چندني جاگير
چندني جاگير (وارھ) ديھ چندني جاگير | |
---|---|
ديھ | |
Deh Chandani Jagir | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°26′33″N 67°54′02″E / 27.44250°N 67.90056°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 00 |
ديھ چندني جاگير(انگريزي: Deh Chandani Jagir) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا حمل تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1893ع کان 1962ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ چندني ۽ ڳوٺ بخش ٻرڙو واقع ھيا. 1962ع تائين اھا ديھ ڪنھن بہ تپي ۾ شامل نہ ھئي پر پوء ان کي حمل تپي ۾ شامل ڪيو ويو. ھاڻي ان ديھ ۾ چندني ڳوٺ حمل ڍنڍ جي لڳ قائم آھي هن وقت ديھ جنداني جو وڏو ۾ وڏو ڳوٺ ڳڙواهڻ واھڻ ۽ محمد زمان غيبياڻي سڏجي ٿو جتي ڪٿي ڪٿي ماڻھن جا گھر پنھنجا واقع آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڳڙھي جاگير، ديھ ، اوڀر ۾ ديھ حامد واھ ۽ ديھ نانگ دڙو، اولھ ۾ ديھ مرزاپور جاگير ۽ ڏکڻ ۾ ديھ حمل ڪاڇڙي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڪل آبادي 00 ڏيکاري وئي.[1]. 1962 کان بعد ھن ديھ کي حمل تپي ۾ شامل ڪري ڍل جي وصولي جي شروعات پڻ ڪئي وئي پر 2017 جي آدمشماري ۾ ھن ديھ جي آبادي ڳڻپ ۾ ناھي اچي سگھي جنھن جو سبب انتظامي ڪوتاھي ٿي سگھي ٿو.