مهاديوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(آدي پراشڪتي کان چوريل)

مهاديوي
ڌَڻي (ڀڳوان، الٰهي، خدا، ديوتا) سگهہ (شڪتي) جي ديوي The Divine Power

آدي پراشڪتي (تريپورا سندري ديوي جي رُوپ ۾) جيئن شڪتي مت لکتن ۾ ملهائي ويندي آهي لليتا سهسرنامو ۽ سُندريا لهاري, سدشيوا جي هنج ۾ ويٺل آهي جيڪو تخت تي ليٽيو ويٺل آهي.[1][2]
سنسڪرت ۾ ādi Parāshakti
اشريڪ ديوي, پاروتي, سَتِي, پارا براهمڻ (شڪتي ازم، شڪتي مت), درگا, تريپورا سندري
ٺِڪاڻو منيدوپا[3]
منتر اوم ائيم هريم ڪليم شريم[4]
ھٿيار پاشا, هاٿي ڪُنڊو، انگوشا, چڪرا، ڦيٿو, شنکا، سنکا, تريشول ۽ ٻيا هٿيار
ساٿي شِيوا، يا شِوا

مهاديوي آدي، پراشڪتي يا آدي شڪتي (انگريزي ٻولي: Adi Parashakti) (سنسڪرت: आदि पराशक्ति) هندومت جي پنٿ (فرقو) شڪتي مت جي مکيا ڌڻي (الک) ديوي آهي. جنهن کي "پرما شڪتي" ، "آدي شڪتي" ، "مهاشڪتي" ، "مهاديوي" ، ”مها شڪتي“، ”مها ديوي“، پاروتي، "مهاگوري" ، "مهاسرسوتي" ، "مهالڪشمي" ، "مهاڪالي" ، ستيام شڪتي يا رُڳو "شڪتي" جي نالي سان پڻ سُڃاتي ويندي آهي. ڪيترن ئي شڪتي لکتن مطابق "پراما" جو مطلب مطلق (ڪامل الٰهي) آهي، "ستيا" جي معنيٰ سچائي آهي.[5] ديوي-ڀگواتا پورانا ۾ بيان ڪيل آهي تہ آدي پراشڪتي سموري سرشٽي (ڪائنات) جي اصلي سرجڻهار، ڏسندڙ (نگران) ۽ تباهي ڪندڙ آهي. اهو پڻ مڃيو ويندو آهي تہ ديوي پاروتي آدي پراشڪتي جي سموري (مڪمل) ۽ سڌو سنئون اوتار آهي.

بُڻ ڀاسُ (ايٽيمولاجي)[سنواريو]

آدي پاراشڪتي جو مطلب آهي "پهريون سپريم-پاور". آدي (आदि،ādi) ٻولَ جي لفظي معنيٰ "مُنڍ، شروعات" آهي. شڪتي جسماني سرشٽي (ڪائنات) کان ٻاهر هڪ طاقت ڏانهن اشارو آهي؛ اهو لفظ پاڻ ئي پاڙَ کان شرشٽي (शक् ،śak) مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي "قابل ٿيڻ،" PIE * ḱak- کان ورتل آهي.

اهميت[سنواريو]

ديوي گيتا ۾، اها رِٿ ڏنل آهي تہ هن پنهنجي هڪ شڪتين منجهان پاروتي جي سروُپ (اوتار) ۾ بدلجڻ کان اڳ هوءَ هماليا بادشاهہ ڏانهن سامهون آئي ۽ ان کي ايشوري (اِلاهي)، سدائين لازوالُ وديا نازل ٿي. هن پنهنجو پاڻ کي ويدن جي لفظن ۾ هن ريت بيان ڪيو، "جنهنکي نہ تہ شروعات ۽ نڪي ڪوبہ اَنتُ (پُڄاڻي) آهي. رُڳو هوءَ پاڻ ئي سدائين امر رهندڙ حقيقت آهي. هوءَ سمورو سَنسارُ (سرشٽي، ڪائنات، عالم، جهان) جي رچنا ڪندڙ آهي. هوءَ پنهنجو پاڻ ئي اڪيلي سوڀاري ۽ سوڀ جي پڌاري (ڏيکاءُ، اظهار) آهي. هوءَ پڌري (ڏيکاءُ ڏيندڙ، ظاهر)، ۽ اڻ ڏيکاءُ ڏيندڙ (ڳُجهي، لِڪيل) ۽ اعليٰ منتقلي ديوتا آهي. انکانپوءِ هن پنهنجي اڻ لڀ شڪل ۾ ڏيکاءُ ڏنائين: ستيالوڪا/برهمالوڪا هن جي مُکُ (مُنهن، نرڙ، نراڙ) ۾ ويهاريل هو؛ رچنا ڪيل سرشٽي (ڪائنات) سندس وارَ هُيا. سج ۽ چنڊ سندس اکيون هيون. سندس ڪنن ۾ چار طرف (رُخ، پاسا) هيا؛ ويدَ (ويدا) سندس چوڻيون (ٻولَ) هيا؛ موت، سِڪ پاٻوهه ۽ جذبا هن جا ڏند هيا. مايا هن جي مُرڪَ منجهان ڏيکُ ڏنو.[6]

هندو ڌرم ۾ آدي پراشڪتي[سنواريو]

ديوي آدي پاراشڪتي پونٽياڪ مشي گن، امريڪا ۾ پرشڪتي مندر ۾ مُکيا صدارتي ديوتا آهي.

شڪتا پِراڻن کانسواءِ، آدي شڪتي جو ڪڏهن بہ "آدي شڪتي" جي نالي سان ذڪر نہ آيو آهي. پر اَڻَ سِڌي ريت، هو پڻ کيس اعلي وَجُودُ (هَستي، جي وُ) مڃين ٿا.

شيوا پُراڻَ ۾[سنواريو]

شيوا پوراڻ چئي ٿو تہ آدي پراشڪتي، سرشتي جي شروعات مهل پرابرهمڻ پاراشيوا يعني ڀڳوان شيوا جو کاٻو اَڌ سان پراما پراڪرتي/ ديوي آدي پرشڪتي جي رُوپَ ۾ مادياتي رُوپ (اوتار) بڻجي وئي هئي.

شڪتا پوراڻا ۾[سنواريو]

"ديوي ڀاگوتا پوراڻا" چوي ٿو تہ شوا هزارين سالن تائين بيجي منتر "هريم" وسيلي آدي پراشڪتي کي پرچائڻ لاءِ پوڄا (عبادت) ڪئي. تنهنکانپوءِ هوءَ پنهنجي هڪ شڪتي شيوا سامهون سدهاداري جي روپ (اوتار) ۾ ڀڳوان شيو جي ساڄي اڌ کان ظاهر ڪئي.

سکھ مت ۾ آدي پراشڪتي[سنواريو]

سکھ ازم (سکهه مت) ۾ پڻ آدي شڪتي جو تصور کي پيش ڪيو ويو آهي. فرق ڇَڙو فلسفي ۾ آھي. سکھ ازم ۾، کاندا، خدا جي لامحدود طاقت جي علامت آهي، جڏهن ته هندومت ۾ ڀڳوان جي ان کاندا شڪتي کي "آدي شڪتي" سَڏيو ويو آهي.[7]

نوٽس[سنواريو]

  1. Vasantānanta (Swami.), Nā Irāmaccantiraṉ (1993). Sri Lalita Sahasranamam: Nama-wise Commentary in English with Text in Sanskrit. p. 358. https://books.google.com/books?id=6OItAAAAYAAJ. 
  2. Śaṅkarācārya; Tapasyananda (Swami.); , Lakṣmīdhara (1987). Saundarya-lahari of Sri Sankaracarya: with text and translation, and notes based on Lakṣmīdhara's commentary. Sri Ramakrishna Math. p. 70. https://books.google.com/books?id=V4rXAAAAMAAJ. 
  3. Sitaramiah, Pavani (1993). Sri Kalahasti Easwara Mahima. Pavani Sitaramiah. p. 90. https://books.google.com/books?id=fn_XAAAAMAAJ. 
  4. Swami Narayanananda (1960). The Primal Power in Man: The Kundalini Shakti. Health Research Books. p. 50. ISBN 9780787306311. https://books.google.com/books?id=6_sKqkhwRzoC. 
  5. Srimad Devi Bhagwatam, Devi Gita, Brahmand Purana,
  6. "The Devi Gita index". Sacred-texts.com. حاصل ڪيل 2012-08-05. 
  7. "Divine Mother". 

حوالا[سنواريو]