مواد ڏانھن هلو

پوٺو

بيھڪ: 27°27′57″N 67°52′34″E / 27.46583°N 67.87611°E / 27.46583; 67.87611
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پوٺو (وارھ)
ديھ پوٺو
ديھ
Deh Potho
پوٺو (وارھ) is located in سنڌ
پوٺو (وارھ)
پوٺو (وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
پوٺو (وارھ) is located in Pakistan
پوٺو (وارھ)
پوٺو (وارھ)
پوٺو (وارھ) (Pakistan)
جاگرافي بيهڪ: 27°27′57″N 67°52′34″E / 27.46583°N 67.87611°E / 27.46583; 67.87611
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو

ديھ پوٺو (انگريزي: Deh Potho) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھه تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڪلر تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880 کان 1930ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڏاتو لاکو، ڳوٺ حاجي رب رکيو، ڦٽل ڳوٺ تنين جو، ڦٽل ڳوٺ ڳڙهي موندر لاکو، ڦٽل ڳوٺ محمد مسلم لاکو، ڦٽل ڳوٺ گرگيز، ۽ ھڪ غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. پنھور شاخ تي ھڪ بيراج بنگلو پڻ واقع ھيو. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ ٺوڙڪي چانڊيو، ڳوٺ عبدالرزاق چانڊيو ۽ ڳوٺ قاضي بروھي معروف ڳوٺ آھن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ باغ جاگير ۽ ديھ غيبي ديرو جاگير 4 ، اوڀر ۾ ديھ ڪنور، اولھ ۾ ديھ غيبي ديرو جاگير 5 ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڪلر ۽ ديھ کنڊو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان پنھور ڊسٽري وھندڙ آھي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,330 ھئي جيڪا 1,021 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]