حسن ھوري
ڏيک
حسن ھوري (وارھ) ديھ حسن ھوري | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Hassan Huri | |
| Coordinates: 27°28′43″N 67°56′44″E / 27.47861°N 67.94556°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | وارھ تعلقو |
| آبادي (2017)[1] | |
| • ڪل | 835 |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
ديھ حسن ھوري(انگريزي: Deh Hassan Huri) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا وڳڻ تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود برٽش انڊيا واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ رڳو ٻہ ڳوٺ واقع ھيا جيڪي ڳوٺ ابراهيم وڳڻ ان سان لڳولڳ ڳوٺ ماڏو تونيو ھيا. ھاڻي ان ديھ جي معروف ڳوٺن ۾ ڳوٺ ملوڪ تونيو ۽ ڳوٺ خيرو خان جتوئي شامل آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ وڳڻ ۽ ديھ ياروديرو، ديھ ، اوڀر ۾ ديھ چؤديرو، اولھ ۾ ديھ عبيداڻي ۽ ديھ بند جاني ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چؤديرو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. وڳڻ نصيرآباد روڊ ھن ديھ جي وچان گذرندڙ آھي. ڪور ھاشم ڊسٽري ھن ديھ مان وھندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 835 ھئي جيڪا 141 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].