مواد ڏانھن هلو

ستي (رسم)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مغل دؤر جي پينٽنگ جنھن ۾ اڪبر بادشاھ گھوڙي تي ڏيکاريل ۽ ھڪ ھندو شھزادي ستي ٿيندي ڏيکاريل جنھن کي بادشاهه نہ چاھيندي بہ ستي ٿيڻ جي بي دليءَ سان اجازت ڏني

ستي:(انگريزي: Sati Practice) ھندو مذھب ۾ ستي ھڪ ديوي جو نالو آهي جيڪا شو ديوتا جي زال ھئي، جنھن پنھنجي مڙس جي پيءُ ھٿان بي عزتي ٿيڻ تي پنھنجي جان ڏني ھئي. لفظ ستي جي معنيَ ھڪ حياء واري عورت سمجھيو ويندو ھو.

ويدڪ زماني ۾ عام دستور هيءُ هوندو هو ته وڌوائون مڙسن جي لاشن سان گڏ پاڻ کي به لڪڙا ڏيئي جلائي پورو ڪنديون هيون. اهي ”ستيون“ سڏبيون هيون. اهو رواج ڪيئن پيو، سا ڳالهه ڪٿي به ڄاڻايل ڪانهي. ڊاڪٽر ابناش چندر داس جي خيال موجب انهيءَ رسم جي مراد هيءَ هئي ته مرڻ کان پوءِ به مردن جي گهرو سک لاءِ زالون ساڻن گڏ هجن. اهو سچ آهي ته ڪن قديم لوڪن جا اهڙا خيال هوندا هئا. مثلاً قديم مصر ملڪ جا ماڻهو ائين وسهندا هئا ته هر ڪنهن انسان کي مرڻ کانپوءِ ٻئي جهان ۾ به انهن شين جو کپ پوي ٿو، جي شيون هن جهان ۾ ڪم آڻيندو هو. انهيءَ سبب پراڻيءَ کي دفن ڪرڻ مهل مڻيا، ڪپڙا، بسترو ۽ ٻيو گهرو سامان بلڪ گاڏيون ۽ ٻيڙيون به ساڻس گڏ دفن ڪندا هئا! اڄ تائين هندن ۾ به دستور آهي ته ڪو مرد مرندو آهي ته کيس سوني منڊي پائيندا آهن، ۽ ڪا زال مرندي آهي ته هن کي نڪ ۾ نٿڙي يا ڪنن ۾ ڪو زيور پائيندا آهن ته ڀلي ته مڻيو منڊي ساڻ هجيس، پر مصنف جي راءِ موجب ستي لڪڙيءَ جو رواج اهڙي خيال کان ڪونه پيو ٿو ڏسجي. ”ستي“ لفظ خود ڄاڻائي ٿوته جيڪي ستياڻيون پتو رت ڌرم پالن ڪنديون هيون، ۽ پنهنجن مڙسن سان سچي پچي پريت هوندي هين، ۽ کانئن هڪڙو پل به پاسي ٿيڻ نه چاهينديون هيون، سي پتيءَ کان پوءِ پنهنجو جيئڻ جاڙ (آڪيارٿو) سمجهي، ساڻس گڏ چکيا تي چڙهنديون هيون، ته مرڻ کانپوءِ به هڪٻئي سان گڏ هجون، ۽ اسان جي پريت هلندي اچي. مطلب ته پتورت اِسترين جي پنهنجي پتيءَ سان ججهي پريت هئڻ سبب ستي لڪڙيءَ جو رواج وڌو. سندن اهڙن خيالن سبب اڄ تائين چوڻي آهي ته: [1]پريت تو ائسي ڪيجئي، جئسي هندو ڪي جوءِ، جيتي جي تو سنگ رهي، مـــئي ڀي ســـتي هـــوءِ. يعني پريت ته اهڙي ڪجي، جهڙي هندوءَ جي زال ڪري ٿي، جيئري ته مڙس سان رهي ٿي، پر مڙس جي مرڻ کانپوءِ به ستي ٿئي ٿي. ٻيو هڪ سنڌي پهاڪو آهي ته ”ستي لڪڙن کان موٽڻ (پاڻ نه جلائڻ) ڪسي ڳالهه ليکبي هئي، ۽ پوءِ اهڙيءَ زال جو مان نه رهندو هو. مطلب ته مانُ ٿيندو ئي انهن زالن جو هو، جي پنهنجي پتيءَ سان گڏ پاڻ کي به لڪڙا ڏيئي پورو ڪنديون هيون. ستي لڪڙيءَ جي رواج جو ذڪر اٿرو ويد جي منڊل ارڙهين (3، 1) ۾ آهي. اهو رواج رگ ويد واري زماني ۾ به هو، پر سڀڪا وڌوا پاڻ کي ڪانه جلائيندي هئي. رگ ويد جي منڊل ڏهين، سُوڪت اٺين (اَشٽڪ ستين جي ڇهين اڌ ڀاءُ جي ورگ ٻئي) ۾ جيڪي لکيل آهي، تنهن جو ترجمو ڪن عالمن ڪيئن ته ڪن ڪيئن ڪيو آهي. گهڻن عالمن ان جو ترجمو هيئن ڪيو آهي:

”اي ناري، اُٿ! تون انهيءَ جي ڀرسان اچي ليٽي آهين، جنهن جا پساهه پورا ٿي ويا آهن. جيئرن جي دنيا ۾ آءُ. پنهنجي پتيءَ کان پري ٿيءُ، ۽ انهيءَ جي استري ٿيءُ، جو تنهنجو هٿ جهلي بيٺو آهي، ۽ توسان پرڻجڻ جي مرضي اٿس“.

— رگوید

جيڪڏهن هيءُ ترجمو صحيح آهي ته چئبو ته جنهن مهل ڪا ستي پنهنجي مئل پتيءَ جي چکيا وٽ پاڻ جلائڻ لاءِ وڃي ليٽندي هئي، تنهن مهل سندس ڪنارو ڏير يا ٻيو ڪو، جو ساڻس پرڻجڻ چاهيندو هو، سو هٿ کان وٺي اُٿاري ايندو هئس. اهڙيءَ طرح هن ٿوري مضمون مان ستي لڪڙيءَ توڙي وڌوا وواهه جي رواج جا اُهڃاڻ ملن ٿا. ايترو چئبو ته ستي ٿيڻ جو رواج وڌيڪ عام هو. انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل واري وقت تائين به اهو رواج هلندو پئي آيو، پر پوءِ لارڊ وليم بينٽڪ جي ڏينهن ۾ برهمو سماج جي بنياد وجهندڙ راجا رام موهن راءُ جي سرجوشيءَ سان سرڪاري قاعدي پٽاندر بند ٿيو..[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. {* "The idea probably was that the dead man must have his wives accompanying him to the next world for providing him with home comforts". Dr. A.C. Das: Reg Vedic Culture, p. 256.}
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page24.html.  Missing or empty |title= (مدد)