آتما

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آتما، روح، ذات ۽ برهما (Brahma) جي صفاتي نالي طور ڪم ايندو آهي. هندو ڌرم جي عظيم فلسفي ۽ شارح شنڪر آچاريا جي خيال موجب غير فاني، مطلق ۽ ڪائناتي روح سان هم آهنگ ٿين ٿا ۽ اها ئي آتما آهي. اپنشد ۾ ڄاڻايل آهي ته ”جيئن ته آتما واحد ۽ حقيقت مطلق آهي، ۽ اها ئي آتما آهي، تنهنڪري ”آتما“ کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه ”مايا“ آهي، وهم ۽ نظر جو دوکو آهي“، آتما کي زوال ناهي، شنڪر آچاريا جي خيال مطابق: ”روح مڪتي حاصل ڪري سگهي ٿو ڀڳتيءَ ذريعي ۽ ان کانپوءِ ئي ”آتما“ سان ملي سگهندو.“ حقيقت ۾ ”آتما“ هندو فلسفي جو اهڙو اصطلاح آهي، جيڪو تصوف سان گهڻو ملي ٿو، ان ڪري هندو ڌرم جي فلسفين جو چوڻ آهي ته ”آتما، حقيقت مطلق آهي ان ڪري حقيقت مطلق جو اسرار ڪڏهن به بيان ڪري نه ٿو سگهجي.“[1]

حوالا[سنواريو]

  1. encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=آتما