مواد ڏانھن هلو

وڳڻ ديھ

وڳڻ(وارھ)

ديھ وڳڻ
ديھ
Deh Wagan
وڳڻ(وارھ) is located in سنڌ
وڳڻ(وارھ)
وڳڻ(وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
وڳڻ(وارھ) is located in پاڪستان
وڳڻ(وارھ)
وڳڻ(وارھ)
وڳڻ(وارھ) (پاڪستان)
Coordinates: 27°27′57″N 67°52′34″E / 27.46583°N 67.87611°E / 27.46583; 67.87611
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقووارھ تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


ديھ وڳڻ(انگريزي: Deh Wagan) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا وڳڻ تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880ع واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڪريمداد وڳڻ، پاسي بھرام وڳڻ ۽ ٿوري فاصلي تي مغيرين جا گھر، واقع ھيا. ھاڻي ان ديھ ۾ وڳڻن جا ڳوٺ ملي وڳڻ شھر ۾ تبديل ٿي ويا آهن ۽ ٻھراڙيءَ ۾ نوان ڳوٺ قائم ٿي چڪا آهن جن ۾ ڳوٺ شير خان جتوئي، ڳوٺ معظم بستي ۽ ڳوٺ نزاري معروف آھن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ يارو ديرو، اوڀر ۾ ديھ ڀولا ڪلھوڙا ، اولھ ۾ ديھ ياروديرو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چؤديرو ۽ ديھ حسن ھوري واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. قمبر نصيرآباد روڊ ھن ديھ منجھان گذرندڙ آھي جنھن تي وڳڻ شھر پڻ واقع آهي. انڊس ھاء وي پڻ اتان گذري لاڙڪاڻي طرف ويندڙ آھي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 15,836 ھئي جيڪا 2,847 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018