رگ ويد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رگ ويد (انگريزي ٻولي: Rigveda)؛ (Sanskrit: ऋग्वेद ṛgveda, from ṛcرگ جي معني آھي :'"تعريف""" ،""" چمڪ"""[1]ويدا جي معني آهي: """ڄاڻ""".

رگويد جو اڻويھين صديءَ جو نسخو جيڪو ديوناگري ۾ لکيل آهي

هزارين سال اڳ سنڌو درياهه جي ڪناري تي لکيل مذهبي رچنائن جي چئن مجموعن: ”رگ ويد“، ”سام ويد“، ”يجر ويد“ ۽ ”اٿر ويد“ مان پهريون مجموعو آهي. رگ ويد ۾ 10000 ڏھ هزار منتر يا مناجاتي گيت آهن. اهو ويد مڪمل نظم جي صورت ۾ آهي، جنهن ۾ هندن جي خدائن جي تعريف ۽ بزرگيءَ متعلق گيت جمع ڪيا ويا آهن ۽ ديوتائن کي مخاطب ڪري کانئن دعائون طلب ڪيون ويون آهن. رگ ويد باقي سڀني ويدن ۾ سڀ کان پراڻو آهي. هن ويد ۾ سنڌو درياهه ۽ سنڌ جو ذڪر پڻ ملي ٿو. [2] رڳ ويد يا رگ ويد (Ragg Ved or Rug Veda) سناتن ڌرم يا هندو ڌرم جو حصو آهي. اٿر ويد چئن ويدن مان آخري يعني چوٿون ويد. آڳاٽي ۾ آڳاٽو رگ ويد، اُن کان پوءِ يجر ويد ۽ سام ويد، اهم ڌرمي گرنٿ آهن. جڏهن ته چوٿون نمبر اٿر ويد پوئين دور جو ويد آهي، جنهن ۾ ٽوڻا ڦيڻا ۽ منتر شامل آهن.

رڳ ويد مقدس ۾ بيان ڪيل آهي ته،


سنڌ گهوڙن ۾ شاهوڪار آهي،

رٿئن ۾ شاهوڪار، ڪپڙن ۾ شاهوڪار،

عاليشان هيرن جواهرن ۾ شاهوڪار،

کائڻ پيڻ ۾ شاهوڪار ۽

هن سنڌو جا ڪپر سُرهن گلن سان ڀريا پيا آهن.

(رڳ ويد، منڊل 10)

[3][4]

رگ ويد جي ٻولي ۽ پارسين جي زنداوستا جي ٻولي هڪ ٻئي کي بلڪل ويجهيون آهن. زنداوستا گهڻو پوءِ جو لکيل آهي، ۽ ان جي ٻولي ڪيتريقدر قديم پارسيءَ جهڙي آهي.[5]

رگ ويد ۾ سنڌ ۾ آيل زلزلن جو ذڪر[سنواريو]

رگ ويد ۾ سپت سنڌو (Sapat Sindhu) (سنڌو ماٿر جي ستن دريائن واري ملڪ) جو ذڪر آهي، تنهن ۾ سنڌ جي حدن جو ذڪر نه ٿو ملي. رگ ويد جي منڊل 2، سوڪت 17 ۾ ڏهڪائيندڙ زلزلن جو ذڪر آهي، جن انهيءَ وقت ۾ ئي ملڪ جي طبعي صورت ۾ ڦيرو پئي آندو. رگ ويد کانپوءِ جي احوالن مان به ائين ظاهر آهي ته وقت بوقت زلزلن ۽ سنڌونديءَ جي ڦيرين گيرين ڪيئن ساوا پاسا سُڃا، ۽ سڃا پاسا ساوا ڪيا آهن. سنه 962ع ۾ اهڙو هڪ زلزلو آيو، جنهن بکر وارا ٽَڪَر به ٽوڙي ڇڏيا، ۽ الور ۽ ٻيا ڪيترا آباد شهر ويران ٿي ويا. سنڌونديءَ، جا الور واري ٽڪريءَ جي بنهه هيٺان وهندي هئي، تنهن پنهنجو رخ ئي ڦيرائي ڇڏيو. پڇاڙيءَ وارو زلزلو 1819ع ۾ ٿيو، جنهن سنڌ جي سڄي لاڙ واري ڀاڱي جي طبعي صورت ڦيرائي ڇڏي، ۽ ڪڇ جو رڻ، جنهن مان اڳي درياهه وهندو هو، ۽ راحموڪي بازار (Raahmoki Baazaar)، سنڌڙي ۽ ٻيا بندر به اُتي هئا، تن به پنهنجي سهڻي صورت ڦيرائي، ۽ برپٽ ٿي پيو.[6]

حوالا[سنواريو]

  1. derived from the root ṛc praise", cf. Dhātupātha 28.19. Monier-Williams translates "a Veda of Praise or Hymn-Veda"
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  3. رگ وید - آزاد دائرۃ المعارف، ویکیپیڈیا
  4. بربادی انڈس ڈیلٹا کا مقدر کیوں بنی؟ - Pakistan - Dawn News
  5. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  6. قديم سنڌ (ڀيرومل مھرچند آڏواڻي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2020-10-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-03-11