6.1 David R Kinsley 19893-4.
  7. Charles Phillips، Michael Kerrigan & David Gould 201193-94.
  8. 8.0 8.1 "درگا لفظ کے معانی | درگا - Urdu meaning". Rekhta Dictionary (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  9. "درگا | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  10. "Darga - درگا meaning in English is durga - Urdu to English Dictionary". MeaningIn.com. حاصل ڪيل 2022-04-04. 
  11. Paul Reid-Bowen 2012212-213.
  12. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page28.html.  Missing or empty |title= (مدد)