پيچوھا (وارھ)
پيچوھا (وارھ)
ديھ پيچوھا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Pechuha | |
جاگرافي بيهڪ: 27°30′10″N 67°55′15″E / 27.50278°N 67.92083°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
ديھ پيچوھا(انگريزي: Deh Pechuha) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لالو رائنڪ تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1911 کان 1957ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ پيچوھا، ڳوٺ محبوب خان، ٿيٻن جو ڳوٺ، ڳوٺ ابلداس ۽ مغيرين جو ڳوٺ، لاکي جو مقام ۽ مھتاب شاھ جو مقام واقع ھيا. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ پيچوھا ۽ ڳوٺ جيئند مغيري معروف ڳوٺ آھن باقي ٻيا غيرمعروف ٿي ويا آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ حني ، اوڀر ۾ ديھ ياروديرو ۽ ديھ عبيداڻي، اولھ ۾ ديھ لالو رائنڪ ۽ ڏکڻ ۾ ديھ اصحابو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ جي و مان وارھ وڳڻ روڊ گذرندڙ آھي. ڳوٺ پيچوھا ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جنھن ۾ ٻوھيا محلو ۽ پيچوھن جو محلو واقع آھن. ھي ڳوٺ لالو رائنڪ کان ھڪ ڪ م جي فاصلي تي واقع آهي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 9,174 ھئي جيڪا 1,779 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- وارھ تعلقو
- سنڌ جا ڳوٺ
- وارھ تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون