مواد ڏانھن هلو

بشارت کھاوڙ

بشارت کھاوڙ (وارھ)

ديھ بشارت کھاوڙ
ديھ
Deh Bisharat Khuhawar
بشارت کھاوڙ (وارھ) is located in سنڌ
بشارت کھاوڙ (وارھ)
بشارت کھاوڙ (وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
بشارت کھاوڙ (وارھ) is located in پاڪستان
بشارت کھاوڙ (وارھ)
بشارت کھاوڙ (وارھ)
بشارت کھاوڙ (وارھ) (پاڪستان)
Coordinates: 27°23′55″N 67°47′52″E / 27.39861°N 67.79778°E / 27.39861; 67.79778
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعوقمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقووارھ تعلقو
آبادي
 (2017)[1]
• ڪل4,717
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )

ديھ بشارت کھاوڙ (انگريزي: Deh Bisharat Khuhawar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي وارھه تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا گاجي کھاوڙ تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1935 کان 1960ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ احمد آباد، ڳوٺ مرکنڊ ۽ ان لڳ مرکنڊن جو مقام، ڳوٺ بشارت کھاوڙ، شيخن جو مقام، گاجي کھاوڙ وارو مقام، ڳوٺ ميرو ملاڻو، ڳوٺ گلھي ملا جو واقع ھيا. ھاڻي ان ديھ م ڳوٺ مائد شھيد، ڳوٺ مرکنڊ، ڳوٺ رضا محمد چانڊيو، ڳوٺ علي شير ملاڻو، ڳوٺ افضل شاھ، بشارت کھاوڙ ۽ ڳوٺ رستم لاشاري واقع آھن. تاريخي روايتن مطابق ميان گاجي خان کھاوڙ پنھنجي قبيلي جو چڱو مڙس ۽ ميان نصير احمد ڪلھوڙو جو مريد ھيو جنھن کي ڪلھوڙن وڏي جاگير ڏني ھئي. ان جي ناني جو نالو بشارت کھاوڙ ھيو جنھن کي گاجي خان ھن علائقي ۾ زمين ڏني جنھن پنھنجي نالي تي بشارت کھاوڙ ڳوٺ پڻ ٻڌايو[2] جنھن جي ڀرسان گاجي کھاوڙ واري مقام ۾ ميان گاجي خان کھاوڙ جي قبر واقع آهي.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ٿاڻو ۽ ديھ جوڻاڻي، اوڀر ۾ نصيرآباد تعلقي جي ديھ علي بھار، اولھ ۾ ديھ ڳڙھي ماڪورو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ گاجي کھاوڙ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,717 ھئي جيڪا 780 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018
  2. {ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جو مضمون "گاجي کھاوڙ: تحقيق ۽ تعارف" ، مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو ،1 ۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}