راڌا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
راڌا
राधा
راڌا
ڪرشنا ۽ راڌا بينگلور مندر ۾ ويٺل ڏيکاريل آهن
سنسڪرت ۾ راڌا
اشريڪ وشنويت، وشنوازم
ٺِڪاڻو گولوڪا، بارسانا، ورينداوان، برج ڌام
نشاني سونهري ڪنول گُل
ساٿي ڪِرِشْن
متن برهما ويترا پُراڻ، ديوي-ڀاڳواتا پوراڻا، پدما پوراڻا، گيتا گووندا، ۽ ٻيا پُراڻَ
راڌاراڻي جي راجستاني انداز ۾ پينٽنگ

راڌا (انگريزي ٻولي: Radha) (هندي: राधा) کي راڌيڪا، راڌاراڻِي، ڪشوري، راڌي، شياما، سري جي، هري ۽ پريا جي نالو سان پڻ سُڃاتو ويندو آهي. راڌا هندو مذهب ۾ خاص طور گوديا وشنومت جي روايت ۾ هڪ معروف ديوي آهي، جنهن جي محبت ۽ عقيدت جي ديوي طور پوڄا ڪئي ويندي آهي. راڌا ڀڳوان ڪرشنا جي ابدي ساٿياڻي آهي ۽ ان سان گڏ ابدي رهائش گولوڪا ڌام ۾ گڏ رهندي آهي. ايئن مڃيو ويندو آهي تہ هوءَ ديوي لڪشمي، ڀڳوان ويشنو جي زال جو اوتار آهي ڇاڪاڻ تہ ڪرشنا پاڻ ويشنو جو اوتار آهي. هيءَ ڪرشنا جي اندروني سگهہ يا هالديني شڪتي (آنند شڪتي) آهي. لکتن (صحيفن) موجب، هوءَ برج گوپيس (ڪُنؤاري ڏوڌڻ) جي سردار هئي، گوپي جيڪي ڪرشن لاءِ پنهنجي پوري عقيدت لاءِ سُڃاتا ويندي آهن. هيءَ شري ڪرشنا (ڀڪتي ديوي) لاءِ پارا ڀڪتي (مڪمل عقيدت) جي مثال آهي ۽ ڪجهه روايتن مطابق هيءَ ڀڳوان ڪرشنا جو ناري وارو روپ آهي. هر سال راڌراڻي جي جنم جو ڏينهن راڌاشتمي طور ملهايو ويندو آهي.

ڪجهه ماڻهن کيس انساني روح (آتما) جي تشبيهه طور پڻ مڃيندا آهن، هن جي محبت ۽ ڀگوان ڪرشنا جي لاءِ آرزو کي نظرياتي طور روحاني نشوونما لاءِ ۽ خدا سان ميلاپ لاءِ انساني جستجو جي علامت سمجيو ويندو آهي.[1] ڪيترا ئي ساهتيا (ادبي) ڪم کيس کان متاثر ٿيل آهن، ۽ ڪرشنا سان گڏ سندس راس ليلا ناچ ڪيترن ئي قِسمنِ جي پرفارمنس آرٽس کي متاثر ڪيو آهي.[2]

کيس ورينداون ايشوري (شِري ورينداون ڌام جي راڻي) پڻ سڏيو ويندو آهي، جيڪا کير واري، ڏوڌڻ راڻي ۽ ورينداون بارسنا جي راڻي طور ظاهر ٿي هئي. شري ڪرشنا کي هن بي لوث محبت ۽ ارپڻ جي سکيا ڏني.هيءَ وشنومت ۾ اعليٰ ديوي آهي. راسڪ سنتن هن جو ذڪر سپريم ديوي جي نزول، لامحدود لڪشمي جي ماخذ،طور ڪيو آهي، هيءَ يوگامايا ۽ هلادني شڪتي (الٰهي محبت جي طاقت) جي اصل شڪل آهي جيڪو مُک ڀڳوان شري ڪرشنا جي اصل طاقت آهي.

هندستان ۾، خاص طور تي گوديا ويشنواس پاران، اولهہ بنگال ۾ وشنواس، بنگلاديش مانيپور ۽ اوڙيسا ۾ راڌا کي پوڄا ڪئي ويندي آهي. ٻئي جاءِ تي، نمبارڪا سمپراديا ۽ شري چيتانيا مهاپراڀو سان ڳنڍيل تحريڪن ۾ سندس گهڻو احترام ڪيو ويو آهي.

راڌا وشنويت روايت جي معروف ديوي آهي. هيءَ ڪرشن جي سڀ کان وڌيڪ محبوب گوپي هُئي، هندو اِن کي ۽ ڪرشن کي پُوڄيندا آهن. یہ وچئين دور جي زماني جي هندو لکتن ۾ ڀگوان ڪرشن جي سڀ کان وڌيڪ اهم ساٿياڻي ذڪر ڪيل آهي.[3][4] راڌا شڪتيت جو پڻ هڪ اهم حصو آهي. ديوي ۽ گوپي راڌا کي لڪشمي جو اوتار سمهيو ويندو آهي.[5][6]

بڻ بنياد[سنواريو]

سنسڪرت لفظ راڌها (سنسڪرت:राधा) جو مطلب "خوشحالي، ڪاميابي" آهي.[7][8]

تشريح[سنواريو]

Radha with Krishna, a 1915 painting.

راڌا هندومت جي وشنومت روايتن ۾ هڪ اهم ديوي آهي.سندس لڇڻَ (خاصيتون)، ظاهري ڏيکاءُ ۽ ڪردار علائقن جي لحاظ کان مٽجندڙ آهي.شروعاتي زماني کان وٺي، هوءَ ڳنوارُ (ڳئون چاريندڙ) ڪرشن سان لاڳاپيل هئي، جيڪو ڀگواد گيتا جو پرچارڪندڙ (ڳالهائيندڙ، اسپيڪر) آهي.[9]

Radha's story has inspired many paintings. Above: Radha waiting for Krishna by راجا روي ورما.

راڌا ۽ سيتا[سنواريو]

راڌا-ڪرشنا ۽ سيتا رام جا جوڙا ٻن مختلف ترتيب جي شخصيتن جي نمائندگي ڪن ٿا، ڌرم ۽ طرز زندگي تي ٻہ نظريا، ٻئي زندگي جي راهہ ۾ لاڏڪوڏ سان هلندڙ آهن جنهن کي هندوڌرم سڏيو ويندو آهي.

مندر[سنواريو]

Left:Radha-Krishna Prem Mandir (Love Temple) in Vrindavan, اتر پرديش; Right: Krishna-Radha in Gokarneshwar temple, نيپال.

راڌا ۽ ڪرشنا چيتانيا مهاپرڀو، والاڀاچاريا، چنديداس ۽ وشنومت (وشنووزم) جي ٻين روايتن ۾ مندر جي ڌيان جو مرڪز آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. David Kinsley (1988). Hindu Goddesses: Visions of the Divine Feminine in the Hindu Religious Tradition. University of California Press. pp. 81–86, 89–90. ISBN 978-0-520-90883-3. https://archive.org/details/hindugoddessesvi0000kins. 
  2. Guy L. Beck (2006). Alternative Krishnas: Regional and Vernacular Variations on a Hindu Deity. State University of New York Press. pp. 46–47. ISBN 978-0-7914-6416-8. https://books.google.com/books?id=8z-v1p2qrwsC&pg=PA46. 
  3. جان اسٽريٽن هالي; ڊونا ميري ولف (1982). خدائي ساٿي (The Divine Consort): راڌا ۽ ڀارت جي ديوي. موتي لال بنارسي داس. pp. 1–12. ISBN 978-0-89581-102-8. https://books.google.com/books?id=j3R1z0sE340C. 
  4. ملر, بربرا اسٽولر (1975). "Rādhā: Consort of Kṛṣṇa's Vernal Passion". جنرل آف دي آمريڪن اورينٽل سوسائٽي (آمريڪن اورينٽل سوسائٽي) 95 (4): 655-671. doi:10.2307/601022. 
  5. مونئر مونئر-ويليمز، راڌا، سنسڪرت-انگلش ڊڪشنري وِدھ ايسٽمولوجي، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، صفحو 876
  6. ڊي۔ ماسن (2009). Theatre and Religion on Krishna’s Stage: Performing in Vrindavan. پالگريو ميڪ ميلن. p. 79. ISBN 978-0-230-62158-9. https://books.google.com/books?id=sazFAAAAQBAJ&pg=PA79. 
  7. Monier Monier-Williams, Rādhā, Sanskrit-English Dictionary with Etymology, Oxford University Press, page 876
  8. Sukumar Sen (1943), "Etymology of the name Radha-Krishana," Indian Linguistics, Vol. 8, pp. 434–435
  9. John Stratton Hawley; Donna Marie Wulff (1982). The Divine Consort: Rādhā and the Goddesses of India. Motilal Banarsidass. pp. 1–12. ISBN 978-0-89581-102-8. https://books.google.com/books?id=j3R1z0sE340C. 


ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]

سانچو:Spoken Wikipedia سانچو:Commons+cat