مواد ڏانھن هلو

گاجي کهاوڙ

بيھڪ: 27°21′N 67°48′E / 27.350°N 67.800°E / 27.350; 67.800
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(گاجي کھاوڙ کان چوريل)
گاجي کھاوڙ
يونين ڪائونسل ۽ شھر
Gaji Khuhawar
گاجي کھاوڙ is located in سنڌ
گاجي کھاوڙ
گاجي کھاوڙ
گاجي کھاوڙ is located in Pakistan
گاجي کھاوڙ
گاجي کھاوڙ
جاگرافي بيهڪ: 27°21′N 67°48′E / 27.350°N 67.800°E / 27.350; 67.800
ملڪ پاڪستانپاڪستان
صوبو سنڌ
بلندي 13 ميل (43 ft)
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 15,470

گاجي کهاوڙ (انگريزي: Gaji Khuhawar ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارهه تعلقي ۾ واقع قديم ترين شهر آهي[2][3]. گاجي کهاوڙ ٽائون ڪاميٽي 5 وارڊن تي مشتمل آهي.

تاريخ

[سنواريو]

مقامي ماڻهو هن جي اوسر ۽ ارتقا کي ڪلهوڙن جي دور سان ڳنڍين ٿا. گاجيءَ جي ڳوٺ جو نالو هڪ دفعو تحفةالڪرام جي صفحي نمبر 221 تي هن طرح آيو آهي ته:

”ميرابوالقاسم خان زمان ولد شاهه قاسم بيگلار، پيءُ کان پوءِ ٽن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي ماءُ راڻي ورسه جي ڀاڻيجيءَ سان پٽپن ۾ رهڻ لڳو. اتفاقاً انهيءَ ديهه تي جوڻيجن حملو ڪيو ۽ هن جنگ ۾ کيس منهن تي زخم رسيو. انهيءَ حالت ۾ هن کي شاهه حسن وٽ وٺي آيا، جنهن سندس تربيت جي ڏاڍي ڪوشش ورتي ۽ گاجيءَ جو ڳوٺ انعام ۾ ڏنو.“

— [4]، تحفته الڪرام

ميان گاجي کهاوڙ، ميان نصير محمد جي دور ۾ ميان وال تحريڪ جو اهم ڪارڪن هو[4]. ميان وال تحريڪ جي باني ميان نصير محمد 35 سال (يعني 1692ع کان 1657ع) حڪومت ڪئي[4]. ڪلهوڙا سرڪار طرفان پنهنجي مريدن کي خاص طور تي ”ميان“ جو لقب ڏنو ويندو هو. جهڙوڪ: ميان رتو وغيره. ميان رتو، ڪلهوڙن جو خاص مريد هوندو هو. هي ذات جو ماڇي هو. سندس مزار تعلقي وارهه ۾ موجود آهي. جنهن کي ”ميان رتو“ جي نالي سان اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو[4]. اهڙيءَ ريت ڪلهوڙن، کهاوڙن کي ’برخورداريءَ‘ ۽ ’ميان‘ جو لقب عنايت ڪيو[4]. کهاوڙ ڪَچي پڪي جا مالڪ بڻجي پيا هئا. هيءُ شهر گاجي کهاوڙ ٻَڌايو هو جنهنڪري سندس نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو[4]. گاجي کهاوڙ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ ميانوال تحريڪ جو ڪارڪن ۽ سپهه سالار هو. تاريخي ڪتاب “سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو” موجب کيس ميان نصير محمد ڪلهوڙي شهدادڪوٽ ويجهو جاگير به ڏني هئي[4]. گاجي کهاوڙ ڳوٺ جي باري ۾ محقق دين محمد ڪلهوڙو پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته[4]:

’هيءُ شهر تعلقي وارهه سان نسبت رکي ٿو ۽ وارهه جي ڏکڻ ۾ ڇهن 6 ميلن جي پنڌ تي واقع آهي. گاجي کهاوڙ تعلقي وارهه جو تاريخي شهر آهي. هن شهر جي تاريخ، وارهه شهر جي تاريخ کان به وڌيڪ نمايان رهي آهي. هيءُ شهر، ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان نصيرمحمد ڪلهوڙي جي فقير ميان گاجي خان کهاوڙ ٻَڌو هو. ميان گاجي خان کهاوڙ، شهداد ڪوٽ جي باني شهداد خان کهاوڙ ۽ قنبر تعلقي جي غازي خان کهاوڙ جو ڀاءُ هو. هنن سڀني جو وڏو چاڪرخان کهاوڙ هو، جو ميان شاهل محمد جو معتمد جرنيل هو. سندس مقبرو، ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي مقبري جي قريب واقع آهي.

— [4][5]

گاجي کهاوڙ بابت محقق پروفيسر عبدالله مگسي پنهنجي تصنيف ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ۾ لکي ٿو ته:

’هيءُ پنهنجي قبيلي جو سردار ۽ ميان نصير محمد ڪلهوڙي جو معتقد هو، موجوده ضلعي لاڙڪاڻي ۾ کيس زمين جاگير طور مليل هئي. جتي هن پنهنجي پٺيان ”گاجي کهاوڙ“ ڳوٺ ٻَڌو، جيڪو اڄ به تعلقي وارهه ۾ موجود آهي.‘

— [4][6]

ميان گاجيء جي هڪ مهر آهي جيڪا منڊيءَ وانگر آهي، جنهن تي 1128ھ لکيل آهي. هن ميان گاجيءَ جي وفات جو سال 1215ھ لکيو آهي[4]. ميان گاجيءَ کي ٽي پُٽ: ميان مبارڪ، ميان سائينداد ۽ ميان رانجهو هئا[4]. ميان گاجيءَ کي جيڪا ڪلهوڙن طرفان جاگير عطا ٿي، سا موجوده سنڌو درياء کان وٺي اولهه ۾ جبل تائين هُئي[4].

جاگرافي

[سنواريو]

واره شهر جي اتر، نصير آباد شهر جي اولهه ۽ دادو ضلعي جي شهر ميهڙ جي اتر ۾ گاجي کهاوڙ شهر واقع آهي. نصرآباد کان 10 ڪلو ميٽر ، واره کان 8 ڪلوميٽر ميهڙ کان 14 ڪلوميٽر گاجي کهاوڙ پري آهي. گاجي کهاوڙ ۾ سيد حبيب الله شاهه جي حويليءَ جي لڳو لڳ اوڀر ۾ هڪ قديمي کڏ موجود آهي، جيڪا اٽڪل ٽيهن جريبن جي ايراضيءَ تي مشتمل هئي، هن وقت کڏ کي ڪافي سوڙهو ڪيو ويو آهي، ۽ شهر جو گندو پاڻي هن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. جنهنڪري هن کڏ جي خوبصورتيءَ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. کڏ جي اوڀر ۾ روڊ ۽ مقام آهي. اهڙيءَ ريت کڏ جي اُتر ۾ پڻ قبرستان آهي. جڏهن کڏ ۾ مٺو پاڻي پوندو هو ته کڏ جي رونق ڏسڻ وٽان هوندي هئي[4]. ميان گاجيءَ جيڪو ڳوٺ (گاجي کهاوڙ) ٻَڌو، سو وارهه شهر کان ڏکڻ طرف ٻارنهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي ۽ جوڻاڻي شريف کان اٺن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڏکڻ - اوڀر ڪنڊ تي واقع آهي. هن شهر کان نصيرآباد اوڀر طرف ٻارنهن ڪلوميٽرن جو فاصلو رکي ٿو. جڏهن ته ميهڙ هن شهر کان ڏکڻ پاسي اٽڪل ويهن ڪلوميٽرن تي آهي[4]. گاجي کھاوڙ شھر گاجي کھاوڙ ديھ ۽ گاجي کھاوڙ تپي ۾ واقع آهي.

معيشت

[سنواريو]

تقريبن 40 تي مشتمل گاجي کهاوڙ 80 سيڪڙو ماڻهن جو معاشي دارومدار زراعت تي آهي. گاجي کهاوڙ ۾ هاڻي رائيس ملز جو انگ تقريبن 10 آهي ، جتي پورهيتن کي سٺو روزگار ملي ٿو.

تاريخي جايون

[سنواريو]

اڇي مسجد

[سنواريو]

هن شهر ۾ گاجي کهاوڙ مسجد جوڙائي هئي جيڪا چُن ۽ چيروليءَ جي اڇي رنگ سبب اڄ به شهر قائم آهي ۽ اڇي مسجد جي نالي سان مشهور آهي. مسجد جي ديوارن تي قديم چٽسالي به اعلى آرٽ جو نمونو آهي[4] .هن مسجد کي ٽي قبا آهن، جنهن ڪري ٽِه قبائين مسجد جي نالي سان سڏجي ٿي[4]. داخلي دروازي جي مٿان پڻ قبو ٺهيل اٿس. مسجد اندر چٽساليءَ جو ڪم به نهايت خوبصورت ٿيل آهي[4]. مسجد کي ٻه دريون، هڪ اتر ڏانهن ۽ ٻي ڏکڻ ڏانهن لڳل آهن ۽ ٻن ٻن طاقن وارا ٽي دروازا اٿس[4]. هن کي اڇي مسجد پڻ سڏيو وڃي ٿو ڇو ته مسجد جي گچ ۾ چُن ۽ ڏاچين جو کير استعمال ڪيو ويو آهي[4]. چون ٿا ته هيءَ مسجد سرائي گل محمد کهاوڙ ٺهرائي هئي[4]. ڪلهوڙا دور جي ڪاريگريءَ جو هيءُ بهترين نمونو آهي. ان جي ڀرسان هڪ مبر به جوڙايو ويو هو، جيڪو صرف چنڊ ڏسڻ لاءِ تعمير ڪرايو ويو هو، جنهن جي مرمت نه ٿين سبب ڊهي پيو آهي.

گاجي کھاوڙ جو مقبرو

[سنواريو]

گاجي کهاوڙ جو مقبرو ۽ قبرستان شهر کان اتر-اولهه ۾ 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي[4]. هن مقام جي ايراضي اٽڪل ٽيهن جريبن جي لڳ ڀڳ ٿيندي[4]. ميان گاجيءَ جو قبو پنجن ئي قبن ۾ وڏو آهي، جنهن کي ميان گاجيءَ جي پٽ ميان مبارڪ ٺهرايو[4]. جڏهن ميان مبارڪ رحلت ڪئي تڏهن مٿس سندس ڀاءُ ميان سائينداد قبو جوڙايو. ٽيون قبو سائينداد جو آهي. باقي ٻه قبا هڪ منگو کوکر ۽ ٻيو سَدُو کوکر جا آهن[4]. هنن قبن بابت پڻ تاريخون خاموش آهن. قبن اندر چٽسالي ۽ گلڪاريءَ جو عمدو ۽ سهڻو ڪم ٿيل آهي. ڪنهن به قبي تي ڪوڪَتبو وغيره لکيل نه آهي[4].

مشھور شخصيتون ۽ بزرگ

[سنواريو]

روحاني بزرگ

[سنواريو]

گاجي کهاوڙ ۾ سيد صالح شاهه بخاري به وڏي سڃاڻپ آهي. سائين پاڻ فقير صفت جو ماڻهو هو. سائين صالح شاهه بخاري هميشه ٻارڙن کي وندرائڻ سندس مشغل هو، هن ته سائين کي هلندڙ خيرات ٻارڙن ۾ ورهائڻ ڇڏيندو هو، سندس سيد پاڙي ۾ اوقاف کاتي جي آفيسر سندس عقيدتمند جوڙايو آهي. شهر جي اولهه ۾ سائين معصوم شاهه جي مزار آهي. شهر جي اتر ميان گاجي قبرستان وٽ شيخ سمابو جي مزار آهي جتي پڻ سندس عقيدتمند ايندا رهندا آهن. پير سيد صالح شاهه کان علاوه هڪ فقير هوندو هو، جنهن جو نالو ڪوڙو هو. ليڪن ڪوڙو فقير سڏيندا هُئس. ان تان هڪ محاورو ”ڪوڙي فقير واري رنڊاڻ“ مشهور ٿيو[4]. جيڪڏهن ڪنهن شخص يا ڪنهن نوجوان ۽ ڪنهن ٻار ڪوڙي فقير جي پُٺيءَ تي هٿ رکيو، ڄڻ ککر ۾ کڙو هنيائين. پاڻ به جڏهن اهڙي ماڻهوءَ جي پُٺي تي رکندو هو ته معاملو ڇڏي ڏيندو هو ۽ ڪاوڙ پڻ ختم ٿي ويندي هئس، نه ته اُن ماڻهوءَ جي پويان سڄو ڏينهن هلندي گذري ويندو هئس. جڏهن ان جي پُٺيءَ تي هٿ رکي، تڏهن ٿڌو ٿيندو هو. ان تان ”ڪوڙي فقير جي رنڊاڻ“ محاورو شروع ٿيو[4].

سياسي ۽ سماجي شخصيتون

[سنواريو]

سرائي ڪريم بخش خان کهاوڙ جي والد جو نالو سبزعلي خان ۽ ڏاڏي جو نالو لاڻو خان (لهڻو خان) پڙڏاڏي جو نالو سرائي گل محمد خان کهاوڙ هو[4]. ڪريم بخش خان سال 1881ع ۾ ڄائو ۽ رانجهن خان کهاوڙ جي هٿان سال 1943ع ۾ شهادت جو درجو ماڻيائين[4]. خانبهادر ڪريم بخش خان صرف پرائمري تعليم حاصل ڪئي هئي. هن پنهنجي وقت ۾ چڱو نالو ڪمايو. هن پنهنجي دور ۾ گاجي کهاوڙ ۾ سال 1939ع ۾ گرلس پرائمري اسڪول قائم ڪرايو[4]. هتان جي سياستدانن ۾ سيد حبيب الله شاهه پ پ پ جو خاص ورڪر ۽ ڪارڪن هو. عمر جي آخري گهڙين تائين پيپلز پارٽيءَ سان ساٿ نڀايائين. هن وقت سندس پٽ حليم الله شاهه سميت سندس خاندان پيپلزپارٽيءَ سان لاڳاپيل آهي. هن خاندان مان هڪ درويش سيد صالح شاهه نهايت مشهور آهي[4]. گاجي کهاوڙ سياسي لحاظ سان سرائي ڪريم بخش کهاوڙ هو جيڪو ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو ۽ ان کي انگريزن خان بهادر جو عزاز به ڏنو، جيڪوڳوٺ جي چڱو مڙس به هو پر سياسي طور به ضلعي ليول تي وڏي شخصيت هو. سرائي قربان علي کهاوڙ به سياست ۾ رهيو، جڏهن ته ان کانپوءِ سرائي گل محمد خان کهاوڙ به سياسي شخصيت آهي. سياسي طور سائين حبيب الله جو به وڏو نالو آهي. ايم آر ڊي تحريڪ دوران شهر ي کوڙ سارن جيل ڪاٽيا جن ۾ مرحوم قلندڙ بخش کهاوڙ، مکڻو کهاوڙ، ارباب علي شابراڻي، شرف شابراڻي، ممتاز ڏيپر، مرحوم شوڪت چنو، گلشير سانڀل ۽ ٻين ڪتيرن ئي ماڻهن جيل جون سختيون برداشت ڪيون. غازي گل حسن سومرو جيڪو شاعر سان گڏ سياست ۾ حصو به ورتو. غلام حسين ڀٽو سياسي سرگرميون ڪندو رهيو آهي. ڪميونسٽ نظرئي اچڻ کان اڳ ف م لاشاري ڪامريڊ عالم کوکر جيئي سنڌ قومپرست پارٽي ۾ هئا، جنهن بعد وطن دوست انقلابي پارٽي به ٺاهي ڪم ڪيو. ميان غلام نبي انڙ جي جماعيت اسلامي سان تعلق آهي. هن وقت شهر گاجي کهاوڙ کي وارهه تعلقي جو ’ٽائون‘ قرار ڏنو ويو آهي. سرائي قربان علي خان کهاوڙ ۽ سندس پٽ گل محمد خان کهاوڙ سدائين مسلم ليگ جا مڃيل ۽ سرگرم ڪارڪن رهندا آيا[4]. 2015ع جي مڪاني چونڊن ۾ مسلم ليگ کي ڇڏي پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ڪيائون ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊ کٽيائون. سرائي گل محمد خان کهاوڙ ۽ سندس پٽ ڪريم بخش خان (ثاني) پيپلز پارٽيءَ ۾ چڱي خاصي حيثيت رکن ٿا. پرويز مشرف جي دور ۾ سرائي گل محمد خان کهاوڙ جو پٽ سرائي ڪريم بخش خان يوسي گاجي کهاوڙ جو ناظم رهي چڪو آهي[4]. هتان جي هندو خاندان مان سماج سڌارڪ سيٺ ڪلياڻداس نهايت مشهور رهيو آهي[4]. هيءُ هيڻن جو همدرد ۽ غريبن جو غمخوار ۽ هڏ ڏوکي، مسڪينن جي مدد ڪرڻ وارو، نياڻين جي ڏاج ڏيڻ ۽ بيروزگارن کي روزگار ڏيارڻ وارن مان نهايت اڳرو هو[4]. پاڻ زميندار ۽ سيلر جو مالڪ هو. سندس پٽ پرڪاش ڇڏيل ملڪيت سنڀالي رهيو آهي ۽ سندس وارث پڻ آهي. سيٺ ڪلياڻداس کي ڀُنگ جي عيوض ڌاڙيلن بيگناهه قتل ڪري وڌو[4]. شهر گاجي کهاوڙ ۾ مٺو پاڻي نه هئڻ ڪري، ڪلياڻ داس پنهنجي زمين ۾، شهر گاجي کهاوڙ کان اتر طرف کوهه کڻايا ۽ پائيپ لائين وڇائي شهر کي مٺو پاڻي مهيا ڪري ڏنو. اهڙيءَ ريت اَينشي رام جو کوهه اڄ تائين مشهور آهي[4].

صحافي ۽ دانشور

[سنواريو]

گاجي کهاوڙ جي ڪلراٺي زمين ۾ ضم ٿيندڙ ناليواري صحافي ۽ ليکڪ فقير محمد لاشاري وڏو نالو آهي.[7] . فقير محمد لاشاريءَ جو واسطو هن شهر سان هو. صحافت ۾ وڏو نالو ڪمايائين. جاڳو اخبار جا ايڊيٽوريل فقير محمد لکندو هو. هُو 1999ع ۾ فوت ٿي ويو[4]. هن پنهنجڪ قلم ذريعي سنڌي ۽ سنڌين جو آواز اٿاريو آمريتي دور ۾ قلم زريعي اڳوڻي وڏي وزير ڄا۾ صادق علي کي للڪاريو. ف- م لاشاري سنڌي اخبارن ۾ جديدصحافت کي متعارف ڪرايو ۽ ايڊيٽوريل ۽ ڪالمن ذريعي سنڌ جو ڪيس وڙهيو ۽ ف، م لاشاري نوجوانن ۾ تعليم ۽ صحافت جو شعور ڏنو. ف م لاشاري صحافي شيرمحمد کهاوڙ ۽ علي گوهر کهاوڙ کي صحافت ۾ متعاف ڪرايو، جنهن بعد کوڙ سارن نوجوانن صحافت کي پروفيشنل بڻائي روزگار جو ذريعو ڳولي لڌو آهي. جنهن ۾ نور جوکيو[8] جو به وڏو نالو آهي. غلام مصطفا کھاوڙ.نجم علي کھاوڙ.شعيب احمد کھاوڙ. سجاد جوکيو، منظور جوکيو، رضوان جوکيو، عجيب کهاوڙ، اياز چنو، نور مصطفيٰ لاشاري، اختيار لاشاري، راجا سومرو، وحيد چانڊيو، الاهي بخش چنو، صفدر چنو، ارشاد شاهه، شاهد ابڙو، غلام مصطفيٰ کهاوڙ، محمد کهاوڙ، احسان لاشاري، مقبول کهاوڙ، اياز کهاوڙ، سرفراز کهاوڙ، رضوان، کهاوڙ، سڪندر چنا، اصغر ملاڻو، گلزار ، ڪريم لاشاري ۽ ٻيان ڪيترائي نوجوان صحافت جي شعبي سان سلهاڙيل آهن. بيروزگاري ۽ غربت سبب اڪثر ان جوان صحافت طرف لاڙو ڪري رهيا آهن، گاجي کهاوڙ هاءِ اسڪول جو نالو سرڪار مرحوم ف م لاشاري نالي منسوب ڪري ڇڏيو آهي.

تعليم

[سنواريو]

شهر ۾ تعليم طرف تمام گهٽ لاڙو آهي ان جو سبب غربت ۽ بيروزگاري آهي. ڇوڪرين جي تعليم 1990ع کان اڳ صرف 5 جماعت تائين پڙهائڻ جو رجحان هو پر 1991ع ۾ بوائز اسڪول[9] ۾ ڇوڪرين کي گڏ ڏڙهائڻ ڪو ايجوڪيشن جو رجحان اتان جي استاد همت علي کهاوڙ پنهنجي نياڻي فاطمه کي پڙهائي شروع ڪرائي ۽ دردر وڃي ماڻهن کي نياڻيون پڙهائڻ لاءِ زور ڀريو. 1991ع ۾ ناليواري صحافي ف م لاشاري ميئٽرڪ جي شاگردن جي الوداعي تقريب ۾ تقرير دوران اهي لفظ چيا ته مان اڄ اسڪول ۾ ڇوڪريون تعليم پرائيندي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ۽ انهن والدين کي مبارڪ ڏيان ٿو جن نياڻين کي تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي آهي ۽ خاص ڪري همت علي کهاوڙ کي مبارڪ ڏيان ٿو جنهن نياڻين جي تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو. بهرحال هاڻي سوين ڇوڪريون گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ٿي چڪون آهن. هن وقت گاجي کهاوڙ ۾ پرائمري اسڪول، مڊل بوائز اسڪول، مڊل گرلس اسڪول ۽ هڪ بوائز هاءِ اسڪول آهن، جن ۾ سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم جي زيور سان آراسته ٿي رهيا آهن[4].

آبادي

[سنواريو]

ھن شھر جي 2017ع جي آدمشماري مطابق آبادي 15,470 ھئي جيڪا 2,948 خاندانن تي مشتمل ھئي[1]. هن شهر ۾ کهاوڙن کان علاوه سيد، لاشاري، سومرا، ابڙا، سولنگي، شابراڻي، شيخ، بروهي، سانڀل، ڪوري، موچي، جلباڻي، چانڊيا، جوکيا ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو رهائش پذير آهن[4].ھن شھر جي آبادي مختلف ذاتين وارن ماڻھن تي مشتمل آهي جن مٿين ذاتين سان گڏوگڏ شامل آهن: جويا، ٻٻر، چنا، سيد، منگي سيهڙ، گڊا، بوهي، کوسا، ڇينا ، مگسي ، قريشي، سانڀل شيخ ۽ ٻيون ذاتيون.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
  2. 20 more Sindh villages flooded - Newspaper - DAWN.COM
  3. gaji khuhawar district - Google Search
  4. 4.00 4.01 4.02 4.03 4.04 4.05 4.06 4.07 4.08 4.09 4.10 4.11 4.12 4.13 4.14 4.15 4.16 4.17 4.18 4.19 4.20 4.21 4.22 4.23 4.24 4.25 4.26 4.27 4.28 4.29 4.30 4.31 4.32 4.33 4.34 4.35 4.36 4.37 4.38 4.39 4.40 [ ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جو مضمون "گاجي کھاوڙ: تحقيق ۽ تعارف" ، مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو ،1 ۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو]
  5. {گاجي کھاوڙ مضمون: دين محمد ڪلھوڙو}
  6. {ڪتاب: سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو؛ ليکڪ: پروفيسر عبدالله مگسي}
  7. فقير محمد لاشاري - جرئتمند صحافي جي ورسيء تي کيس ڀيٽا | SindhSalamat, وقت 2018-07-20 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-04-05 
  8. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-11-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-04-05 
  9. https://www.paked.net/q/detail/govt--high-school-gaji-khuhawar_16363.html