لالو رائونڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لالو رائنڪ (وارھ)
ديھ لالو رائنڪ
ديھ
Deh Laloo Raink
لالو رائنڪ (وارھ) is located in سنڌ
لالو رائنڪ (وارھ)
لالو رائنڪ (وارھ)
لالو رائنڪ (وارھ) is located in Pakistan
لالو رائنڪ (وارھ)
لالو رائنڪ (وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°30′01″N 67°54′27″E / 27.50028°N 67.90750°E / 27.50028; 67.90750مڪانيت: 27°30′01″N 67°54′27″E / 27.50028°N 67.90750°E / 27.50028; 67.90750
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 16,857


ديھ لالو رائنڪ(انگريزي: Deh Laloo Raink) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لالو رائنڪ تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880 کان 1961ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ميان نورو، ڳوٺ لالو رائنڪ، ولايت شاھ جو مقام، ڳوٺ ڊنگل ماڇي، ڌڱاڻو کٽياڻ جو مقام، بوھڙن جو مقام، ڳوٺ عرضي مرکنڊ، وڪن جو ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ لالو رائنڪ ھاڻي شھر بڻجي ويو آهي ۽ ان سان لڳولڳ بستي قيصراڻي واقع آهي، وڪن جو ڳوٺ ھاڻي خير محمد وڪو سڏجي ٿو. ديھ جي بعد ۾ قائم ٿيل ڳوٺن ۾ ڳوٺ گنھور خان مغيري ۽ ڳوٺ ساٿياڻي مغيري معروف ڳوٺ آھن.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ھني ۽ ديھ بوھڙ، اوڀر ۾ ديھ پيچوھا، اولھ ۾ ديھ ملڪاڻي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ بڪيجاڻي ۽ ديھ اصحابو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ان ديھ منجھ نصير برانچ وھندڙ آھي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 16,857 ھئي جيڪا 2,649 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]