مواد ڏانھن هلو

ياروديرو

بيھڪ: 27°30′01″N 67°56′56″E / 27.50028°N 67.94889°E / 27.50028; 67.94889
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يارو ديرو (وارھ)
ديھ ياروديرو
ديھ
Deh Yarodero
يارو ديرو (وارھ) is located in سنڌ
يارو ديرو (وارھ)
يارو ديرو (وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
يارو ديرو (وارھ) is located in Pakistan
يارو ديرو (وارھ)
يارو ديرو (وارھ)
يارو ديرو (وارھ) (Pakistan)
جاگرافي بيهڪ: 27°30′01″N 67°56′56″E / 27.50028°N 67.94889°E / 27.50028; 67.94889
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو


ديھ يارو ديرو(انگريزي: Deh Yaro Dero) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا وڳڻ تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1881ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ياروديرو، ڳوٺ ڦورون، ڳوٺ مياڻي آنڌل جي، ڳوٺ خدابخش مغيري واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ياروديرو، پير جو ڪوٽ، مزاري ڳوٺ ۽ بستي چڪلال واقع آھن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ گھٽھڙ ۽ ديھ ھني، ديھ ، اوڀر ۾ ديھ وڳڻ، اولھ ۾ ديھ پيچوھا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ حسن ھوري ۽ ديھ عبيداڻي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي. يارو ديرو ۽ وڳڻ ھڪٻئي سان لڳولڳ ديھ وڳڻ ۽ ديھ ياروديرو جي دنگ تي واقع آهن. ڄڻ تہ ھڪڙو شھر ٿي چڪا آهن.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 8,395 ھئي جيڪا 1,349 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

مشھور شخصيتون

[سنواريو]

مشھور سنڌي اسڪالر ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو جو تعلق ھن ديھ جي ڳوٺ ياروديرو سان آھي. سندس قبر پڻ ياروديرو واري مقام ۾ واقع آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]