ٿرڙي ھاجران
ٿرڙي ھاجران(وارھ)
ديھ ٿرڙي حاجران | |
---|---|
ديھ | |
Deh Thariri Hajran | |
جاگرافي بيهڪ: 27°25′39″N 67°50′20″E / 27.42750°N 67.83889°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
ديھ ٿرڙي ھاجران (انگريزي: Deh Thariri Hajran) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي وارھه تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو وارھه تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880 کان 1960ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ٿرڙي حاجران، ڳوٺ ساڌو رام، مسڻن جو ڳوٺ، مقام گدا علي، منزل گاھ ۽ ان سان لڳولڳ باغ ۽ بيراج بنگلو واقع ھيا. ھاڻي انھن پراڻن ڳوٺن مان ھن ديھ ۾ ڳوٺ ٿرڙي حاجران يا ھاجران قائم آھي باقي ڦٽي ويا يا غيرمعروف ٿي ويا ۽ نوان ڳوٺ وسند ڇٽو، ڳوٺ خان محمد جوڻيجو، ڳوٺ عبدالعزيز بروھي ۽ ڳوٺ قادن ڇٽو قائم ٿي چڪا آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ صفر تونيو، اوڀر ۾ ديھ آباد ۽ ديھ واھوچا، اولھ ۾ ديھ ٿاڻو ۽ ديھ وارھ ۽ ڏکڻ ۾ تعلقي نصيرآباد جون ديھون ڦيڪراٺو ۽ ديھ علي بحر واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. وارھ لالو رائنڪ روڊ ۽ وارھ نصيرآباد روڊ ھن ديھ مان گذرندڙ آھن.
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- وارھ تعلقو
- سنڌ جا ڳوٺ
- وارھ تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون