مرزاپور (وارھ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مرزاپور جاگير
ديھ مرزاپور
ديھ
Deh Mirzapur
مرزاپور جاگير is located in سنڌ
مرزاپور جاگير
مرزاپور جاگير
مرزاپور جاگير is located in Pakistan
مرزاپور جاگير
مرزاپور جاگير
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°26′31″N 67°35′20″E / 27.44194°N 67.58889°E / 27.44194; 67.58889مڪانيت: 27°26′31″N 67°35′20″E / 27.44194°N 67.58889°E / 27.44194; 67.58889
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 2,719


ديھ مرزاپور(انگريزي: Deh Mirzapur) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا حمل تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1914 کان 1940ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ جي سروي ڪانه ٿيل ھئي. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ مرزاپور، ڳوٺ ساکاڻي، ڳوٺ مينھون خان رند ۽ ڳوٺ گاجي خان معروف ڳوٺ آھن.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ غيبي ديرو جاگير 6، اوڀر ۾ ديھ چندني جاگير ۽ ديھ ڳاڙهي جاگير، اولھ ۾ ديھ ڪوھستان ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چڪ فريدآباد، ديھ چڪ بشارت ڪاڇڙي، ديھ حمل ڪاڇڙي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ڪانہ ٿي آهي. ھن ديھ جو اڌ کان بہ وڌيڪ اوڀر وارو حصو حمل ڍنڍ ۾ شامل آھي.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,719 ھئي جيڪا 545 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]