شِو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

شِو ديوتا تمام قديم آهي، شِو جو مطلب آهي ”مبارڪ“ جيڪا عام طور استعمال ۾ اچي ٿي ٻيون معنائون آهن، مهربان، نيڪ دل، شفيق، روشن ۽ مسرور وغيره. شِو ديوتا هندن جي ٽمورتي (تريمورتي) جو حصو آهي. ان ٽمورتي ۾ ٽي ديوتا شامل آهن، برهما، وشنو ۽ شِو. ٽمورتي ۾ وشنو ۽ شِو جي گڏ هجڻ باوجود هندن ۾ هڪڙا وشنوپرست آهن ته ٻيا شِوپرست. شِو ديوتا جي قديم دور ۾ سنڌ، پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي واديءَ ۾ پوڄا جو عام رواج هو. انهيءَ دور ۾ شِو زرخيزي جو ديوتا ڪري ڪوٺيو ويندو هو. ان وقت شِو جو خطاب هو ”پسوپتي“ يا حيوانن جو مالڪ ۽ پالڻهار. آدجڳاد کان نانگ کي پڻ زرخيزي جي علامت تصور ڪيو ويندو آهي. تنهنڪري شِو ديوتا کي عام طور نانگ سميت ظاهر ڪيو ويندو آهي. [[|frame|شِو ديوتا، هندن جو اهم ترين ديوتا]]

واديء سنڌ جي قديم آثارن مان شِو جي علامت ڍڳو پڻ ڏيکاريل آهي. ڍڳي مان صاف ظاهر آهي ته ان جو تعلق پوکيءَ سان هو. آرين جي حملن کان اڳ سنڌ جا ماڻهو زراعت سان وابسته هئا. هندن وٽ لنگ يا لنگم پوڄا آرين کان اڳ موجود هئي، جيڪا پڻ شِو سان وابسته هئي. ان مان پيدائش جو تعلق شِو سان واضع ٿئي ٿو.

رگ ويد جي ديوتا جي حيثيت ۾ شِو جو نالو نٿو ملي. بهرحال رگ ويد ۾ هڪ قبيلي جو نالو ”شِو“ ملي ٿو. اهو قبيلو سنڌو درياءَ جي آسپاس رهندو هو. اهو شِو قبيلو ٻين قبيلن سان گڏجي آرين خلاف وڙهيو.

هندن جي مذهبي ڪتابن مطابق جڏهن برهما ديوتا پنهنجي ڌيءُ سان جنسي ميلاپ ڪيو ته ديوتائن ردر (شِو) کي درخواست ڪئي ته هن کي سزا ڏئي. ان تي ردر برهما جي پنجين منڍي ڪٽي ڇڏي. اپڻشدن ۾ ردر (شِو) جي فضيلت ۽ درجو وڌيل آهي. رامائڻ ۾ هن کي عظيم تر ديوتا مڃيو ويو آهي. مهاڀارت ۾ شِو جو مقام سڀ کان اوچو آهي.

هندستان ۾ شِو جي پوڄا لڳ ڀڳ ٽي سو قبل مسيح ۾ ملي ٿي. سندس اڪيلي طور پوڄا جو رواج تمام گهٽ هو. عام طور ان جي عبادت لنگ يا لنگم جي صورت ۾ ۽ ان جي زال جي پوڄا يوني جي صورت ۾ ٿيندي هئي. يوني عورتاڻي توانائي جي علامت آهي. شِو جي مٿي تي نانگ ۽ ڳچيءَ ۾ کوپڙين جي هار جي موجودگي سندس تشدد واري صفت کي ظاهر ڪن ٿا. شِو جي خاصيتن ۾ گهڻو شراب پيئڻ، پنهنجي زال پاروتي ديويءَ سان گڏ نچڻ پڻ شامل آهي. شِو جو هڪ خاص ڪائناتي رقص ٽانڊوا سڏبو آهي. هي ناچ تخليق ۽ دنيا جي تباهيءَ جو ناچ ليکبو آهي.

شِو جا هزارين نالا آهن، مهاديو، مهيشور، ايشور، شنڪر، شمڀو، مهاڪال وغيره سندس مشهور نالن ۾ شامل آهن. شِو جو رنگ اڇو ۽ ڳچي نيري يا ڪاري هوندي آهي. ويدي دور ۾ شِو جو رنگ ڳاڙهو پڻ رهيو آهي. هن جون پنج منڍيون، چار ٻانهون ۽ ٽي اکيون آهن سندس ٽين اک نرڙ تي آهي.

برهما ۽ وشنو وٽ رهائش لاءِ آسمان جون وسعتون آهن، پر شِو پنهنجي آسمان کان محروم آهي. هن جو ٺڪاڻو هماليائي سلسلو ڪيلاش پربت آهي. روايتن مطابق آخر ۾ شِو کي هڪ آسمان حاصل ٿي ويو هو. اهو آسمان ڪيلاش پربت تي آهي اُتي گنگا آسمان مان لٿي هئي. شِو ديوتا جو مقام اوچو ۽ پالڻهار وارو آهي هو گنگا هٿان ايندڙ تباهيءَ کي روڪڻ سان گڏ انسان جي ان اُپاج لاءِ آسانيون پيدا ڪندو رهندو آهي.

حوالا[سنواريو]