مواد ڏانھن هلو

ٿرڙي ھاجران

ٿرڙي ھاجران(وارھ)

ديھ ٿرڙي حاجران
ديھ
Deh Thariri Hajran
ٿرڙي ھاجران(وارھ) is located in سنڌ
ٿرڙي ھاجران(وارھ)
ٿرڙي ھاجران(وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
ٿرڙي ھاجران(وارھ) is located in پاڪستان
ٿرڙي ھاجران(وارھ)
ٿرڙي ھاجران(وارھ)
ٿرڙي ھاجران(وارھ) (پاڪستان)
Coordinates: 27°25′39″N 67°50′20″E / 27.42750°N 67.83889°E / 27.42750; 67.83889
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقووارھ تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )

ديھ ٿرڙي ھاجران (انگريزي: Deh Thariri Hajran) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي وارھه تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو وارھه تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880 کان 1960ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ٿرڙي حاجران، ڳوٺ ساڌو رام، مسڻن جو ڳوٺ، مقام گدا علي، منزل گاھ ۽ ان سان لڳولڳ باغ ۽ بيراج بنگلو واقع ھيا. ھاڻي انھن پراڻن ڳوٺن مان ھن ديھ ۾ ڳوٺ ٿرڙي حاجران يا ھاجران قائم آھي باقي ڦٽي ويا يا غيرمعروف ٿي ويا ۽ نوان ڳوٺ وسند ڇٽو، ڳوٺ خان محمد جوڻيجو، ڳوٺ عبدالعزيز بروھي ۽ ڳوٺ قادن ڇٽو قائم ٿي چڪا آھن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ صفر تونيو، اوڀر ۾ ديھ آباد ۽ ديھ واھوچا، اولھ ۾ ديھ ٿاڻو ۽ ديھ وارھ ۽ ڏکڻ ۾ تعلقي نصيرآباد جون ديھون ڦيڪراٺو ۽ ديھ علي بحر واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. وارھ لالو رائنڪ روڊ ۽ وارھ نصيرآباد روڊ ھن ديھ مان گذرندڙ آھن.


حوالا

[سنواريو]
  1. www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018