مرزاپور (وارھ)
ڏيک
مرزاپور جاگير ديھ مرزاپور جاگير | |
|---|---|
ديھ | |
| Deh Mirzapur | |
| Coordinates: 27°26′31″N 67°35′20″E / 27.44194°N 67.58889°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
| تعلقو | وارھ تعلقو |
| آبادي (2017)[1] | |
| • ڪل | 2,719 |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
ديھ مرزاپور جاگير (انگريزي: Deh Mirzapur Jagir) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي وارھه تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا حمل تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1914 کان 1940ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ جي سروي ڪانه ٿيل ھئي. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ مرزاپور، ڳوٺ ساکاڻي، ڳوٺ مينھون خان رند ۽ ڳوٺ گاجي خان معروف ڳوٺ آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ غيبي ديرو جاگير 6، اوڀر ۾ ديھ چندني جاگير ۽ ديھ ڳاڙهي جاگير، اولھ ۾ ديھ ڪوھستان ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چڪ فريدآباد، ديھ چڪ بشارت ڪاڇڙي، ديھ حمل ڪاڇڙي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ڪانہ ٿي آهي. ھن ديھ جو اڌ کان بہ وڌيڪ اوڀر وارو حصو حمل ڍنڍ ۾ شامل آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,719 ھئي جيڪا 545 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].