اپنشد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

نثر ۾ لکيل عرفان ۽ فلسفي وارا ڪتاب آهن، جيڪي ويدن جي شعرن جي شرح آهن. هنن جو تعداد ڏيڍ کان ٻه سئو ٻڌايو وڃي ٿو. انهن مان ڪجهه صحيح ۽ اصلي آهن، پر انهن جي تاليف جي -تاريخ- جو تعين مشڪل آهي. هنن مان ڏهه (10) -اپنشد- اهڙا آهن، -جن- جو تعلق ٻي صدي قبل مسيح سان آهي. سترهين صديءَ ۾ شاهجهان جي فرزند داراشڪوه، 50 اپنشدن جو سنسڪرت مان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪرايو ۽ انهيءَ مجموعي جو نالو ’سر اڪبر‘ رکيو. هيءُ مجموعو ڇپيل آهي ۽ انهيءَ جو ترجمو، فرانسيسي، -انگريزي- ۽ جرمن ٻولين ۾ به ٿيل آهي. ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ انهن جو لاطينيءَ ۾ ترجمو ٿيو، جيڪو 1801ع ۾ ڇپيو. مشهور فلسفي ’شوپنهار‘جڏهن اهو ترجمو پڙهيو، ته هو اپنشدن جي تعليمات کان بيحد متاثر ٿيو. اپنشدن جي -تعليم- مطابق هن ڪائنات جي تهه ۾ هڪ روحاني وجود آهي، جنهن مان هيءَ ڪائنات پيدا ٿئي ٿي. جنهن ۾ اها سڄي ڪائنات موجود رهي ٿي ۽ جنهن ۾ فنا ٿئي ٿي، -ان- کي ’-برهما-‘ چون ٿا. دنيا جون سڀ شيون ۽ روح -ان- جو ظهور آهن ۽ هو سڀني جو حاڪم ۽ پرورش ڪندڙ آهي. اهڙيءَ طرح سڄي ڪائنات روحاني آهي ۽ -ان- کي هلائيندڙ هڪڙو آهي، جيڪو خالق به آهي. -ان- ۾ تمام گهڻيون طاقتون موجود آهن. انهن مان -تخليق- جي قوت کي ’مايا‘ يا ’پرڪرتي‘ چيو وڃي ٿو. انهيءَ قوت يا شڪتيءَ سان هو پنهنجو پاڻ کي ’برهم‘ يعني خالق، ’وشنو‘ يعني پاليندڙ ۽ قائم رکندڙ ۽ ’شِو‘ يعني فنا ڪندڙ، شڪلين ۾ ظاهر ڪري ٿو. انهيءَ ڪري -برهما-، وشنو ۽ شِو، اهي ٽيئي شڪليون هڪڙي -برهما- جون ئي آهن، جيڪي هن عظيم ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ اختيار ڪري ڇڏيون آهن. هندن جي مذهبي ڪتابن ويدن جي آخري ڀاڱن کي -اپنشد- نالو ڏنو ويو آهي، -جن- جو تعداد ڏيڍ سؤ کان مٿي آهي. ستين صدي عيسويءَ جي مشهور هندو مفڪر شنڪر -آچاريه- ۽ يارهين صديءَ جي رامانج ۽ رامانند، اپنشدن تي نهايت اعليٰ پايي جون شرحون لکيون. اپنشدن جو فلسفو گهڻي ڀاڱي داخلي ۽ باطني نوعيت جو آهي. -ان- کان سواءِ قديم ويدن جي گهڻين هستين جي برخلاف، اپنشدن ۾ هڪ هستيءَ -برهما- (Brahma) ۽ آتِما جو ذڪر ملي ٿو. هڪ اندازي موجب -اپنشد- ڇهه سؤ سال قبل مسيح ڌاري -تصنيف- ڪيا ويا. ويدن جي آخري يا انت ۾ اچڻ جي ڪري انهن جي تعليمات کي ’ويدانت‘ جو نالو به ڏنو ويو آهي. ويدن موجب -انسان- جو عمل يا ڪرم وڏي اهميت رکي ٿو، پر اپنشدن جو سارو زور فڪر ۽ سوچ تي آهي. سنڌيءَ ۾ پرماند ”-اپنشد- سار“ نالي ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ اپشندن جو تت ڏنل آهي. هي ڪتاب سنڌ پرنٽنگ پريس شڪارپور مان 1943ع ۾ ڇپيو، ساڳيءَ ريت ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي جو هڪ ڪتاب ”-اپنشد- گيان“ (ترجمو) پڻ ساڳئي دور ۾ ڇپيو هو.[1]ڪنهن جي ويجهو ويهڻ. پراڻي زماني ۾ هندو ڌرم جا ذهين شاگرد جڏهن استاد جي ويجهو وڃي ويهندا هئا ته استاد سندن سامهون زندگيءَ جو فلسفو بيان ڪندا هئا، ۽ کين ڪائنات جي اسرارن کان واقف ڪرائيندا هئا، بعد ۾ انهن سکيائن کي ڪتابي شڪل ڏني وئي ۽ اهي ڪتاب اپنشد جي نالي سان مشهور ٿي ويا. اپنشد جو بنيادي موضوع روح، خدا ۽ فطرت آهي. [2]


حوالا[سنواريو]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%BE%D9%86%D8%B4%D8%AF
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي