ستي (هندو ديوي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ستي (هندو ديوي)
 

معلومات شخصيت
مڙس شِو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو spouse (P26) وڪي ڊيٽا تي
ڀاءُ ڀيڻ

ستي, اُما ديوي (شڪتي اسٿان هنگلاج پس منظر) هندو ڏند ڪٿائن موجب اُما ديوي دڪشا، پرجا پتيءَ جي ڌيءَ هئي، جيڪا شِو مهاديو سان پرڻي، دڪشا کي پنهنجي ناٺيءَ جي زندگيءَ جو ڍنگ پسند نه هو، -ان- ڪري هن شِو کي پنهنجي يگيه ۾ ڪوٺ نه ڏني. ان تان اُما ديويءَ پنهنجي مڙس جي بي عزتي برداشت ڪري نه سگهي ۽ هن پاڻ کي يگيه جي اگني ڪنڊ ۾ ٽپو ڏئي ساڙي ماريو. ائين هوءَ مڙس سان سچي ٿي، انڪري هن کي ’ستي’ (Sati) به چوندا آهن. ان شديد صدمي سبب شِوَ مهاديو ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو ۽ پنهنجي جٽا مان وير ڀدر کي پيدا ڪيائين ۽ کيس راجا دڪشا کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، جنهن سندس سر وڍي ڇڏيو. ٻئي طرف شِوُ ڀڳوان ”ستيءَ“ جو لاش کنيو بي خوديءَ ۽ بي حاليءَ ۾ ڀٽڪندو رهيو، تڏهن ڀڳوان وشنوءَ پنهنجي قوت سان ”ستيءَ“ جي لاش جا 52 ٽڪرا ڪري سڄي جڳ ۾ پکيڙي ڇڏيا، -جتي- جتي اهي ٽڪرا ڪريا، اتي شڪتي اسٿانن جو بنياد پيو.

سندس ٻيا به نالا آهن، جهڙوڪ: شڪتي ديوي، (Goddess of Power)، مها ديوي (Great Goddess)، دُرگا ديوي، ان پورنا ديوي، جگن ماتري ديوي، -پاروتيڪالي ديوي ۽ ٻيا گهڻا. اما دراوڙي نالو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مها ماتا. ان جي ماڻهن، جهنگ جي مرن (جانورن) ۽ آسماني گرهن تي حڪمراني هلندي هئي. اهو به تصور ڪيو ويو آهي ته روحن تي برتري Transcendence مهل کين ڇوٽڪارو ڏيندي آهي. پوئين دور ۾ هن ديويءَ سان گڏ شينهن ۽ جبل به ڏسجي ٿو. اهڙيون ڳالهيون انهن آرين شامل ڪيون آهن، جيڪي سنڌ مان گذري مشرق قريب پهتا هئا. هن ديويءَ جو ”اُما“ نالو ڏکڻ هندوستان ۽ پنجاب ۾ به تمام گهڻو مشهور آهي، ڇاڪاڻ ته اهي دراوڙي علائقا آهن. سنڌ جي هيءَ اُما ديوي سمير ۾ به اُما Umaa ديوي بنجي وئي. سندس پيءُ جو نالو سِن (Sin) ٻڌايو وڃي ٿو، يعني سنڌ. حقيقت به اها آهي ته هيءَ ديوي سنڌ کان هتي پهتل هئي، بعد ۾ هيءَ بابل جي اهم ديوي Primal Goddess of Babylon بنجي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته هنن سميرين وارو مذهب اختيار ڪيو هو، جيڪو دراصل سنڌ جو مذهب هو ۽ انهن مقدس مورتين جا به نالا به ساڳيا سميري رکيا هئا. ڪن عالمن جو رايو آهي ته سمير جا قديم آبادڪار سنڌ کان آيا هئا، جيڪڏهن چڱيءَ ريت جاچي ڏسبو ته ميسو پوٽاميا جو ۽ سنڌ جو مذهب به بلڪل ساڳيو آهي.[1]

گيلري[سنواريو]

حوالا[سنواريو]