مواد ڏانھن هلو

نواب ڪلھوڙو

بيھڪ: 27°29′20″N 67°47′06″E / 27.48889°N 67.78500°E / 27.48889; 67.78500
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نواب ڪلھوڙو (وارھ)
ديھ نواب ڪلھوڙو
ديھ
Deh
نواب ڪلھوڙو (وارھ) is located in سنڌ
نواب ڪلھوڙو (وارھ)
نواب ڪلھوڙو (وارھ)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
نواب ڪلھوڙو (وارھ) is located in Pakistan
نواب ڪلھوڙو (وارھ)
نواب ڪلھوڙو (وارھ)
نواب ڪلھوڙو (وارھ) (Pakistan)
جاگرافي بيهڪ: 27°29′20″N 67°47′06″E / 27.48889°N 67.78500°E / 27.48889; 67.78500
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو


ديھ نواب ڪلھوڙو(انگريزي: Deh Nawab Kalhoro) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا وارھ تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ

[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1934 کان 1962ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ مير محمد ڪلھوڙو، ڳوٺ رتو ڪلھوڙو، ماڇي ڳوٺ، ڳوٺ گل ٻرڙو، جتن جو ڳوٺ ۽ نواب شاخ لڳ ڳوٺ محمد علي کھاوڙ واقع ھيا. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ ڪلھوڙا ڪلھوڙو معروف ڳوٺ آھي. ان کان علاوه ڳوٺ گل ٻرڙو ھيٺيون ھن ديھ ۾ واقع آهي جڏهن تہ ان ڳوٺ جي نالي سان ديھ گل ٻرڙو جو دنگ ان ڳوٺ جي لڳولڳ واقع آهي جنھن ديھ ۾ ڳوٺ گل ٻرڙو مٿيون واقع آهي. ڳوٺ رتو ڪلھوڙو، ماڇي ڳوٺ ۽ جتن جو ڳوٺ ھاڻي غيرمعروف ٿي يا ڦٽي ويا آهن.

جاگرافي

[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڪلر ، اوڀر ۾ ديھ صفر تونيو، اولھ ۾ ديھ گل ٻرڙو ۽ ڏکڻ ۾ ديھ وارھ واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ديھ جي اتر اولھ ۽ اولھ واري دنگ سان گڏ وارھ برانچ وھندڙ آھي.

آبادي

[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,724 ھئي جيڪا 865 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]