مواد ڏانھن هلو

بند جاني

بند جاني (وارھ)

ديھ بند جاني
ديھ
Deh Band Jani
بند جاني (وارھ) is located in سنڌ
بند جاني (وارھ)
بند جاني (وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
بند جاني (وارھ) is located in پاڪستان
بند جاني (وارھ)
بند جاني (وارھ)
بند جاني (وارھ) (پاڪستان)
Coordinates: 27°26′33″N 67°54′02″E / 27.44250°N 67.90056°E / 27.44250; 67.90056
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقووارھ تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل4,645
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


ديھ بند جاني(انگريزي: Deh Band Jani) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لالو رائنڪ تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880 کان 1964ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ سانڀل ۽ ان سان لڳولڳ ڳوٺ ابڙيپوٽا ۽ قاسم شاھ جو مقام جن کي چؤڌاري بند ڏنل ھيو. ان کان سواءِ ھن ديھ ۾ تيوڻن جو ڳوٺ پڻ واقع ھيا. ڳوٺ سانڀل ۽ ڳوٺ ابڙيجا ھڪ ٿي وڃڻ جي ڪري جاني بند سڏبا آهن. ھن وقت جاني بند قائم آھي. تيوڻن جو ڳوٺ ھاڻي ڏاتو تيوڻو سڏجي ٿو.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ عبيداڻي ۽ ديھ اصحابو، ديھ ، اولھ ۾ ديھ آباد، اوڀر ۾ ديھ حسن ھوري، نصيرآباد تعلقي جي ديھ چؤديرو ۽ ڏکڻ ۾ پڻ نصيرآباد تعلقي جون ديھون گل سنگھر ۽ مرادي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان نصيرآباد قمبر روڊ گذرندڙ ۽ ميرواھ وھندڙ آھي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,645 ھئي جيڪا 723 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018