آھون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آنھون
آنھون
ديھ
Deh Anhoon
آنھون is located in سنڌ
آنھون
آنھون
آنھون is located in Pakistan
آنھون
آنھون
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°19′34″N 67°47′31″E / 27.32611°N 67.79194°E / 27.32611; 67.79194مڪانيت: 27°19′34″N 67°47′31″E / 27.32611°N 67.79194°E / 27.32611; 67.79194
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو وارھ تعلقو

ديھ آنھون (انگريزي: Deh Aanhoon ) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا جوڳي تپي ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1935 کان 1957ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھي ديھ جوڳي تپي ۾ شامل ھئي ۽ ان وقت ھن ديھ ۾ واقع ڳوٺن جا نالا ڳوٺ ڪولاب آھون، ڳوٺ کھاوڙ جا ڀاڻ، ڳوٺ بالو ماڇي، لاڙن جو ڳوٺ، ڳوٺ بيبي شاھل ۽ ھڪ غيرمعروف ڳوٺ ھيا. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ بيبي شاھل جو نالو ڳوٺ مائي شاھل چانڊيو، لاڙن جي ڳوٺ جو نالو ڳوٺ لاڙ، کھاوڙ جا ڀاڻ جو نالو ڳوٺ ڀاڻ آھي. 1957 کان بعد ھڪ ڳوٺ محمد ابراهيم پنھور پڻ قائم ٿي چڪو آهي. ڪولاب آنھون پڻ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جنھن جي نالي تان آھون نالو ھن ديھ تي پيو.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ گاجي کھاوڙ، اوٻر ۾ تعلقي نصيرآباد جي ديھ کاڏھڙي ۽ ديھ جلباڻي، اولھ ۾ ديھ جوڳي ۽ ڏکڻ ۾ ضلعو دادو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ جي ڏکڻ واري دنگ تي ڌامراھ واھ وھي ٿو.

حوالا[سنواريو]

  1. www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]