حامد واھ
حامد واھ (وارھ) ديھ حامد واھ | |
---|---|
ديھ | |
Deh Hamid Wah | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°26′34″N 67°42′45″E / 27.44278°N 67.71250°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,749 |
ديھ حامد واھه (انگريزي: Deh Hamid Wah) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھه تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا حامد واھه تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1934 کان 1962ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ساماڻو، ڳوٺ غلام محمد، جليل جا گھر ۽ ھڪ غيرمعروف واقع ھيا. ھاڻي ھن ديھ م جليل وارا گھر ڳوٺ جليل چولياڻي ۾ تبديل ٿي ويا آهن. غيرمعروف ڳوٺ قاسم خان چولياڻي سڏجي ٿو. باقي ڳوٺ الھ رکيو چولياڻي ۽ ڳوٺ بچل خان چولياڻي واقع آھن. ھي ديھ 1962 کان پوء ڪڍي حمل تپي مان حامد واھ تپي ۾ شامل ڪئي وئي.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ گل ٻرڙو، اوڀر ۾ ديھ جوڻاڻي، اولھ ۾ ديھ چندني جاگير ۽ ڳاڙھي جاگير ۽ ڏکڻ ۾ ديھ نانگ دڙو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,749 ھئي جيڪا 321 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].