وارھ ديھ
وارھ ديھ ديھ وارھ | |
---|---|
ديھ | |
Deh Warah | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°26′54″N 67°47′45″E / 27.44833°N 67.79583°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
ديھ وارھ(انگريزي: Deh Warah ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا وارھ تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1881 واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ جي ڏکڻ اوڀر م ڳوٺ وارھ واقع ھيو جنھن جي ٻاھران بعد ۾ مختيارڪار جي آفيس قائم ٿي. اتان ٿورڙي فاصلي تي تنين جا ٽي ڳوٺ واقع ھيا جن ۾ ڳوٺ قبول محمد تونيو، ڳوٺ حمدو تونيو ۽ ڳوٺ گل محمد تونيو شامل ھئا. وارھ شھر جي اولھ طرف ديھ جي ڏاکڻي دنگ تي تنين جا ٻه مقام ھوندا ھئا. ديھ م باقي ھڪ ڳوٺ راضي واقع ھيو. ھاڻي ھن ديھ ۾ وارھ شھر سان گڏوگڏ ڳوٺ رسول بخش بروهي ۽ ڳوٺ غلام حسين مگسي ۽ آباد ٻگھيو واقع آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ نواب ڪلھوڙو ، اوڀر ۾ ديھ صفر تونيو ، اولھ ۾ ديھ گل ٻرڙو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ جوڻاڻي ۽ ديھ ٿاڻو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ٻھراڙيءَ جي آدمشماري 5,413 ھئي جيڪا 877 خاندانن تي مشتمل ھئي. ديھ ۾ واقع شھر وارھ جي آبادي جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 37,921 ھئي جيڪا 7,047 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ديھ جي ڪل شھري ۽ ٻھراڙيءَ جي جملي آبادي 43,334 ھئي جيڪا 7,924 خاندانن تي مشتمل ھئي.