بشارت ڪاڇڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بشارت ڪاڇڙي (وارھ)
ديھ بشارت ڪاڇڙي
ديھ
Deh
بشارت ڪاڇڙي (وارھ) is located in سنڌ
بشارت ڪاڇڙي (وارھ)
بشارت ڪاڇڙي (وارھ)
بشارت ڪاڇڙي (وارھ) is located in Pakistan
بشارت ڪاڇڙي (وارھ)
بشارت ڪاڇڙي (وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°18′45″N 67°38′12″E / 27.31250°N 67.63667°E / 27.31250; 67.63667مڪانيت: 27°18′45″N 67°38′12″E / 27.31250°N 67.63667°E / 27.31250; 67.63667
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 1,781


ديھ بشارت ڪاڇڙي(انگريزي: Deh Bisharat Kachhri) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا حمل تپي ۾ واقع آهي. ھي ديھ يونين ڪاؤنسل حمل چڪ آباد ۾ شامل آهي

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1901ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ تڪيو ميان لاکو ۽ گھر، ڳوٺ قادربخش رند واقع ھيا. ھن ديھ ۾ ھاڻي ڳوٺ ڳھڻو ديرو ۽ ڳوٺ محبوب خان لاشاري نالي ڳوٺ پڻ قائم ٿي چڪا آهن جيڪي 1901 ۾ ڪونہ ھيا. ڳوٺ قادربخش رند ھاڻي ھڪ وڏو ڳوٺ آھي. 1901 ۾ حمل ڍنڍ ھن ديھ جي اتر اوڀر ۾ ڪجهه فاصلي تي ھئي پر ھاڻي اھا ھن ديھ ۾ پڻ واقع آهي. ميان گاجي خان کھاوڙ پنھنجي قبيلي جو چڱو مڙس ۽ ميان نصير احمد ڪلھوڙو جو مريد ھيو جنھن کي ڪلھوڙن وڏي جاگير ڏني ھئي. ان جي ناني جو نالو بشارت کھاوڙ ھيو جنھن کي گاجي خان ھن علائقي ۾ زمين ڏني جنھن بشارت کھاوڙ نالي ڳوٺ پڻ ٻڌايو[2]. ھي ديھ ڪاڇي طرف واقع ھئي ۽ بشارت کھاوڙ جي زمين ھجڻ ڪري ان تي بشارت واري ڪاڇڙي نالو پئجي ويو.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ چڪ فريدآباد ۽ چڪ فريدآباد 1، اوڀر ۾ دادو ضلعو ، اولھ ۾ قمبر تعلقو ۽ ڏکڻ ۾ ميھڙ تعلقي جي ديھ فريدآباد واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. حمل ڍنڍ روڊ ھن ديھ جي اوڀر واري حصي مان گذرندڙ آھي. ڪاڇي يا جبلن جي ڪڇ جي ويجھو ھجڻ ڪري ڪاڇڙي سڏجي ٿو.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1781 ھئي جيڪا 269 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. {ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جو مضمون "گاجي کھاوڙ: تحقيق ۽ تعارف" ، مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو ،1 ۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}