بڪيجاڻي
بڪيجاڻي (وارھ)
ديھ بڪيجاڻي | |
---|---|
ديھ | |
Deh Bukejani | |
جاگرافي بيهڪ: 27°28′54″N 67°50′40″E / 27.48167°N 67.84444°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
ديھ بڪيجاڻي(انگريزي: Deh Bukejani) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا لالو رائنڪ تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1902 کان 1954ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ موليڏنو ماڇي، گھر ميرن جا، گھر حسين ماڇي وارن جا، ڳوٺ نندو مل، ڳوٺ ورند ماڇي، ڳوٺ بڪيجاڻي ۽ ھڪ ٻيو غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ بڪيجاڻي قائم آھي باقي نوان ڳوٺ قائم ٿي چڪا آهن جن ۾ ڳوٺ فقير تاج محمد ۽ ڳوٺ محمد خان بروھي شامل آهن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ملڪاڻي، ديھ جکر ۽ ديھ لالو رائنڪ، اوڀر ۾ ديھ لالو رائنڪ ۽ ديھ اصحابو، اولھ ۾ ديھ سفير تونيو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ مڱڻيجا ۽ ديھ صفر تونيو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. وارھ لالو رائنڪ روڊ ھن ديھ مان گذرندڙ ۽ نصير واھ ھتان وھندڙ آھي. بڪيجاڻي ھن ديھ جو سڀ کان وڏو ۽ پراڻو ڳوٺ آهي جنھن جو نالو ھن تي پيل آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 8,113 ھئي جيڪا 1467 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- وارھ تعلقو
- وارھ تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون