گل ٻرڙو
ڏيک
گل ٻرڙو (وارھ) ديھ گل ٻرڙو | |
---|---|
ديھ | |
Deh Gul Buriro | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°30′32″N 67°45′25″E / 27.50889°N 67.75694°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 2,018 |
ديھ گل ٻرڙو (انگريزي: Deh Gul Buriro) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا حامد واھ تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1935 کان 1962ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھي ديھ تپي حمل ۾ واقع ھئي پر بعد م ان کي نئين تپي حامد واھ جو حصو بڻايو ويو. 1962ع تائين ھن ديھ م رڳو ھڪ ڳوٺ گل ٻرڙو واقع ھيو.ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ گل ٻرڙو مٿيون معروف آھي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ کنڊو ۽ ديھ ڪلر، ديھ ، اوڀر ۾ ديھ نواب ڪلھوڙو، ديھ جوناڻي ۽ ديھ وارھ، اولھ ۾ ديھ ڳڙھي جاگير ۽ قمبر تعلقي جي ديھ ڪاروھر جاگير ۽ ڏکڻ ۾ ديھ حامد واھ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان ڪنور شاخ وھندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,018 ھئي جيڪا 340 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].