مواد ڏانھن هلو

چڪ آباد

بيھڪ: 27°19′00.7″N 67°42′32″E / 27.316861°N 67.70889°E / 27.316861; 67.70889
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديھ چڪ آباد
ديھ چڪ آباد
ديھ
Deh Chakabad
ديھ چڪ آباد is located in سنڌ
ديھ چڪ آباد
ديھ چڪ آباد
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
ديھ چڪ آباد is located in Pakistan
ديھ چڪ آباد
ديھ چڪ آباد
ديھ چڪ آباد (Pakistan)
جاگرافي بيهڪ: .127°19′00.7″N 67°42′32″E / 27.316861°N 67.70889°E / 27.316861; 67.70889
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو


ديھ چڪ آباد(انگريزي: Deh Chak Abad) سنڌ جي قمبر شهدادڪوٽ ضلعو وارھ تعلقو جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو جوڳي ۾ واقع آهي


تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1931 کان 2004ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق اھا ديھ تپو ميرپور ۾ واقع ھئي بعد م تپو جوڳي ۾ شامل ڪئي وئي. روينيو رڪارڊ موجب 1882 جي سروي وقت ھن ديھ ۾ رڳو پنج ڳوٺ هئا جن ۾ 1 ڳوٺ آڍو خان لاشاري 2 ڳوٺ لشڪر خان لاشاري 3 ڳوٺ چنو ھي ڳوٺ غلام علي اوڍاڻو سان مشهور 4 شڪارين جو ڳوٺ سروي نمبر 357 ۾ واقع ھيو 5 ڳوٺ خان محمد چانڊيو شامل آهن،

ھاڻي ھن ديھ ۾ 12 ڳوٺ آهن جن ۾

  • 1 ڳوٺ آڍو خان لاشاري
  • 2 ڳوٺ لشڪر خان لاشاري
  • 3 ڳوٺ ڪڙيو سبڙ خان (پراڻو نالو ڳوٺ خان محمد چانڊيو)
  • 4 ڳوٺ خاطر خان ساکاڻي
  • 5 ڳوٺ پير صالح شاھ
  • 6 ڳوٺ عبدالله چانڊيو
  • 7 ڳوٺ ڌڻي بخش اوڍاڻو
  • 8 ڳوٺ فتح علي
  • 9 ڳوٺ غلام قادر اوڍاڻو
  • 10 ڳوٺ لڌو خان ساکاڻي شامل آھن.

اوائلي ڳوٺن مان 2 ڳوٺ ختم ٿي ويا آهن جن ۾ سروي نمبر 357 ۾ 1 شڪارين جو پراڻو ڳوٺ ۽ 2 ڳوٺ چنو جيڪو ڳوٺن غلام علي اوڍاڻو جي نالي سان مشهور ھي بہ مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اوڀر ۾ ديھ جوڳي، اتر ۾ بہ ديھ جوڳي ۽ ديھ ميرپور اولھ ۾ ديھ سانھاري ۽ ڏکڻ ۾ تعلقي ميھڙ جي ديھ گل محمد واھ واقع آهن. ھن ديھ جي روينيو رڪارڊ مطابق مڪمل سروي ٿيل آھي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي سڀني ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,549 آھي ٽوٽل 977 خاندانن تي مشتمل آهن.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]

http://map.sindhzameen.gos.pk/GIS%20EGP%20Files1/GIS/JPG/Kamber%20Shahdad%20Kot/warah/Chak%20Abad.JPG آرڪائيو ڪيا ويا 2022-12-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.