سانھاري
ڏيک
سانھاري (وارھ)
ديھ سانھاري | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Sanhari | |
| جاگرافي بيهڪ: 27°19′01″N 67°42′34″E / 27.31694°N 67.70944°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | وارھ تعلقو |
ديھ سانھاري(انگريزي: Deh Sanhari) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ميرپور تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1898 کان 1960ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھي ديھ گرڪڻ تپي ۾ واقع ھئي. ان وقت ھن ديھ ۾ ھڪ غير معروف ڳوٺ واقع ھيو. ھاڻي اھو ڳوٺ لشڪر خان لاشاري جي نالي سان معروف آھي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ميرپور، اوڀر ۾ ديھ چڪ آباد، اولھ ۾ ديھ ٺيٺ ۽ ڏکڻ ۾ تعلقو ميھڙ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ جي ڏکڻ واري دنگ تي ڌامراھ واھ وھندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,998 ھئي جيڪا 616 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedآدمشماري