ياروديرو
يارو ديرو (وارھ)
ديھ ياروديرو | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Yarodero | |
| Coordinates: 27°30′01″N 67°56′56″E / 27.50028°N 67.94889°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | وارھ تعلقو |
| Population (2017)[1] | |
• Total | 8,395 |
| Time zone | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
ديھ يارو ديرو(انگريزي: Deh Yaro Dero) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا وڳڻ تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1881ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ياروديرو، ڳوٺ ڦورون، ڳوٺ مياڻي آنڌل جي، ڳوٺ خدابخش مغيري واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ياروديرو، پير جو ڪوٽ، مزاري ڳوٺ ۽ بستي چڪلال واقع آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ گھٽھڙ ۽ ديھ ھني، ديھ ، اوڀر ۾ ديھ وڳڻ، اولھ ۾ ديھ پيچوھا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ حسن ھوري ۽ ديھ عبيداڻي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. يارو ديرو ۽ وڳڻ ھڪٻئي سان لڳولڳ ديھ وڳڻ ۽ ديھ ياروديرو جي دنگ تي واقع آهن. ڄڻ تہ ھڪڙو شھر ٿي چڪا آهن.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 8,395 ھئي جيڪا 1,349 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
مشھور شخصيتون
[سنواريو]مشھور سنڌي اسڪالر ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو جو تعلق ھن ديھ جي ڳوٺ ياروديرو سان آھي. سندس قبر پڻ ياروديرو واري مقام ۾ واقع آهي.