وارھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وارھ
سنڌ جو شھر
وارھ is located in سنڌ
وارھ
وارھ
وارھ is located in Pakistan
وارھ
وارھ
جاگرافي بيهڪ: 27°27′20″N 67°48′40″E / 27.45556°N 67.81111°E / 27.45556; 67.81111مڪانيت: 27°27′20″N 67°48′40″E / 27.45556°N 67.81111°E / 27.45556; 67.81111
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شھدادڪوٽ
تعلقو وارھ تعلقو

وارھ شھر : وارہ (انگريزي: Warah) قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جو ھڪ شھر جيڪو تعلقي وارھ جو ھيڊ ڪوارٽر يا صدر مقام آھي ھن جي نالي تي ھڪ ننڍو ڪئنال پڻ آهي جيڪو سکر بيراج کان ھن شھر طرف وھندڙ آھي ۽ ھن شھر کان اڳتي تعلقي خيرپور ناٿن شاه ۾ ان جي پڇڙ وھي ٿي . ھي شھر ضلعي جو پسمانده شھر آھي جتي مختلف ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا جن ۾ چانڊيا ، کھاوڙ مغيري ۽ ٻيون ذاتيون شامل آھن . شھر ۾ انتظامي ۽ عدالتي ادارہ ڪم ڪن پيا . مڪاني نظام ۾ تعلقہ ميونسپل ايڊمنسٽريشن موجود آهي.سال 1901ع کان وٺي اڄ تائين وارهه، تعلقي جو صدر مقام آهي. ايراضيءَ جي لحاظ کان ”اتر ۾ 27- 27 ڊگهائي ڦاڪ ۽ اوڀر ۾ 67- 51 ڊگهائي ڦاڪ ۾ آهي.“[1]

تاريخ[سنواريو]

سرائي ڪريم بخش خان کهاوڙ ضلعي لوڪلبورڊ طرفان وارهه ۾ سال 1931ع ۾ هڪ بلڊنگ ٺهرائي، جنهن تي ان وقت جا ست هزار رپيا خرچ ٿيا. هيءَ بلڊنگ ڪريم بخش خان کهاوڙ جي نالي سان سڏبي هئي. هن کي ڪريم بخش خان کهاوڙ هال به چيو ويندو هو. هيءَ بلڊنگ انگريزي اکر ( T ) جي شڪل ۾ آهي. هن جا ٽي ڪمرا آهن. وچيون ڪمرو وڏو ۽ ويڪرو آهي. باقي پاسن وارا ٻئي ڪمرا هڪ ئي ماپ جا لڳن ٿا. هن جي ورانڊي جي اندرين ڀت تي ”ڪريم بخش خان کهاوڙ هال“ جو بورڊ پڻ نصب ٿيل آهي، جيڪو سنگمرمر جو ٺهيل آهي. هن جي وچين هال جي پويان هڪ ننڍڙو ڪمرو پڻ ٺهيل آهي. هيءَ عمارت اڄ به ان پراڻيءَ حالت ۾ سالم صورت ۾ بيٺل آهي. جنهن ۾ هاير سيڪنڊري اسڪول وارهه جي انتظاميه جون آفيسون آهن . هن عمارت جي مهاڙيءَ جي وچ تي پٿر لڳل آهي، جنهن جي مٿان سال 1931ع اُڪريل آهي.[2]

نالو[سنواريو]

وارهه شهر کان ڏکڻ ۾ هڪ وڏو مقام ميان حاجي سليمان قريشيءَ جي نالي سان واريءَ جي دڙن تي اڄ به قائم آهي. مقام جي لڳ پراڻو ڳوٺ فيض محمد سوڍر وسندڙ ڳوٺ آهي. حاجي سليمان جي مقام جي اوڀر طرف رستي جي اوڀارئين پاسي تي هڪ ڀت ڏياري ويئي هئي ته جيئن ماڻهن کي اچ وڃ ۾ سولائي ٿئي. ان ڀت لاءِ چون ٿا ته اِها مرزا قليچ کڻائي هئي. هن وقت ڀت جو نانءُ نشان ڪونه آهي. هيءَ شاهي سڙڪ هوندي هئي، جيڪا وارهه کان گاجي کهاوڙ ويندي هئي. هاڻي ان سڙڪ کي پڪوڪري روڊ ٻَڌو ويو آهي. جيڪو وارهه- گاجي کهاوڙ روڊ مشهور آهي. هتان جيڪي رستا يا چارا ٺاهيا ويا، تن کي ”واري رهه“ جي نالن سان سڏيو ويو هوندو. جنهن وقت گذرڻ تي ’واري رهه‘ مان ڦِري ’وارهه‘ جي صورت اختيار ڪري ورتي هوندي. اهڙيءَ ريت ‘وارهه‘ تي وارهه نالو پيو ٿو ڀانئجي. واري رَهه جي معنيٰ آهي؛ واريءَ جا رَهه يعني واريءَ مان ٺاهيل رستا، راهون، چارا ۽ پيچرا وغيره. تحقيق جي بناءَ تي چئي ٿو سگهجي ته ’وارهه‘ جو لفظ ”واريءَ“ تان ٺهيو آهي. هِتي واريءَ جون وڏيون ڊٻون ۽ ڀٽون هونديون هيون. اڄ به واريءَ جا ڪجهه دڙا ۽ ڊٻون ان دور جي ياد ڏيارين ٿيون. ڇو ته درياهه جي هڪ شاخ هِتان وهندي هئي، اها شاخ هٽڻ کان پوءِ واريءَ جون ڀٽون ئي رهجي ويون، جنهنڪري وارهه جو بنياد پيو ٿو ڀانئجي. دين محمد ڪلهوڙو پنهنجي تصنيف: ”قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)“ ۾ وارهه جي بنياد بابت لکي ٿو ته: ”لفظ ”وارهه“ جو اصل بنياد ”واري“ آهي. واريءَ جو هجڻ پاڻيءَ جي موجودگيءَ ڏانهن اشارو آهي. هتان درياء جو ڦاٽ وهندو هو ۽ آبادي وغيره انهيءَ تي ٿيندي هئي. درياء جي انهيءَ وهڪري سُڪڻ کان پوءِ اتي واري جا دڙا ۽ ڊِٻون رهجي ويون ۽ هيءُ واريءَ وارو شهر اڳتي هلي ”وارهه“ بڻجي ويو.“[3]

حوالا[سنواريو]

  1. {ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر ]2001ع[، لاڙڪاڻو ماضي ۽ حال، صه 54 موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو.}
  2. {ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جو مضمون "گاجي کھاوڙ: تحقيق ۽ تعارف" ، مھراڻ رسالو سال 2018, شمارو ،1 ۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  3. {ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي جو مضمون ”وارهه“ جو تاريخي ۽ تحقيقي پسمنظر، مھراڻ رسالو سال 2017, شمارو 4, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}